پاڪستانسنڌ

129 افغان عورتن کي سزا پوري ٿيڻ بعد ڊي پورٽ ڪيو ويندو: شرجيل ميمڻ

ڪراچي: سنڌ جي سڌ سماءَ واري صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جو چوڻ آهي ته ڪراچي جي وومين جيل ۾ 129 افغان غيرقانوني عورتون قيد آهن، جن کي 2 مهينا قيد جي سزا پوري ڪرڻ کانپوءِ وطن واپس موڪليو ويندو. پنهنجي هڪ بيان ۾ شرجيل ميمڻ سوشل ميڊيا تي جيلن ۾ قيد افغان عورتن ۽ ٻارن جي وائرل ٿيل تصويرن کي جعلي قرار ڏيندي چيو ته اهي تصويرون سنڌ جي ڪنهن به جيل جون ناهين.

صوبائي وزير چيو ته ڪراچي جي وومين جيل ۾ 129 افغان عورتون قيد آهن، افغان عورتن سان گڏ سندن 178 ٻار به جيل ۾ آهن، جيڪي قيدي نه آهن. صوبائي وزير اهو به چيو ته قانون موجب 7 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن کي قيدي مائرن سان گڏ رکڻ لازمي آهي، اهڙين عورتن کي ٻه مهينا قيد جي سزا مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ملڪ بدر ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button