
پاڪستاني ڪرڪيٽر ڪامران اڪمل چيو آهي تھ ٽنهي فارميٽس ۾ ڪپتان بابراعظم سڀني جو آئيڊيل آهي، تنهنڪري مٿس گهڻو زور نھ وجهڻ گهرجي ۽ بار گهٽائڻ خاطر جيڪڏهن ون ڊي جي ڪپتاني ڇڏي ڏئي تھ ان تي فرق نھ پوندو. هن چيو تھ نيوزيلينڊ خلاف اننگز ڊڪليئر ڪرڻ بهادراڻو فيصلو ناهي.