پاڪستانسنڌ

ڪراچي ۾ ڦر دوران مزاحمت تي خيرپور واسي نوجوان قتل، نينگر زخمي

خيیرپور: خيرپور واسي نوجوان ڪراچي ۾ ڦر دوران مزاحمت تي قتل، نينگر زخمي، لاش گھر پهچڻ تي ڪهرام. خبر موجب ڪراچي جي سهراب ڳوٺ ٿاڻي جي حد لاسي ڳوٺ جي درٻار عاليه جي گهٽي ۾ ڦر دوران مزاحمت تي هٿياربندن گوليون هڻي 22 سالن جي نوجوان فياض لاشاري کي قتل ۽ نينگر فدا حسين شيخ کي زخمي ڪري فرار ٿي ويا. اطلاع تي پوليس مقتول جو لاش ۽ زخمي کي ڪراچي اسپتال منتقل ڪيو. پوليس مطابق مقتول فياض لاشاري ڪوٽڏيجي تعلقي جي ڳوٺ بھارو لاشاري جو رھواسي ھو. جڏهن ته مقتول جو لاش ضروري ڪارروائي بعد سندس اباڻي ڳوٺ بھارو لاشاري پھتو ته گھر ۾ ڪھرام مچي ويو. نوجوان جي جنازي ۾سياسي سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي، جنهن بعد کيس اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. ٻي طرف سهراب ڳوٺ پوليس قاتلن کي گرفتار نه ڪري سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button