پاڪستانسنڌ

750 برطرف ويڪسينيٽرن هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ 750 برطرف ويڪسينيٽرن درخواست داخل ڪري ڇڏي. درخواستگذارن جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته حڪومت ويڪسينيٽرز کي 2021ع ۾ ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ڪيو، قانون موجب ڀرتي ڪيل ملازمن کي برطرف نٿو ڪري سگهجي. درخواستگذار جي وڪيل وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ اڃا به ڪرونا وائرس پکڙجڻ جو خطرو آهي. درخواستگذار جي وڪيل عدالت کي استدعا ڪئي ته حڪومت کي ڪانٽريڪٽ ويڪسينيٽرز کي برطرف ڪرڻ کان روڪيو وڃي. سنڌ هاءِ ڪورٽ درخواست تي صوبائي ۽ وفاقي حڪومت، پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪندي ڌرين کان 17 جنوري تي جواب طلب ڪري ورتو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button