اها ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي ته ملڪ کي ورجاءُ سان تجربيگاهه طور ڇو استعمال ڪيو وڃي ٿو. واڳ ڌڻين جي دماغ ۾ اها ڳالهه ويٺل لڳي ٿي ته چونڊيل نمائندا يا ووٽ جي طاقت ذريعي ايندڙ حڪومتون، انهن جي جهوليءَ ۾ ويهڻ جي باوجود، سندن منشا پوري نه ڪري رهيون آهن. ان ڪري انهن کي لڳاتار انهن اڻ چونڊيل ٽيڪنوڪريٽس جي ياد ستائي ٿي، جيڪي، واڳ ڌڻين جي هر ناز نخري کي کڻڻ لاءِ تيار هوندا آهن. هاڻ سوال هي آهي ته جيڪڏهن عوام جي ووٽ جي پرچي تي ايندڙ حڪومتون، جن کي ڪڏهن سويلين ته ڪڏهن جمهوري حڪومتون سڏيو ويو آهي، انهن واڳ ڌڻين جي ڪنهن به خواهش پوري ڪرڻ کان ڪڏهن انڪار ڪيو آهي؟ جيڪڏهن ڳالهه ايتري آسان آهي ته واڳ ڌڻي، سياسي پارٽين جي تنقيد ٻڌي، پنهنجي مٿي ۾ سور وجهڻ ڇو ٿا گهرن؟ ٽيڪنوڪريٽ حڪومت قائم ڪرڻ جو شوشو ڪنهن ٻئي نه پر پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان ئي ڇڏيو آهي. ٿيو ائين ته ايف بي آر جي انتهائي ناڪام اڳوڻي چيئرمين شبر زيديءَ کي اهم ڌرين بريفنگ لاءِ گهرايو ته هو ملڪي معيشت جي باري ڪجهه ٻڌائي. ائين به نه هو ته ڪو شبر زيدي واحد ماهر آهي، جنهن کي گهرايو ويو هجي، هن سان گڏ ٻيا به ڪيترائي هئا، جن کان معيشت جي حوالي سان پڇيو ويو. ممڪن آهي ته ڪي اهڙا به هجن، جيڪي ان موقعي تي موجود نه هئا، انهن سان ڪنهن ٻئي چينل ذريعي ڳالهايو ويو هجي. شبر زيديءَ جي گُجي ايتري ننڍي هئي جو، هو پنهنجي من ۾ ڳالهيون رکي نه سگهيو ۽ ايندي ئي يوٽيوبرز کي فون ڪالز ڪرڻ لڳو ۽ ڪجهه پنهنجن من پسند صحافين جي ڪن ۾به ڳالهه وڌي، پر ان سان گڏ هن اها ڳالهه عمران خان کي به ٻڌائي. عمران خان وري ترت ڪجهه من پسند صحافين کي زمان پارڪ تي سڏائي، ٽيڪنوڪريٽ حڪومت جو پنهنجي ليکي انڪشاف ڪيو.
عمران خان کي هونئن به ڪنهن نئين بيانيي جي ضرورت هوندي آهي، ان ڪري هو واڳ ڌڻين کي تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهي ته هن جا ايترا واسطا آهن، جو انهن جون سموريون ڳالهيون ٻڌي سگهي ٿو. ان حوالي سان هي انڪشاف به ٿيو ته هڪ اهم سويلين، جيڪو ڊجيٽل دنيا جو ڪنگ سمجهيو وڃي ٿو، ان عمران خان جي وزير اعظم هوندي، جيڪو ڄار وڇايو هو، ان ذريعي عمران خان کي سموري يا گهڻي معلومات ملي رهي هئي. پر هاڻ اهي خبرون به آهن ته ان کي به سگهارن حلقن پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي ۽ ان جا انڪشاف به ڊيڄاريندڙ اچي رهيا آهن. عمران خان صحافين اڳيان، واضح طور تي چيو ته هو اهڙي ڪنهن به ٽيڪنوڪريٽ حڪومت کي قبول نه ڪندا، فواد چوڌري به پريس ڪانفرنس ڪري هي تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته جيڪڏهن موجوده حڪمرانن کي هٽائي، ڪو غيرسياسي سيٽ اپ آندو ويو ته هو ان جي مزاحمت ڪندا. ان مان لڳو ٿي ته پي ٽي آءِ وارا واڳ ڌڻين جي مخالفت جي چڪر ۾پاڻ کي جمهوريت پسند ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. واڳ ڌڻين جي حوالي سان چوڻ وارا چون ٿا ته هي پهريون ڀيرو نه ٿيو ته انهن معاشي ماهرن ۽ سياسي شخصيتن کي گهرائي بريفنگ ورتي هجي. ها اها ڳالهه به درست آهي ته جڏهن پ پ جي حڪومت هئي، انهن ڏينهن ۾ اساما بن لادن جي آمريڪي ڪمانڊوز هٿان مارجڻ کانپوءِ اهم عهديدارن کي پارليامينٽ هائوس گهرائي بريفنگ ورتي وئي هئي ۽ هي اِن ڪيمرا اجلاس هو. ان هڪڙي مثال کي ڇڏي هاڻ سمورا “سياسي ۽ معاشي اڪابر” پير ڀري بريفنگ ڏيڻ لاءِ ويندا آهن. انهن جي ان روش مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هو توڙي جو ڪنهن جي اکين جا تارا آهن، پر هنن جو استعمال جنهن طريقي سان ٿي رهيو آهي، ان تي سوال اٿاريا وڃن ٿا. اها ڳالهه به ڪيترن کي ياد هوندي ته جنهن ويل سنڌ ڄائي، حفيظ شيخ کي ڪراچي هوائي اڏي تان پروٽوڪول ۾ اسلام آباد نيو ويو هو، ان وقت اهي افواهه هئا ته عمران خان جي ته موڪل ٿي وئي آهي، ان ڪري واڳ ڌڻي، ٽيڪنوڪريٽس، جن کي Antics يا Rare سڏيو ويندو آهي، انهن کي ٻيهر گڏ ڪري، انهن تي ٻڌل ڪو نئون سيٽ اپ قائم ڪرڻ گهرن ٿا، پر ائين نه هو. انهن کان رڳو بريفنگ وٺڻي هئي، ان کانپوءِ تبديليءَ جو عمل شروع ڪيو ويو. هينئر به هي شوشو ڇڏيو ويو آهي ته پاڪستان، ٻيو سريلنڪا ٿي رهيو آهي، ان ڪري ٽيڪنوڪريٽس حڪومت قائم ڪرڻ لاءِ تياريون ڪيون پيون وڃن.
اها ڳالهه سڀ سمجهن ٿا ته جنهن ملڪ کي سياسي قيادت سنڀالي يا هلائي نه سگهندي آهي، ان کي ناڪام رياست سڏيو ويندو آهي ۽ اهڙين رياستن کي ڪوبه هلائي نٿو سگهي، جيڪي سمجهن ٿا ته انهن وٽ ڏاهپ جا واهڙ وهن ٿا، اهي به اهڙن ملڪن کي سنڀالي نٿا سگهن. ان جا هڪ نه پر تمام گهڻا مثال موجود آهن. اسان جي پاڙيسري ملڪ بنگلاديش ۾ جنهن وقت سياسي ڇڪتاڻ عروج تي پهچي وئي ته اتي ٽيڪنوڪريٽ حڪومت ته قائم ٿي وئي، پر اها به ڊگهي عرصي تائين هلي نه سگهي. ملڪ جي چيف جسٽس جي سربراهيءَ ۾ هي سيٽ اپ قائم ٿيو هو. اسان وٽ ته موجوده چيف جسٽس هجي يا وري ڪو اڳوڻو، ان کي ڪابه سياسي پارٽي قبول ڪرڻ لاءِ تيار نظر نٿي اچي ته هو ملڪ تي حڪمراني ڪن. اهڙي صورتحال ۾ نئون سيٽ اپ ڪيئن قائم ٿيندو؟
هي سمورا شوشا شايد ان ڪري به ڇڏيا ويندا هجن ته جيئن اهو تاثر ڏئي سگهجي ته نئين اسٽيبلشمنٽ، موجوده اتحادي حڪومت کي پسند نٿي ڪري. پهرين ڳالهه ته ڪنهن جي پسند يا ناپسند سان ته حڪومت قائم نه ٿيندي آهي. هي سيٽ اپ جنهن جي آشيرواد سان قائم ٿيو، ان پهريان عمران خان کي به ملڪ تي مڙهيو هو. اها ڳالهه ان ڪري چئي وڃي پئي ته عمران خان کي 2018ع جي چونڊن ۾ جنهن طريقي سان اقتدار ۾آندو ويو، ان تي ڏيهه توڙي پرڏيهه مان جيڪي به مبصر يا سياسي اڳواڻ آيا، انهن سواليا نشان لڳايا هئا. ان کانپوءِ ان چئن سالن دوران جيڪي ڪجهه ڪيو، اهو به سڀني جي سامهون آهي. جيڪڏهن واڳ ڌڻي، موجوده سيٽ اپ کي قبول نٿا ڪن يا نئين متبادل جي ڳولا ۾ آهن ته هي سڀ ڪجهه ممڪن آهي، پر ان لاءِ بهتر حل ته نيون چونڊون ٿي سگهن ٿيون، جيڪا ڳالهه عمران خان کي به قبول هوندي.
نئين ٽيڪنوڪريٽ سيٽ اپ جي حوالي سان جيتريون ڳالهيون ٿي رهيون آهن، انهن جي جواب ۾ حڪومتي ڌريون توڙي ڪي ماهر سڏرائيندڙ، وري جوابي سوال ڪن ٿا ته ڇا ملڪ جي آئين ۾ اهڙي حڪومت جي گنجائش آهي؟ بقول انهن جي ته آئين ۾ رڳو نگران سيٽ اپ جي گنجائش آهي، جيڪو نوي ڏينهن تائين قائم رهي سگهي ٿو. انهن سڀني کان هي سوال آهي ته ڇا هن ملڪ ۾، ڪڏهن ڪو سياسي يا غيرسياسي سيٽ اپ سياسي پارٽين جي مرضيءَ سان قائم ٿيو آهي؟ ڇا ملڪ ۾ ڊگهي عرصي تائين لڳندڙ مارشل لائون آئين مطابق هيون؟ ڇا پرويز مشرف جي ايمرجنسي به آئين مطابق هئي؟ ڇا جن آمريتن کي ملڪ جي اعليٰ عدالت نه صرف جائز قرار ڏنو هو، پر انهن کي آئين ۾ ترميمن جو به اختيار ڏنو ويو هو، ان بابت ڪنهن کان راءِ ورتي وئي هئي؟ جيڪڏهن انهن سوال جا جواب نهڪار ۾ آهن ته طاقتور ڌريون چاهين ته اهي آئيني رستو اختيار ڪري سگهن ٿيون، پر جيڪڏهن هو آئين کي اورانگهين ته انهن کي روڪڻ واري ڪهڙي قوت آهي؟ يقين سان سياسي توڙي جمهوري ادارا ايترا ڪمزور آهن، جو هو ڪنهن به اهڙي قوت جي رستا روڪ ڪري نٿا سگهن. هي سڀ ڪجهه ان ڪري ٿيو آهي ته اسان جون سياسي پارٽيون، جمهوري طريقي سان اقتدار ۾ نه اينديون رهيون آهن. ان سان گڏ واڳ ڌڻين ۾ اهڙا چور رستا متعارف ڪرايا آهن، جن ذريعي اچي ايوانن تي قبضو ڪري سگهجي ٿو.
ان تي ٻه رايا ناهن ته ملڪ جي آئين ۾ ذڪر هيٺ ايندڙ ڪنهن به ٽيڪنوڪريٽ حڪومت جي گنجائش ناهي. پر هي سوال به آهي ته ڇا جيڪڏهن اهڙو سيٽ اپ قائم ٿي وڃي ٿو ته اهو ملڪي مسئلن کي حل ڪري وٺندو؟ ملڪ جو معاشي بحران هٿرادو نه پر حقيقي آهي. عالمي مالياتي ادارا اهڙي ڪنهن به سيٽ اپ جي پٺي ڪيئن ٺپيندا، جنهن جي ڪابه آئيني ۽ قانوني حيثيت نه هوندي. جيڪڏهن اهي اهڙي سيٽ اپ کي “فوجي ماڊل” طور قبول به ڪري وٺن ته دنيا جا اهڙا ڪهڙا ملڪ يا ادارا هوندا، جيڪي پنهنجن مفادن کان سواءِ حمايت ڪندا؟ اسان ماضي ۾ ڏٺو ته گهڻو ڪري افغانستان ۾ ڏيهي توڙي پرڏيهي مداخلت جي نتيجي ۾ فوجي راڄ قائم ٿيا، جن معرفت جنرل ضياءَ کان وٺي پرويز مشرف تائين ڊالرن مان فيضياب ٿيندا رهيا. هينئر ته اهڙي صورتحال به ناهي. هينئر هن خطي ۾ نه ئي آمريڪا، نڪي وري روس يا ڪنهن ٻي عالمي قوت جا مفاد خطري ۾ آهن، جو انهن کي ايڏي وڏي پيماني تي مداخلت ڪرڻي پئي. ان ڪري اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي ته ٽيڪنوڪريٽ حڪومت جو قيام ڪنهن سراب کان گهٽ ناهي. جيڪڏهن هي شوشو رڳو، ان ڪري ڇڏيو ويو ته ڪو بيانيو جوڙي سگهجي يا وري اهو تاثر ڏجي ته واڳ ڌڻي موجوده حڪمرانن جو متبادل ڳولي رهيا آهن ته پوءِ هي هن سال جو وڏو ڀوڳ ئي ٿي سگهي ٿو، جنهن تي والٽيئر ۽ افلاطون به ٽهڪ ڏئي سگهن ٿا.