پاڪستانسنڌ

مذهب جي جبري تبديلي ۽ شادين تي ڪنٽرول ڪيو وڃي: خيرپور ۾ سيمينار

خيیرپور: شاھه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ سماجي تنظيم پاران اقليتن جي حقن بابت هڪ ڏينهن وارو آگاهي سيمينار منعقد ڪيو ويو، جنهن جي صدارت وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو ڪئي. جڏهن ته اڳوڻو سينيٽر گيانچند خاص مهمان هو. سيمينار ۾ ڊي آءِ جي پوليس سکر جاويد احمد جسڪاڻي ۽ انساني حقن لا جاکوڙيندڙ اڳواڻ پشپا ڪماري اعزازي مهمان هئا. ان موقعي تي خطاب ڪندي پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو چيو ته پاڪستان ۾ اقليتن کي برابري ۽ وسيع موقعا حاصل آهن، پاڪستان جي جھنڊي ۾ اڇو رنگ اقليتن جي نمائندگي ڪري ٿو، اسان کي اقليتن جي حقن جي تحفظ لاءِ جدوجهد ڪرڻ گهرجي، سنڌ تصوف جو گُهوارو آهي، تصوف انساني وقار، پرامن بقاءَ جو احترام ڪري ٿو. اڳوڻي سينٽر گيانچند چيو ته پارليامينٽ ۾ به اقليتن کي نمائندگي حاصل آهي ۽ وفاقي توڙي صوبائي ڪابينا ۾ به اقليتن کي نمائندگي ڏني وئي آهي، هن زور ڏنو ته مذهب جي جبري تبديليءَ تي ڪنٽرول ۽ هندو ڇوڪرين جي جبري شادين تي ضابطو آندو وڃي. هن هندو ميريج ايڪٽ 2018 تي عملدرآمد کي حڪومت جي اقليتن جي تحفظ جو واضح مثال قرار ڏيندي چيو ته حڪومت ملڪ ۾ اقليتن کي تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. ڊي آئي جي سکر جاويد احمد جسڪاڻي چيو ته هي سيمينار اقليتن جي حقن جي واڌاري ۽ تحفظ لاءِ ڪارگر ثابت ٿيندو، مغربي سماج ۾ نسل ۽ مذهب ۾ ڊائيورسٽي آهي ڇو ته اهو معاشرو لبرل آهي، اسلام ۾ مذهب تبديل ڪرڻ لاءِ ڪا به جبر ناهي. هن چيو ته رياست سان وفاداري ضروري آهي، اسان جي ملڪ ۾ اقليتن کي آئين ۾ بنيادي حقن جي ضمانت ڏني وئي آهي. جاويد جسڪاڻي چيو ته پاڙيسري ملڪ ۾ اقليتن جي حالت افسوسناڪ آهي. پشپا ڪماري چيو ته وقت جي ضرورت آهي ته سياسي پارٽيون اقليتن جي حقن کي پنهنجي سياسي منشور ۾ شامل ڪن، هندو ميريج ايڪٽ بابت قانونسازي يونين ڪائونسل جي سطح تائين ٿي سگهي ٿي. هندو پنچائت جي مڪيش ڪمار چيو ته اقليتن جي تعليمي سهولتن ۾ واڌ ڪئي وڃي ته جيئن هو آزادي سان تعليم حاصل ڪري سگهن. سنڌ حڪومت جي اقليتي معاملن جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر رانجهن داس چيو ته اسان ضرورتمند اقليتي ماڻهن کي بنا ڪنهن فرق جي فنڊ فراهم ڪري رهيا آهيون. ناليواري اينڪر پرسن شوڪت نوناري چيو ته سنڌ امن ۽ ڀائيچاري جي ڌرتي آهي، سچل سرمست جي درگاهه ۾ اٽڪل 10 هندو دفن آهن. ايم آر ڊي او جي جنرل مئنيجر سائره سولنگي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. سيمينار ۾ استادن، آفيسرن، ملازمن، صحافين، سول سوسائٽي جي ميمبرن، شاگردن ۽ شاگردياڻين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button