لعل پشپ جي ان ڪتاب جو روايتي طور ڪو عنوان ناهي. ان ۾ ورهاڱي جي ڪٿا به آهي، ليکڪ جي پنهنجي زندگي جي ڪهاڻي به آهي ۽ ساڳي وقت ڀارت لڏڻ کانپو اتي پيش ايندڙ صورتحال به آهي. ليکڪ اهو فيصلو نه ٿو ڪري سگھي ته ان کي آتم جيوڻي چئي، ناول چئي يا تواريخ ۽ ٻيو ڪجھه چئي. ان ڪري ان کي هن آتم جيوڻي، ناول ۽ تواريخ لکيو آهي. مون ان کي پڙهندي جيڪو محسوس ڪيو آهي اهو هي ته اها هڪ درد جي ڪٿا آهي جنهن ۾ خاص طور تي ورهاڱي جي ڏک سان گڏ سنڌ ۾ هندن سان هڪ ڊگھي عرصي کان جيڪي ڪجھه وهيو واپريو آهي ان کي بيان ڪيو ويو آهي. ليکڪ جا ڪهاڻي، ناول ۽ تنقيد جي حوالي سان گھڻا ڪتاب ڇپيل آهن ۽ هو سنڌي جي هڪ اهم ليکڪ طور ڄاتو وڃي ٿو.
ريڪارڊ جي لحاظ کان ليکڪ جي ڄم جي تاريخ پهرين جنوري 1935 آهي پر هو پنهنجي هڪ واقف بزرگ، جيڪو لاڙڪاڻي ۾ سندن پاڙيسري هو، جي حوالي سان لکي ٿو ته هو ورهاڱي کان ست اٺ سال اڳ ڄائو هو ۽ ڪتاب ۾ به مختلف جاين تي ورهاڱي وقت پاڻ کي اٺ سالن جو ڇوڪر ڪري لکي ٿو.
اهو ته ٺيڪ آهي ته سنڌ ۾ بنگال ۽ پنجاب وانگر فساد نه ٿيا پر ساڳي وقت اها به هڪ حقيقت آهي ته هڪ ته سنڌي مسلمان نئين ملڪ پاڪستان جي ٺهڻ تي خوش هئا ۽ هرپاسي ساوا جهنڊا نظر ايندا هئا ۽ ٻيو اهو به ته انهن کي اها به خوشي هئي ته هندو لڏي ويندا ته سندن گھر ۽ مال ملڪيت کين ملندو جيڪا ڳالهه ٿي نه سگھي.
ستين صدي عيسوي ۾ مسلمانن جي سنڌ فتح ڪرڻ کانپو هندن سان ظلم زيادتي شروع ٿي ويئي ۽ آهستي آهستي انهن جو تعداد گھٽجندو ويو. خاص طور ٽالپرن جي حڪمراني جا اسي سال گھڻا سخت هئا جنهن ۾ هندن جي گھڻي تذليل ڪئي ويئي. انهن جي دولت مند ۽ معتبر ماڻهن کي به گھوڙي جي سواري جي اجازت نه هئي ۽ کين گڏهه ۽ خچر تي ويهڻو پوندو هو. اهو ڄڻ هڪ تبليغ جو دور هو جنهن ۾ ڪنهن به بهاني سان هندن کي زوري مسلمان ڪيو ويندو هو. هندن جو وڏو الميو اهو هو ته انهن راجا ڏاهر کانپو ڪو اڳواڻ پيدا نه ڪيو. ڪانگريس جي سنڌي اڳواڻن مان ڪرپلاڻي گانڌي جي ڪڇ ۾ ويٺو هو ۽ دولت رام نهرو جو پوئلڳ هو. کين سنڌ ۽ هندو سنڌين جو ڪو اونو نه هو. سيٺ نائونمل هو جنهن انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ ۾ مدد ڪري هڪ لحاظ کان هندن کي مسلمانن ۽ خاص طور ٽالپور حڪمرانن جي ڏاڍ مان نجات ڏياري. هو هڪ وڏو واپاري هو، سڄي دنيا ۾ سندس واپاري ڪوٺيون هيون. ليکڪ جو چوڻ آهي ته اڄ جي حوالي سان ڏسجي ته سندس دولت ڀارت جي هندوجا ڀائرن کان به گھڻي هئي. هو سڄي سنڌ جي هندن جي سارسنڀال لهندو هو ۽ انهن جي مالي ۽ ٻي مدد ڪندو هو.
ليکڪ هند جي انهن ترقي پسند ليکڪن، جيڪي هر وقت سنڌ جو ذڪر ڪري ڳوڙها ڳاڙهين ٿا، اهو پڇي ٿو ته سنڌ اوهان کي ڇا ڏنو. اهي جڏهين لڏي آيل سنڌين لا اهو چون ٿا ته اهي ڪانئر آهن ۽ سنڌين جان نه گھوري وطن گھوري آيا ته هو کانئن موٽ ۾ اهو پڇي ٿو ته اهي پاڻ به ته سنڌ ڇڏي آيا ۽ پنهنجي متعلق اها ڳالهه ڇو نه ٿا ڪن.
جيئن سنڌي هتي ڀارت مان لڏي آيل پناهگيرن لا چوندا آهن ته هڪ ڊگھي عرصي گذرڻ کانپو به اهي سنڌ کي پنهنجو نه ڪري سگھيا آهن ساڳي ريت ليکڪ لڏي ويل سنڌين لا به ساڳي ڳالهه ڪري ٿو ته اڌ صدي کان وڌيڪ عرصو ڀارت ۾ رهڻ ۽ گنگا، برهمپترا ۽ ڀارت جي ٻين ندين جي پاڻي پيئڻ کانپو به اهي ان ديش کي پنهنجو نه ڪري سگھيا آهن ۽ اڃا تائين سنڌ ۽ سنڌو جو راڳ ڳائيندا رهن ٿا. جيڪڏهين واقعي اوهان کي سنڌ سان ايتري محبت هئي ته پو طهر ڪرائي مسلمان ٿي وڃو ها ۽ اتي اڌ هندو اڌ مسلمان واري زندگي گذاريو ها.
ڀارت ۾ بمبئي لڏي ويل گھڻن سنڌين کي الهاس نگر ۾ فوج جي خالي ڪيل بيرڪن ۾ رهايو ويو هو. هتي شهري سهولتن جي حوالي سان نهايت خراب صورتحال هئي. ڪوئا، نانگ، وڇون وغيره جام هوندا هئا ۽ حڪومت پاران انهن جي مارڻ تي باقاعدي معاوضي جو اعلان ڪيو ويو هو. گھڻا اهڙا خاندان هئا جن جا ڪجھه ڀاتي جهاز تي چڙهڻ جي ڀڄ ڊڪ ۾ پوئتي رهجي ويا هئا. هتي شروع ۾ سرڪار پاران شرنارٿين کي کاڌ خوراڪ پهچائي ويندي هئي ۽ ٻي مالي مدد ڪئي ويندي هئي. ان سان گڏ اهڙا سرندي وارا سنڌي جيڪي اڳ ئي بمبئي ۾ رهيل هئا پڻ انهن جي مدد ڪندا هئا. ظاهر ڳالهه آهي ته اها مدد عارضي ۽ ڪجھه وقت لا هئي ۽ هميشه جاري نه ٿي رهي سگھي. ساڳي وقت اڳ جيڪو آسرو هو ته اها صورتحال عارضي هئي ۽ اهي وري پنهنجي وطن سنڌ موٽي ويندا پر وقت گڏرڻ سان گڏ اها اميد به ختم ٿيندي ويئي ۽ انهن سمجھي ورتو ته کين هميشه ان وطن ۾ ئي رهڻو هو. ماڻهن کي پاڻ پنهنجي روزي ڪمائڻ جو بندوبست ڪرڻو هو. ڪجھه اهڙا زميندار هئا جن سنڌ ۾ سڄي عمر ڪک ڀڃي ٻه نه ڪيو هو. هڪ اهڙي زميندار جو هن ذڪر ڪيو آهي جنهن پنهنجي گھر ۾ جوا جي ٽيڪري هلائڻ شروع ڪئي. ننڍن ٻارن کي گھر وارن جي مالي مدد به ڪرڻي هئي ۽ ساڳي وقت پنهنجي تعليم کي به جاري رکڻو هو. ان لا عورتون گھرن ۾ پاپڙ ۽ ٻيون مختلف شيون تيار ڪنديون هيون جيڪي اهي ٻار ڏينهن جي وقت ٽرينن ۾ وڪڻندا هئا ۽ شام ۾ اسڪول ويندا هئا. انهن جي لا ڪنهن ڪم جي شروعات ڪرڻ ڏکيو هو. ڪجھه ڪم ڪرڻ وارن ماڻهن کي هتان جي حالتن مطابق پنهنجو ڌنڌو هلائڻو هو. ڪجھه ڄڻا گڏجي ننڍي پئماني تي فوٽ پاٿ تي ميوا وغيره وڪڻڻ شروع ڪن ٿا ۽ انهن جا اگھه مارڪيٽ ۾ ٻين دوڪاندارن کان گھٽ رکن ٿا جنهن جي ڪري سندن سامان ته جلد وڪامي وڃي ٿو پر ساڳي وقت کين ٻين دوڪاندارن جي ڪاوڙ کي به منهن ڏيڻو پئي ٿو ۽ نفعو به گھٽ هجي ٿو. آهستي آهستي اهي ڌنڌي کي وڌائين ٿا ۽ فٽ پاٿ تان اٿي دوڪان خريد ڪري اتي پنهنجو ڪم ڪن ٿا.
ليکڪ جو لهجو سنڌي مسلمانن جي حوالي سان نهايت ڪڙو ۽ ڪاوڙ وارو آهي. هو لکي ٿو ته جڏهين ورهاڱي کانپو کين اهو محسوس ٿيو ته کين هندن جي ڇڏيل ورثي مان ڪجھه ناهي مليو ته انهن رڙيون ۽ شڪايتون ڪرڻ شروع ڪيون ۽ هندن سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ لڳا. جي ايم سيد به چوڻ لڳو ته مون کان غلطي ٿي ويئي. سڀ زمينون ۽ ملڪيتون ڀارت مان آيل پناهگيرن کي مليون. ايستائين ته روڊن رستن ۽ عمارتن وغيره جا نالا مٽائي انهن تي بجائي سنڌي مسلمانن جا نالا رکڻ جي پناهگيرن جا نالا رکيا ويا.
اهو ڪتاب هڪ لحاظ کان شعور جو وهڪرو آهي جنهن ۾ ليکڪ پنهنجي اندر جو درد اوتيو آهي. ان ۾ سنڌ جي تواريخ ۽ لڏي ويل سنڌين جي صورتحال جون ڪجھه جھلڪيون ملن ٿيون.