پاڪستانسنڌ

اين اي ڊي يونيورسٽي شاگرد جي قتل ۾ ملوث جوابدار مقابلي ۾ مارجي ويو

ڪراچي: وفاقي اردو يونيورسٽي ويجهو اين اي ڊي يونيورسٽي جي شاگرد جي قتل ۾ ملوث گهربل جوابدار مقابلي ۾ مارجي ويو، جڏهن ته سندس ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. ڇنڇر ڏينهن صبح سوير عزيز ڀٽي پوليس ڳجهي اطلاع تي اين اي ڊي يونيورسٽي جي شاگرد جي قتل ۾ ملوث جوابدار کي گرفتار ڪرڻ لاءِ وفاقي اردو يونيورسٽي ويجهو ڇاپو هنيو ته جوابدارن پوليس تي فائرنگ شروع ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ جوابدار مارجي ويو. جڏهن ته سندس ساٿي موقعي تان فرار ٿي ويو.

ان حوالي سان عزيز ڀٽي پوليس جو چوڻ آهي ته مقابلي ۾ مارجي ويل جوابدار جي سڃاڻپ جمعا خان عرف لالي پٽ شاهه محمد طور ٿي آهي، جوابدار جي قبضي مان 30 بور جو پستول هٿ ڪيو ويو آهي. مارجي ويل جوابدار جمالي ڳوٺ جو رهواسي ۽ مطلوب ڏوهاري هو. پوليس اختيارين دعويٰ ڪئي آهي ته مقابلي ۾ مارجي ويل جوابدار جمعا خان عرف لالي اين اي ڊي جي شاگرد جي قتل ۾ ملوث ۽ انتهائي گهربل هو ۽ شهرين کان ڦر ڪرڻ جي واقعن ۾ به ملوث هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button