سنڌ

مڪاني چونڊن کان اڳ بدليون،ها ڪورٽ ڪاوڙجي پئي

سنڌ هاءِ ڪورٽ مڪاني ادارن جي چونڊن جي ٻئي مرحلي کان اڳ صوبي ۾ آفيسرن جي بدلين ۽ مقررين تي سنڌ حڪومت تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته لوڪل گورنمينٽ سيڪريٽري ڪٿي آهي؟ عدالت ۾ مڪاني ادارن جي چونڊن جي ٻئي مرحلي کان اڳ سنڌ ۾ آفيسرن جي بدلين ۽ مقررين بابت ڪيس جي شنوائي ٿي، عدالت وڏي پيماني تي بدليون ڪرڻ تي سنڌ حڪومت تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي پڇاڻو ڪيو ته لوڪل گورنمينٽ جو سيڪريٽري ڪٿي آهي؟ درخواستگذار جي وڪيل چيو ته سنڌ حڪومت سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ کي ٻين آفيسرن سميت تبديل ڪري ڇڏيو آهي. عدالت لوڪل گورنمينٽ سيڪريٽري جي بدلي تي حيرت جو اظهار ڪندي سنڌ جي چيف سيڪريٽري کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو، جڏهن ته عدالت چيو ته اسان ٽن ڏينهن کان اوهان جو انتظار ڪري رهيا آهيون، لکت ۾ جواب جمع ڪرايو، ٻي صورت ۾ سخت حڪم جاري ڪنداسين. اليڪشن ڪميشن عدالت کي ٻڌايو ته مڪاني ادارن جي چونڊن جي شيڊول جي اعلان کان پوءِ به سنڌ حڪومت بدليون ۽ مقرريون ڪيون ۽ اليڪشن ڪميشن صورتحال جو نوٽيس وٺندي سنڌ حڪومت کي ڪيترائي خط موڪليا، سنڌ حڪومت ڪجهه بدلين جا حڪم واپس ورتا آهن پر هن وقت تائين ڪيترن ئي آفيسرن جو نوٽيفڪيشن واپس نه ورتو ويو آهي. درخواستگذار چيو ته مڪاني ادارن جي چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ چونڊون 15 جنوري تي ٿيڻيون آهن، سنڌ حڪومت اليڪشن ضابطن جي مسلسل ڀڃڪڙي ڪري رهي آهي.عدالت چيو ته اهڙي صورتحال ۾ لوڪل گورنمينٽ جي سيڪريٽري کان وضاحت طلب ڪئي وڃي، جڏهن ته پبلڪ پراسيڪيوٽر چيو ته جاچ ڪري رهيا آهيون ته آفيسرن جي بدلي ڇو ڪئي وئي، لکت ۾ جواب جمع ڪرائڻ لاءِ وقت ڏنو وڃي.عدالت چيو ته ڇا ان دوران وڌيڪ مقرريون ۽ بدليون ڪرڻيون آهن؟درخواستگذار جي وڪيل چيو ته صوبي ۾ آفيسرن جي بدلين ۽ مقررين کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.جنهن جي جواب ۾ عدالت چيو ته اميد آهي ته سنڌ حڪومت هن وقت وڌيڪ بدليون نه ڪندي، عدالت ڪيس جي وڌيڪ شنوائي 4 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button