پاڪستانسنڌ

ڇاڇرو ۾ اٽو مهانگو ٿيڻ خلاف پورهيتن ۽ شهرين جو احتجاج

ڇاڇرو: ڇاڇري شهر ۾ اٽي جو اگهه وڌڻ خلاف شهرين، مزدورن ۽ مختلف ڳوٺن جي سوين رهواسين ٻئي ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي الياس ڏوهٽ، عيدل مڱريو، پون درزي، حاڪم سنگراسي، سريس ڀيل، لقمان سنگراسي، رجب علي مڱريو ۽ ٻين چيو ته اٽي جو اگهه غريب مسڪين ماڻهن جي پهچ کان پري ٿي ويو آهي، اسان غريب ماڻهو 3 سئو کان 5 سئو رپيا ڏهاڙي ڪمائڻ وارن جا ٻار بکون ڪاٽي رهيا آهن، سنڌ سرڪار جو سستو اٽو به نه مليو، سڄو مهينو سستي اٽي پويان ڊوڙياسين، پوليس اهلڪارن تذليل به ڪئي، پر اسان کي اٽو نه مليو. اٽي جا اگهه وڌڻ باوجود سنڌ سرڪار چڪي مالڪن ۽ دڪاندارن خلاف ڪجهه نٿي ڪري. هنن گهر ڪئي ته جلد اٽي جي اگهه تي ضابطو آندو وڃي. ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي اسسٽنٽ ڪمشنر علي حيدر شيخ ۽ مختيارڪار محمد سالم سميجو چيو ته اسان اسلام ڪوٽ وڃي رهيا آهيون، وزيراعلى جي امڪاني دوري جي ڪري ڊيوٽي لڳل آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button