پاڪستانسنڌ

ديا ڀيل واقعو، فريادي پٽ ۽ ڌي کان جاچ، قاتل گرفتار نه ٿيا

سنجهورو: سنجهورو لڳ ڳوٺ ڊپٽي ۾ 4 ڏينهن اڳ انتهائي بيدردي سان قتل ٿيل عورت ديا ڀيل جا قاتل اڃا گرفتار ٿي نه سگهيا، پوليس جاچ لا ٻن ڀوپن کي گرفتار ڪري ورتو. ان سلسلي ۾ سنجهورو لڳ ڊپٽي گوٺ ۾ 4 ڏينهن اڳ هڪ 45 ورهين جي 6 ٻارن جي ما بيواهه ديا ڀيل کي قتل ڪندڙ جوابدار هٿ نه اچي سگهيا. هوڏانهن ڊي آئي جي شهيد بينظير آباد پاران واقعي تي جاج لاءِ ڊي ايس پي جاويد چانڊيو جي اڳواڻي ۾ جوڙيل جي آئي ٽي ٽيم به جوابدارن جو پتو نه لڳائي سگهي آهي. هوڏانهن پوليس ديا ڀيل جي قتل جي جاچ لاءِ سندس هڪ ڌي ۽ فريادي ٿيل پٽ سومر چند کي به جاچ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. اطلاع مليا آهن ته تعويذ ڪرڻ واري معاملي دوران سال عورت جو مڙس تلوڪ ڀيل فوت ٿي ويو هو. ذريعن موجب پوليس ٻن ڀوپن کي گرفتار ڪيو آهي. ٻئي پاسي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏي وزير مراد علي شاهه جي هدايتن کانپوءِ اقليتي معاملن وارو صوبائي وزير گيانچند ايسراڻي ڊپٽي ڳوٺ پهتو، جتي هن ديا ڀيل جي گهرڀاتين سان ڏک جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي صوبائي وزير ديا جي 13 ورهين جي ڌي مينا ڀيل کي سنڌ سرڪار طرفان 5 لک رپين جي امداد جو چيڪ ڏنو. ان موقعي تي صوبائي صلاحڪار جاويد ناياب لغاري، اقليتي اڳواڻ راجيش ڪمار هرداساڻي ۽ هندو ڪائونسل جا اڳواڻ گڏ هئا. ان کان اڳ صوبائي وزير سانگهڙ ۾ ايس ايس پي آفيس پهتو. جتي صوبائي وزير ايس ايس پي کان تفصيلي صورتحال معلوم ڪئي، ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي وزير گيانچند ايسراڻي چيو ته ديا ڀيل واقعو انتھائي افسوسناڪ آهي، جنهن جي جيتري مذمت ڪجي، اها گهٽ آهي. هن چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري معاملي جو نوٽيس ورتو آهي ۽ سندس هدايت تي ديا جي گهروارن کي پنج لک امدادي چيڪ ڏنو آهي. هن چيو ته پوليس جاچ مان مطمئن آهيان. هڪ سوال جي جواب ۾ ڳالهائيندي چيو ته ڀارت ديا ڀيل واقعي کي هوا نه ڏئي، پاڪستان ۾ جيتري آزادي اقليتن کي آهي، ان جو مثال نه ٿو ملي، ڀارت ۾ اقليتن سان ظلم ڪيو وڃي ٿو، ان جي مثال ڪٿي به نه ٿي ملي. پ پ دور ۾ اقليتن جو وڌ ۾ وڌ خيال رکيو وڃي ٿو. پاڪستان جي سرزمين تي هندو، سک ۽ مسلمان سڀ ڀائر آهيون، اسان خوش قسمت آهيون جو پاڪستان ۾ ڄاوا آهيون، ڀارت کي پنهنجي ملڪ کي ڏسڻ گهرجي. هن چيو ته ديا ڀيل جي پوسٽ مارٽم رپورٽ حتمي شڪل کانپوءِ ظاهر ڪئي ويندي، پوليس جوابدارن جي ويجهو آهي، تمام جلد جوابدار قانون جي پڪڙ ۾ اچي ويندا، پ پ متاثر خاندان سان گڏ آهي، جيتري مدد گهربل هوندي، اسان ڪنداسين، ان سلسلي ۾ وڏو وزير رابطي ۾ آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button