پاڪستانسنڌ

وڏي وزير ڪراچي ۾ ٻيلهه سواري تي لڳايل پابندي ختم ڪري ڇڏي

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نئين سال جي آمد تي ڪراچي ۾ موٽرسائيڪل جي ٻيلهه سواري تي لڳايل پابندي ختم ڪري ڇڏي آهي. وڏي وزير پنهنجي بيان ۾ چيو ته اميد آهي ته شهري پابندي ختم ڪرڻ واري قدم جو احترام ڪندا، نئين سال جو جشن ملهائڻ وقت هوائي فائرنگ کان پاسو ڪيو وڃي. صوبائي وزير شرجيل ميمڻ به چيو آهي ته شهري نئين سال جو جشن ملهائي سگهن ٿا، شهرين کي درخواست آهي ته هوائي فائرنگ، روڊ بلاڪ ڪرڻ ۽ ون ويلنگ کان پاسو ڪيو وڃي. شرجيل ميمڻ چيو ته شهرين جو تحفظ اسان جي پهرين ترجيح آهي. ان کان اڳ ڪراچي انتظاميا شهر ۾ ٻن ڏينهن لاءِ موٽرسائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button