پاڪستانسنڌ

ڪي اين شاهه ۾ ٻارن جي ڳالهه تان جهيڙو، عورت قتل

خيرپور ناٿن شاهھ : ڪي اين شاهه ۾ ٻارن جي ڳالهه تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ عورت قتل ٿي وئي. ان سلسلي ۾ خيرپور ناٿن شاهه جي ڳوٺ لڌو گاڏهي ۾ ٻارن جي ڳالهھ تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران سر لڳڻ سبب زميران زال انور علي ايري قتل ٿي وئي، جنهن بعد جوابدار موقعي تان فرار ٿي ويو. عورت جو لاش ڪي اين شاهه تعلقي اسپتال آندو ويو، جتي ليڊي ڊاڪٽر نه هئي، جنهن بعد مڙهه دادو سول اسپتال منتقل ڪيو ويو. واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button