پاڪستانسنڌ

ڪراچي ۾ ڦر مزاحمت تي هڪ ٻيو نوجوان شاگرد قتل

ڪراچي: ڪراچي ۾ ڦر دوران مزاحت ڪرڻ تي هٿياربندن هٿان هڪ ٻيو نوجوان شاگرد مارجي ويو. جمعي ۽ ڇنڇر جي وچ واري رات نارٿ ڪراچي سيڪٽر 8 جي گهر نمبر آر 179 سر سيد ٿاڻي جي ويجهو نامعلوم هٿياربندن ڦر دوران مزاحمت تي فائرنگ ڪري فرار ٿي ويا. فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ نوجوان سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي فوري طور تي عباسي ۽ بعد ۾ اسٽيڊيم روڊ تي واقع نجي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي زخمي نوجوان علاج دوران فوت ٿي ويو. مقتول نوجوان جي سڃاڻپ 30 ورهين جي جهانگير سهيل جي نالي سان ٿي آهي، مارجي ويل نوجوان گهر نمبر آر 179 سيڪٽر 8 نارٿ ڪراچي جو رهواسي هو ۽ اقراءَ يونيورسٽي ۾ بي بي اي ڇهين سيمسٽر جو شاگرد هو ۽ شادين جي تقريبن ۾فوٽوگرافي پڻ ڪندو هو.

ان حوالي سان ايس ايڇ او شاهد تاج جو چوڻ هو ته مقتول نوجوان هڪ تقريب مان تصويرون ڪڍي گهر واپس وڃي رهيو هو، جڏهن هو گهر جي چوڪ تي پهتو ته هٿياربند جوابدار به سندس تعاقب ۾ اچي ويا ۽ هٿياربند مقتول نوجوان کان ٿيلهو ڦري ويا. بيگ ۾ ڪيمرا ۽ ٻيو قيمتي سامان هو، جنهن تي نوجوان مزاحمت ڪندي زمين تي پيل پٿر کڻي هٿياربندن کي هنيا جنهن تي جوابدارن انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري فرار ٿي ويا. فائرنگ جي نتيجي ۾ نوجوان جسم جي پٺيءَ ۾ 2 گوليون لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي عباسي شهيد اسپتال بعد اسٽيڊيم روڊ تي واقع نجي اسپتال نيو ويو، جتي ڊاڪٽرن سندس موت جي تصديق ڪري ڇڏي، پوليس واقعي واري هنڌ تان 9 ايم ايم پستول ۽ 30 بور پستول جا 3 خول ۽ 8 گوليون هٿ ڪيون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button