پاڪستانسنڌ

ڪير مڃي يا نه، خالد مقبول ايم ڪيو ايم جو سربراهه آهي: وسيم اختر

ڪراچي: ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڊپٽي ڪنوينر وسيم اختر جو چوڻ آهي ته ڪير مڃي يا نه مڃي، خالد مقبول صديقي ايم ڪيو ايم جو سربراهه آهي، جيڪو به اچڻ چاهيندو سندس قيادت ۾ ايندو. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي وسيم اختر چيو ته جيڪڏهن ڪو ٻي پارٽي مان ايم ڪيو ايم ۾ اچي ٿو ته ان کي اسان جي پارٽي جي اصولن تي عمل ڪرڻو پوندو. هن چيو ته اڄ فواد چوڌري اسان کي غنڊن جي پارٽي سڏي ٿو، عمران خان انهن ئي غنڊن جي پارٽي جا 7 ووٽ کڻي وزيراعظم ٿيو هو. جيڪڏهن پارٽي ڇڏيندڙ ماڻهو پنهنجي پارٽي کي مضبوط ڪرڻ چاهين ٿا ته ان ۾ ڪهڙو حرج آهي؟ باني ايم ڪيو ايم جي بائيڪاٽ ڪرڻ جو فائدو ڪنهن کي ٿيو؟.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button