پاڪستانسنڌ

جسم وفد لو ڪمار جي وارثن وٽ پهتو، قانوني مدد جو اعلان

مٺي: جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو ۽ نواز شاهه ڀاڏائي جي اڳواڻي ۾ سندن پارٽي جي مرڪزي وفد گرفتار نوجوان لو ڪمار ميگهواڙ جي گهر مٺي پهچي وارثن سان ملاقات ڪئي ۽ همدردي جو اظهار ڪندي هر ممڪن ساٿ ڏيڻ جي خاطري ڪرائي، سندن وڪيلن جي پينل وارثن جي قانوني مدد ڪرڻ جو اعلان ڪيو. گرفتار نوجوان لو ڪمار جي والد پورهيت هيرو ميگهواڙ چيو ته پٽ سوا مهيني کان قيد آھي، سندس گرفتاري تي سڄو خاندان پريشان آھي. ان موقعي تي جسم چيئرمين رياض چانڊيو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسلام سلامتي ۽ تحفظ جو دين آھي، لو ڪمار پنهنجي خدا سان مخاطب ٿي ڪوبه ڏوھه ناهي ڪيو، هن معاملي ۾ سنڌ جي عالمن کي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، سنڌ ۾ هڪ ڪروڙ سنڌي هندو آباد آھن، انهن کي ڪڏهن جبري مذھب مٽائڻ ته ڪڏهن توهين مذھب جي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي انهن لا ڌرتي ٽامون بڻائي وئي آھي. هن چيو ته سنڌ جو هندو ماڻهو اسلام خلاف ڳالهائڻ جو سوچي به نٿو سگهي، اسان وٽ مذھب خطري ۾ ناهي، سنڌ خطري هيٺ آھي، جنهن جو اسان سڀني کي گڏجي تحفظ ڪرڻو پوندو. اسان نوجوان جي وارثن سان ساٿ نڀائڻ ۽ کين آٿت جو اظھار ڪرڻ آيا آھيون. هن چيو ته پ پ سرڪار جي حڪمراني واري دور ۾ سنڌي هندوئن سان زيادتيون وڌيون آھن، سنڌ مذھبي رواداري جو مثالي ۽ پرامن ديس آھي، ان کي مذھبي انتهاپسندي جي باھه ۾ ساڙڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏينداسين. هن چيو ته لو ڪمار پنهنجي درد جو اظهار پنهنجي خدا سان ڪيو، جنهن کي نشانو بڻائي قيد ڪيو ويو آھي، عالمن کي التجا ٿو ڪريان ته سنڌي هندوئن سان توهين مذھب ۽ جبري مذھب تبديل ڪرائي کين ڌرتي ڇڏڻ تي مجبور ڪرڻ وارين سازشن جو نوٽيس وٺي هندوئن جي تحفظ کي يقيني بنائڻ ۾ پنهنجو نمايان ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته اسان لو ڪمار ۽ سندس وارثن جي قانوني مدد ڪرڻ سان گڏ روڊن تي احتجاجن ۽ سندن تحفظ لا ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ جو اعلان ڪريون ٿا. هن چيو ته لو ڪمار جي بلاجواز گرفتاري بعد سنڌ سرڪار جو چھرو وائکو ٿي ويو آھي، جيڪا مذھبي رواداري ۽ لبرل هجڻ جي دعويدار رهي آھي. توهين مذھب جي ڏوهه جو تعين ڪرڻ لا هر ضلعي جي سيشن جج جي سربراهي ۾ ڪميٽي ٺھڻ گهرجي ۽ اهڙن واقعن جي جاچ ڪنهن صوبيدار بدران ايس ايس پيز پاڻ ڪن. اسان لو ڪمار جي آزادي جو مطالبو ڪريون ٿا، داخل ڪيس واپس وٺي معاملي جي اڻ ڌري جاچ ڪئي وڃي. ان موقعي تي سول سوسائٽي ۽ ميگهواڙ برادري جا معزز موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button