پاڪستانعالمي

نريندر مودي جي ماءُ ديهانت ڪري وئي، وزيراعظم شهبازشريف طرفان ڏک جو اظهار

ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي ماءُ هيرابين 99 ورهين جي ڄمار ۾ ديهانت ڪري وئي آهي. ڀارتي ميڊيا موجب هيربين گجرات جي هڪ اسپتال ۾ علاج هيٺ هئي، جتي گذريل رات سندس حالت خراب ٿي وئي، طبي عملي نريندر مودي جي والده کي بچائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي پر سندس حياتي بچي نه سگهي. ڀارتي وزيراعظم ٽوئيٽر تي پنهنجي والده جي وفات جي تصديق ڪندي کيس خراج پيش ڪيو ۽ لکيو ته مون کي ماءُ جي هڪ ڳالهه هميشه ياد رهندي، اها آهي هوشياري سان ڪم ڪار ڪرڻ ۽ پاڪيزگي سان زندگي گذارڻ. ٻئي طرف وزيراعظم شهباز شريف ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي والده جي وفات تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button