سنڌ

سنڌ جي جيلن ۾ افغان ٻار قيد ناهن،تصويرون جعلي آهن:شرجيل ميمڻ

صوبائي وزيرن شرجيل انعام ميمڻ، مڪيش ڪمار چاولا، وزيراعليٰ سنڌ جي جيلن بابت صلاحڪارن اعجاز جکراڻي ۽ ميڊيا افيئرز بابت خاص مددگار فهد هارون چيو آهي ته سنڌ جي جيلن بابت سوشل ميڊيا تي افواهه پکيڙيا پيا وڃن ۽ افغان ٻارن جون تصويرون وائرل ڪيون پيون وڃن، جنهن ۾ ڪابه صداقت ناهي، اهي تصويرون سنڌ جي ڪنهن به جيل جون ناهن. هنن چيو ته سوشل ميڊيا تي چيو ويو ته هي تصويرون لانڍي جيل جون آهن، جڏهن ته لانڍي جيل ۾ ٻارن جو وارڊ موجود ئي ناهي، پوءِ چيو ويو ته هي وومين جيل جون تصويرون آهن پر اتي به چيڪ ڪيو ويو ته خبر پئي ته هي تصويرون وومين جيل جون به ناهن. اهڙن خيالن جو اظهار هنن سنڌ آرڪائيوز ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ان موقعي تي خوراڪ کاتي جو سيڪريٽري راجا خرم شهزاد عمر ۽ ڊي آئي جي جيل خانه جات شيبا شاهه پڻ موجود هئي. اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اسان سختي سان ترديد ڪيون ٿا ته هي تصويرون سنڌ جي ڪنهن به جيل جون ناهن. هن چيو ته سنڌ ۾ 129 انڊر ٽرائل افغان عورتون ۽ 138 ٻار جيل ۾ موجود آهن. هن چيو ته ٻار گرفتار ناهن پر اهي پنهنجي والدين سان رهندا آهن، ڇوته جيل جي قانون موجب عورت قيدين کي ستن سالن تائين جي ٻارن کي پاڻ سان گڏ رکڻ جي اجازت آهي. هن چيو ته ٻارن جا والدين جيل ۾ هجن ۽ انهن کي ڪوبه سنڀالڻ وارو نه هجي ته عورتون قانون جي مطابق ٻارن کي پاڻ سان رکي سگهن ٿيون. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته غيرقانوني، غيرملڪي کي ڪنهن به ملڪ ۾ رهڻ جي اجازت ناهي، غيرقانوني، غيرملڪين کي آئين ۽ قانون مطابق گرفتار ڪيو ويندو آهي، اهو پوري دنيا ۾ قانون آهي. هن چيو ته کين گرفتار ڪري جيل ۾ پيش ڪيو ويو ۽ هاڻي هو عدالتي حڪمن تي جيل ۾ آهن. اطلاعات واري صوبائي وزير چيو ته ان کي افغان قوميت جي نظر سان نه ڏٺو وڃي، سنڌ ۾ نائيجيريا ۽ بنگلاديش جون قيدي عورتون به موجود آهن، هي قانون سمورن غيرقانوني، غيرملڪين تي لاڳو ٿيندو آهي. هن چيو ته عدالتن 24 عورتن کي ٻن ٻن مهينن جون سزائون ڏنيون آهن ۽ سندن سزائون جنوري جي پهرين مهيني ۾ مڪمل ٿي وينديون، جن کي قانون جي مطابق وفاقي حڪومت جي سهڪار سان ڊي پورٽ ڪيو ويندو . شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت جو غيرقانوني، غيرملڪين تي موقف واضح آهي ته انهن جي خلاف ملڪ جي قانون جي مطابق ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. اهڙن ماڻهن کي هتي ملڪيون وٺڻ ۽ وڪڻڻ جي اجازت ناهي. هن چيو ته جيڪڏهن غيرقانوني، غيرملڪي ڏوهن ۾ ملوث آهن ته انهن جي خلاف ميرٽ تي قانون جي مطابق ڪارروائي ڪئي ويندي، اهو نه ڏٺو ويندو ته انهن جو تعلق ڪهڙي قوميت سان آهي. ان موقعي تي ميڊيا کي ٻارن جي جيل جي وڊيوز ۽ تصويرون به ڏيکاريون ويون. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ٻارن کي جيل ۾ بهترين ماحول فراهم ڪيو پيو وڃي، کين بهترين کاڌو فراهم ڪيو ويندو آهي، ٻارن کي تعليم ۽ صحت جون سهولتون فراهم ڪيون وينديون آهن. هن ميڊيا جي نمائندن کي دعوت ڏني ته اڄ ئي پريس ڪانفرنس جي پڄاڻي تي جيلن بابت صلاحڪار سان ٻارن جي جيل جي دورو ڪن، قوم ۽ پوري پاڪستان کي ڏيکارين ته سنڌ جي جيلن ۾ ڪنهن سان به اهڙو سلوڪ ناهي ڪيو ويندو. هن چيو ته 9 ڊسمبر 2022 تي نيشنل ڪميشن فار هيومن رائٽس جي وفد چيئرپرسن رابعا جويريه آغا جي سربراهي ۾ عورتن ۽ ٻارن جي جيل جو دورو ڪيو ويو هو، جنهن ۾ انهن جيل ۾ ڏنل سهولتن ۽ ماحول جي تعريف ڪئي وئي. ان موقعي تي جيلن بابت صلاحڪار اعجاز جکراڻي چيو ته سنڌ جي جيلن ۾ قيدين کي بهترين کاڌو فراهم ڪيو ويندو آهي، جيڪو ٻين صوبن ۾ ناهي فراهم ڪيو ويندو. هن چيو ته جيڪو کاڌو قيدين کي ڏنو ويندو آهي ساڳيو ئي کاڌو جيل جي عملي کي به ڏنو ويندو آهي. ان موقعي تي سنڌ جي اٽي جي فراهمي تي ڳالهه ڪندي اطلاعات واري صوبائي وزير چيو ته هن وقت ملڪ ۾ مهانگائي جو طوفان آهي، ملڪ جي مالي صورتحال آئيڊيل ناهي پر ان جي باوجود سنڌ حڪومت عوام کي رليف پهچائڻ ۾ جيڪو بهتر کان بهتر ڪري سگهي ٿي سو ڪري پئي. هن چيو ته سنڌ حڪومت اربين روپين جي سبسڊي ڏئي حقدار خاندانن کي اڄ به 65 روپيا في ڪلو اٽو سنڌ ۾ فراهم ڪري رهي آهي. هن چيو ته سوا پنج لک خاندانن کي روزانه جي بنياد تي 15 سيپٽمبر کان اٽو فراهم ڪيو پيو وڃي، جنهن جو سلسلو مارچ تائين جاري رهندو. هن چيو ته جيڪي ماڻهو اٽو افورڊ نٿا ڪري سگهن اهي سنڌ حڪومت جي اسٽالز تان خريد ڪن. ڪراچي ۾ مڪاني ادارن جي چونڊن بابت پڇيل سوال تي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ سنڌ حڪومت چاهي ٿي ته اليڪشن وقت تي ٿين، اسان مڪاني چونڊن لاءِ تيار آهيون. هن چيو ته جيڪڏهن نوان اتحاد بڻجي رهيا آهن ته اها سٺي ڳالهه آهي، مقابلو ڪرڻ ۾ مزو ايندو. پاڪستان پيپلز پارٽي لاءِ ڪوبه وڏو چئلينج نه آهي، جيتريون به جماعتون جمع ٿيڻ چاهن ٿيون، جمع ٿين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button