پاڪستانسنڌ

ٽنڊوآدم ۾ 250 جوڙن جي اجتماعي شادي، ڏاج ڏنو ويو

ٽنڊوآدم: ٽنڊوآدم ۾ سماجي تنظيم اڏيرو لعل ويلفيئر ايسوسيئيشن پاران مقامي هال ۾ 250 جوڙن جي اجتماعي شادي ڪرائي وئي، جنهن ۾ گهوٽيتا ۽ ڪنواريتا ڄڃ وٺي هال ۾ پهتا ته دهلن شريانين سان سندن استقبال ڪيو ويو. تقريب ۾ سانگهڙ، حيدرآباد، مٽياري، ٽنڊوالهيار، مٺي، شھيد بينظيرآباد، ميرپورخاص، دادو، عمرڪوٽ، سجاول ۽ بدين ضلعن جي مختلف علائقن سميت لسٻيلو مان پهتل 100 مسلمان، 113 هندو ۽ 37 عيسائي جوڙن جي شادي ڪرائي وئي. گهوٽ ڪنوار کي وڳا، سونو ڪوڪو، روڪ رقم، هنڌ بسترا، ڪمبل ۽ گهر جو هڪ لک رپين کان وڌيڪ ڏاج ڏيڻ سميت ڄاڃين ۽ مهمانن کي ماني کارائي وئي. ان موقعي تي تنظيم جي چيئرمين بابا راجڪمار ڳالهائيندي چيو ته غربت وڌڻ سبب غريب پنهنجي اولاد جون شاديون ڪرائي نٿو سگهي، جنهن سبب ڪيترين ئي نياڻين جي عمر وڌي وڃڻ سبب انهن جون شاديون نه ٿيون ٿين، هي هڪ عظيم ڪم آھي، سرندي وارا ۽ حڪومت خير جي ڪم ۾ سهائتا ڪري ته اڃان وڌيڪ غريب جوڙن جون شاديون ڪرائي سگهجن ٿيون. تقريب ۾ صوبائي وزير گيانچند ايسراڻي، هريش ڪمار ويڌاڻي، ليلارام پريمي، توحيد احمد شاھه سميت سياسي، سماجي اڳواڻن، وڪيلن ۽ سول سوسائٽي شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button