پاڪستانسنڌ

علي محمد شاهه مال ميڙڻ بدران دلين ۾ جايون ٺاهيون: نوابشاهه ۾ تقريب

نوابشاهه: سنڌي صحافت کي زندگي ارپيندڙ سيد علي محمد شاهه لڪياري کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لا نوابشاهه پريس ڪلب ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي. ان موقعي تي حق صوفي ازم ورلڊ تنظيم جي باني فقير جي ايم ڏاهري المعروف مست پروازي چيو ته علي محمد شاهه لڪياري جو وجود سراپا عشق هو، اوهان هُن کي ثقافت، صحافت يا سياست جو سرواڻ ڀلي چئو پر اسان کيس هڪ روحاني هستي سمجهون ٿا، ڇاڪاڻ ته منهنجون ساڻس راز رمز جون ڪيتريون ئي صحبتون ٿيون، هُن لاءِ انسانيت سان محبت سڀ کان عظيم فڪر هُو. حُر تحريڪ تي تحقيق ڪندڙ فقير مير محمد نظاماڻي چيو ته سيد علي محمد شاهه لڪياري جي صحبت ۽ محبت مون جهڙي اڻ پڙهيل کي به تاريخ ۽ تحقيق جي مشڪل شعبن ۾ ڪم ڪرڻ جو حوصلو ڏنو، لڪياري حُر تحريڪ ۽ انهي جي عظيم ڪردارن ماڳ مڪانن تي جيترو ڪم ڪيو اوترو سندس هم اثرن مان ڪنهن به نه ڪيو. پريس ڪلب جي صدر مشرف علي ڀٽي چيو ته علي محمد شاهه لڪياري ننڍ وڏائي جو قائل نه هو، هو نياز نڙوت جو پيڪر هُو، هُن سڄي ڄمار صرف ۽ صرف پيار محبت ورهائي. نامور اديب ۽ شاعر فياض چنڊ ڪليري چيو ته سيد علي محمد شاهه لڪياري عشق جو پيڪر هو، هُن وٽ هر مذهب هر مسلڪ ۽ هر طبقي جو ماڻهو پنهنجا ڏک سُور کڻي ايندو هو، علي محمد شاهه ان جون جهوليون خوشين ۽ مُرڪن سان ڀري ڇڏيندو هو، لڪياري سنڌ جو انچ انچ، چپو چپو گهميو ۽ نئين شين کي دريافت ڪري ان تي تحقيقي ڪم ڪيو، اهڙا ڪردار تاريخ ۾ مرڻ بدران هميشه امر رهندا آهن. سنڌي ادبي سنگت نوابشاهه جي سيڪريٽري ستار سندر چيو ته علي محمد شاهه لڪياري جيئي سنڌ تحريڪ جو سرگرم شاگرد اڳواڻ هو، جنهن سنڌ سان عشق جي پاداش ۾ عقوبتوب ۽ صعوبتون سٺيون، هُن کانپوءِ اسان سڀ مڪمل يتيم ٿي ويا آهيون، هو وڇڙيو آهي پر وسريو ناهي. سينئر صحافين بخش علي جمالي، اسماعيل ڊومڪي، پ پ اڳواڻ غلام شاهه لغاري، علي نواز چانڊيو، علي رند، ڊاڪٽر اڪبر سيال، دائود انڙ، اديب امداد رند ۽ ٻين خطاب ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button