ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

تعصب جو تيزاب ۽ سنڌ جو سماج

ھڪ وقت ھو. ھڪ اھڙو وقت، جنھن کي وئي گھڻو وقت بھ نھ گذريو آھي. ان وقت ماڻھن جا ماڻھن مٿان يا قومن جا قومن مٿان يا وري ملڪن جا ملڪن مٿان مثبت اثر پوندا ھئا.

اثر کان آجي تھ ھيءَ دنيا ڪڏھن بھ نھ رھي آھي ۽ نھ رھڻ گھرجي. ھڪ ٻئي مان متاثر ٿيڻ سان اسان انساني ارتقاءَ جا ڪافي مرحلا ڪاميابيءَ سان ڪراس ڪري رھيا آھيون. ھونءَ بھ ھيءَ دنيا سکڻ سيکارڻ جو ميلو آھي. ھتي ھر ڪوئي، ھر ڪنھن کان سکي ٿو. ان حوالي سان ڪنھن ٻئي کان اثر وٺڻ ڪنھن بھ طرح سان برو ناھي. جيڪڏھن برو آهي تھ صرف برين شين کان متاثر ٿي انھن کي پنھنجي انفرادي ۽ اجتماعي زندگيءَ ۾ اپنائڻ وارو عمل!

فردن کي فردن کان سٺا گڻ سکڻ کپن. قومون بھ سکن. ملڪ بھ سکن. پر جڏھن ڪوئي ڪنھن جي غلط ۽ منفي ڳالھھ کان متاثر ٿي ان کي انفرادي يا اجتماعي طرح سان اپنائي ٿو تھ اھو ھڪ تمام وڏو الميو ھجي ٿو.

انگريزي ادب جي تاريخ ۾ شايد ڪارلائل لکيو آھي تھ “ڪلچر جي نالي ۾ ڪنين شين جي ڏي وٺ ڏاڍو ڪنو عمل آھي” اھو عمل ڪلچر جي روح کي رتوڇاڻ ٿو ڪري. سٺو ۽ سيبتو ڪلچر اھو ئي آھي، جيڪو اسان مثبت طرح سان ھڪ ٻئي کان حاصل ڪيون ٿا. دنيا ۾ ان عمل کي تمام گھڻو پسند ڪيو ويندو آھي، جنھن عمل سان قومون، قومن کان سکن ٿيون. پر اھا سکيا سٺي ھجڻ گھرجي. سٺي سکيا، سٺي سکيا آھن. پوءِ اھا سويئٽر اڻڻ يا ٻوڙ پچائڻ يا رسيءَ کي مضبوطيءَ سان ڳنڍ ڏيڻ وارو فن ئي ڇو نھ ھجي. ساڳي طرح سان جڏھن قومون قومن کان محبت ڪرڻ جو جذبو حاصل ڪن ٿيون تھ اھو عمل تمام گھڻو شاندار ھجي ٿو. جڏھن قومون قومن کان صبر، برداشت ۽ جمھوري جذبو سکن ٿيون تھ اھي پنھنجي تھذيبي اوسر ۾ اتي وڌن ٿيون. جڏھن تھ اھا انتھائي افسوس جي ڳالھھ آھي، جڏھن ڪا قوم ٻي قوم کان تعصب، نفرت، ڪوڙ ۽ ڪرپشن سکي ٿي. جڏھن اھا سکي ٿي تھ ڪمزور ماڻھن کي ڪيئن لٽي، ڦري، ھيسائي ۽ غلام بڻائي انھن مٿان حڪمراني ڪئي ويندي آھي.

دنيا ۾ ھڪ دور اھو بھ ھو جڏھن قومن تي قومن جا مثبت اثر مرتب ٿيندا ھئا پر ڪافي وقت کان وٺي اھو نوٽ ٿي رھيو آھي تھ قومون قومن کان ڪنا ۽ منفي اثر وٺي پنھنجي پنھنجي معاشري کي ان کان متاثر ڪن ٿيون. ان سلسلي ۾ تشدد جو نمبر اول آھي. ھڪ وقت اھڙو ھو، جڏھن ملڪن يا قومن جي مٿان ٻاھران حملا ٿيندا ھئا ۽ مقامي ماڻھو انھن جو گڏجي مقابلو ڪندا ھئا ۽ ان عمل ۾ بھ انھن جو پاڻ ۾ اتحاد وڌيڪ بھتر ٿيندو ھو. ھو ھڪ ٻئي جي وڌيڪ ويجھو ايندا ھئا. ھيو تھ اھو بھ تشدد پر اھو ھڪ جائز تشدد ھو. ڇو تھ ان تشدد سان قومون پنھنجي وطن، پنھنجي وجود ۽ پنھنجن نسلن کي بچائينديون ھيون. پر سڀ کان برو تشدد ۽ بنھھ ناقابل برداشت تشدد اھو آھي، جيڪو معاشري جي اندران ڪنھن ٻرندڙ جبل وانگر ڦاٽي نڪري ٿو ۽ معاشري جو مشترڪھ لھو ڪنھن لاوا جيان پگھري ھيٺ لھي ٿو ۽ ھر شيءَ کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.

معاشرن جي اندران ڦٽي نڪرندڙ اھو تشدد تنگ نظري ۽ تعصب جي پيداوار آھي. اھو گھڻو ڪري ٻوليءَ ۽ ٻوليءَ کان بھ وڌيڪ مذھب ۽ عقيدي جي حوالي سان معاشري کي رتوڇاڻ ڪري ٿو. ائين ناھي تھ انساني ماضي ان قسم جي ٽڪراءَ کان آجو رھيو آھي. اھو ڪڏھن بھ آجو نھ رھيو آھي. اسان کي تاريخ ۾ ڪيترائي فتنا ۽ فساد برپا ٿيندا نظر اچن ٿا. ساڳي مذھب سان تعلق رکندڙ مختلف فرقا بھ ھڪ ٻئي جو ايترو خون وھائڻ جا مجرم رھيا آھن، جيترو مخالف مذھب جي ماڻھن بھ نھ وھايو آھي. مذھب ۽ عقيدن جي نالن ۾ تمام گھڻيون وڇوٽيون بھ پيدا ٿيون آھن ۽ ان سلسلي ۾ مختلف ملڪ بھ وجود ۾ آيا آھن. پر پوءِ بھ ھڪ قوم جي اندر اسان کي مجموعي طور تي اھڙو مادو نظر اچي ٿو، جنھن سان اھا قوم پنھنجن فرقن ۽ تضادن کي وڏي حد تائين دٻائي، ميٺ ۽ محبت جو نئون ڪلچر پيدا ڪن ٿيون.

سنڌ کي تاريخي طور تي اھو فخر رھيو آھي تھ ھن جو پانڌ ڪڏھن بھ پنھنجي ھم وطنن جي رت ۾ عقيدي جي حوالي سان نھ پسيو آھي. سنڌ جي مٽيءَ ۾ اھا مڻيا منڍ کان وٺي رھي آھي ۽ ھن وقت سنڌ جي قديم رسمن، پراڻن پھاڪن ۽ جھوني شاعريءَ ۾ جيڪو درس ملي ٿو، اھو محبت جو ملي ٿو. ان ۾ ھڪ ٿيڻ جو ھوڪو آھي. ان ۾ ڪنھن بھ طرح سان ڪنھن نفاق جو ڪو تصور ناھي.

سنڌ ۾ مسلمانن کان اڳ ۾ ھن ڌرتيءَ تي گھڻو ڪري ٻڌ ڌرم جا پيروڪار رھندا ھئا ۽ اھي پنھنجي ھم وطن ھندن سان کير کنڊ ھئا. ٻنھي ڪا گيڙو رتا لباس ڏسي محسوس ئي نھ ٿيندو ھو تھ ڪير ڪرشن ڀڳوان جا پوئلڳ آھن ۽ ڪير گوتم ٻڌ جا بکشو آھن؟ انھن پاڻ ۾ پيار ڀريا پيچ ھئا. پر چچ جي دور ۾ جھڙي ريت راءِ گھراڻي جي خلاف سازش سٽي وئي ۽ محلاتي سازش کان پوءِ جڏھن ھندو قوتن سنڌ جي اقتدار اعليٰ مٿان قبضو ڪيو ۽ ٻڌ ڌرم جي حڪمران گھراڻن جو خون وھايو تھ سنڌ جي تاريخ ۾ اھو ھڪ تمام وڏو سانحو ٿيو ۽ ان جا اثر عرب حملي وقت پنھنجي ديس جي رکشا ڪرڻ بدران عربن جو ساٿ ڏيڻ واري صورت ۾ اسان کي ان تاريخي غلطيءَ جي قيمت ادا ٿيندي نظر آئي.

اھا تمام ڳري قيمت ھئي. پر ڏنڊ تھ ڏنڊ ئي ھوندو آھي. آخر ڏوھھ بھ تھ ڪجھھ اھڙو ھو. ھڪ تضاد سبب قوم غلام ٿئي ۽ نھ رڳو غلام ٿي وئي پر نھايت آسانيءَ سان غلام ٿي وئي. ان جا سنڌي سماج جي مٿان بعد ۾ پڇتاءَ ڀريا اثر بھ پيا ۽ اھو ئي سبب بڻيو تھ پوءِ سنڌ مذھبي منافرت جي سلسلي ۾ ڪنھن بھ قسم جو ڪو غلط لاڙو اختيار ڪرڻ جي ڪوشش نھ ڪئي. ڇو تھ ان جي قيمت گھڻي ڀرڻي ٿي پئي.

سنڌ ۾ مذھبي فرق جي باوجود بھ ھڪ اھڙو پيار ڀريو سنسار جڙي ويو، جنھن ۾ عقيدي جي بنياد تي ھڪ ٻئي کان جيئڻ جو حق کسڻ واري روايت شامل نھ ھئي ۽ ان ۾ ڪو شڪ ناھي تھ ان قسم جي ڪلچر کي پڪو ۽ پختو ڪرڻ جي سلسلي ۾ سنڌ جي صوفي فقيرن جو تمام وڏو ڪردار ھو. اسان اڄ بھ جڏھن سنڌ جي صوفي شاعري ۽ ان ۾ موجود ڪلام پڙھيون تھ اسان کي شعوري طور تي نفرت کي گھٽائڻ ۽ محبت کي وڌائڻ جو ھڪ شعوري عمل نظر اچي ٿو ۽ اھو عمل اڄ بھ اسان جي معاشري مٿان مثبت اثر وجھي ٿو.

ٻڌ ڌرم جا پيروڪار ڪڏھن نھ صرف سنڌ پر ھند ۾ بھ گھڻا ھئا پر اھي ھڪ نھايت زھريلي سازش جي ذريعي ھن سرزمين سان ڌڪيا ويا. ھندوستان ۾ تھ ٻڌ ڌرم جي پيروڪارن سان وڏا انياءَ عمل ۾ آندا ويا ھئا. اھو ظلم صرف ٻڌ ڌرم جي ماڻھن تائين محدود نھ ھو پر ھند ۾ جين ڌرم جي پيروڪارن جي پيرن ھيٺان بھ ٽانڊا ٻاريا ويا. ان کان پوءِ مسلمان ۽ ھندن جا منڍا پاڻ ۾ اٽڪيا پر اھو سڀ ڪجھھ ھند ۾ ھو. ھند ۾ اھو انياءُ روڪڻ جي لاءِ ڀڳت ڪبير وارن ڀڳتي تحريڪ بھ ھلائي پر ان جا بھ ايترا گھڻا اثر نھ پيا. پر اھا ڳالھھ تمام گھڻي فخر ۽ مسرت واري آھي تھ ان قسم جو ڪو بھ فتنو ۽ فساد سنڌ ۾ نھ ٿيو. ڇو تھ نھ صرف ھندو پر مسلمان شاعرن بھ پنھنجن ٻولن کي ٻوليءَ پھاڪن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو ۽ انھن پھاڪن ۾ صرف ۽ صرف پيار ھو. ھن وقت بھ سنڌي ٻوليءَ جي جھول اھڙي محبت جي مٺائيءَ سان ڀريل آھي. اڄ بھ اسان کي اھي ٻھھ ٻھھ ڪندڙ ٻول ملن ٿا تھ:

“ھندو ۽ مسلمان دلا ھڪ ڪنڀر جا

سڏجن ٿا تھ گھڻا ٿانوَ پر آھي مٽي ھڪ”

ان سلسلي ۾ سچل سرمست تھ مذھبي منافرت جي مٿان مستيءَ سان حملا ڪيا آھن. ان ڪري ھو لکي سگھيو آھي تھ اھي بيت جن کي پڙھي سنڌ جي پنھنجي ماضيءَ سان محبت جو احساس ڪر موڙي اٿي ٿو. سچل سرمست کان پوءِ اسان کي روحل ۽ چيزل فقيرن جي فن ۾ بھ محبت جا اھي موتي ملن ٿا. جڏھن ھو لکن ٿا تھ:

“ڪفر ۽ اسلام ۾ ٿا ڀرين ابتا پير

ھڪ ھندو ٻيو مسلمان ٽيون وچون وڌائون وير

روحل راھھ پرين جي ڪو گھمي ڏسي گھيڙ

تھ رب سڀني جو ھڪڙو، جنھن ۾ ڦند نھ ڦير”

سنڌ جي ان ڪلاسيڪل شاعريءَ جي اثر ۾ اچي سنڌ جي جديد شاعريءَ جا بھ تمام گھڻا اثر ان حوالي سان پوندا نظر آيا تھ انھن ۾ بھ پيار ھو. پنھنجائپ ھئي. انھن ۾ ڪو ويڇو نھ ھو. ان سلسلي ۾ شيخ اياز ھجي يا امداد يا اڄوڪي شاعري، اسان کي ھر ھنڌ ساڳيو سڪ ۽ محبت جي مستيءَ ڀري مئھ ڇلندي ۽ ڇلڪندي نظر اچي ٿي.

جڏھن ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ھلندڙ جنگ کي ٻن ملڪن جي سياسي مفادن بدران مذھبي رنگ ۾ رنگڻ جي ڪوشش ڪئي وئي تھ شيخ اياز ڪيتري نھ شدت سان اھو نظم لکيو ھو تھ:

“ھي سنگرام

سامھون آھي نارائڻ شيام

ھن جا منھنجا ٻول بھ ساڳيا

قول بھ ساڳيا

ڍٽ بھ ساڳيو

ڍول بھ ساڳيا

ھينئون بھ ساڳيو

ھول بھ ساڳيا

ھن تي ڪيئن بندوق کڻان مان

ھن کي گولي ڪيئن ھڻان مان؟”

شيخ اياز جي ان شعر جو آشيرواد سنڌ جي جديد شاعريءَ جي مٿان ھن مھل تائين موجود آھي.

پر وقت سدائين ساڳيو نھ ٿو رھي. ھن وقت جيڪا مذھبي منافرت ۽ نفرت پنجاب ۾ گھڻي وقت کان وٺي طوفاني ڪيفيت حاصل ڪندي نظر آئي آھي، ھاڻي ان جون ڄڀيون سنڌ جي مٿان بھ پوڻ لڳيون آھن ۽ سنڌ ۾ بھ اسان جي ھندو ڀائرن جي مٿان “بلاسفيميءَ” جا ڪيس داخل ٿيڻ لڳا آھن. اھا اسان جي روايت نھ ھئي. اھا اسان جي روايت ڪيئن ٿي سگھي ٿي تھ اسان لو ڪمار جھڙي معصوم ٻار خلاف مذھبي منافرت جو ڪيس داخل ڪيون يا داخل ٿيندي ڏسون. پر اسان کي تاريخ تمام گھڻو تلخ روپ ڏيکاري رھي آھي. ان تيزاب کان بچڻ لاءِ سنڌي ادب ۽ سنڌي سياست کي ميڊيا سان ملي ھڪ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ پوندو. جيڪڏھن اھو ڪجھھ نھ ٿيو تھ پوءِ ڪجھھ نھ رھندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button