“پاڪستان ٽيڪنوڪريٽ حڪومت جي طرف وڌي رھيو آھي” ان گشي (Gossip) ملڪي ميڊيا ۾ ايترو شور پيدا ڪيو جو عمران خان ۽ ھن جي پارٽيءَ کي بھ پنھنجي طرفان ردعمل ڏيڻو پيو ۽ اھو چوڻو پيو ھو تھ ھو ڪنھن بھ صورت ۾ اھڙي حڪومت کي قبول نھ ڪندا. جڏھن تھ ملڪ جي آئين ۾ اھڙي ڪنھن بھ سيٽ اپ جي لاءِ ڪا بھ گنجائش موجود ناھي. ملڪ ۾ ٽيڪنوڪريٽ حڪومت صرف ھڪ صورت ۾ اچي سگھي ٿي ۽ اھا صورت ھن وقت افورڊ ڪرڻ تمام مشڪل آھي. ڇو تھ ملڪي، علائقائي ۽ خاص طور تي عالمي حالتون اھڙي ڪنھن بھ ايڊوينچر جي اجازت نھ ٿيون ڏين تھ ملڪ جي مٿان آمريت کي نافذ ڪجي. آئين معطل ڪجي. ادارن کي بي طرف ۽ بي اثر بڻائجي. ان سان جيترو بحران ٿيندو، ان جو تصور ڪرڻ بھ مشڪل آھي. ھونءَ بھ ھن ملڪ جي ڀيٽ ميانمار سان ڪري نھ ٿي سگھجي.
پاڪستان جي نئين آرمي چيف چيو آھي ۽ بلڪل صحيح چيو آھي تھ ملڪ نازڪ موڙ تان گذري رھيو آھي. ملڪ جو نازڪ موڙ تاڻ گذرڻ جو حوالو صرف اقتصادي پسمنظر ۾ نھ ڏسڻ گھرجي پر پاڪستان ۾ وري ڪر کڻندڙ دھشتگردي بھ تمام وڏو مسئلو آھي. ان کان سواءِ ملڪ ۾ ھڪ عجيب قسم جي بحراني ڪيفيت آھي. ماڻھن ۾ مايوسي آھي. ڪاوڙ آھي. مھانگائي جھڙي طرح عام ماڻھوءَ کي متاثر ڪري رھي آھي، ان سان رياست ۽ عوام جو رشتو جھڙي طرح متاثر ٿي رھيو آھي، ان تي انھن قوتن کي تشويش ڪيئن نھ ھوندي، جن جا مفاد ملڪ سان سلھاڙيل آھن.
پاڪستان ۾ ٽيڪنوڪريٽ سيٽ اپ جي کيچل ان ڪري بھ ممڪن ناھي جو فوج ھڪ ڀيرو نھ پر ڪيترائي دفعا اھو عزم ورجائي چڪي آھي تھ ھاڻي ھوءَ سياست ۾ مداخلت نھ ڪندي. جيڪڏھن فوج سياست ۾ مداخلت نھ ڪرڻ واري واعدي تي قائم رھندي تھ پوءِ ھن ملڪ ۾ آخر اھا ڪھڙي قوت آھي؟ جيڪا ملڪ جي دستور کي بي عمل بڻائي! پاڪستان کي جيترا بھ نقصان پيا آھن، انھن جي جڙ انھن غلطين ۾ آھي، جن غلطين جو بنياد آمريت آھي. پاڪستان جيڪڏھن منڍ کان وٺي آزاد ۽ جمھوري رستي جو مسافر ھجي ھا تھ ھن وقت پاڪستان لاءِ ڪنھن بھ قسم جي پريشاني نھ ھجي ھا. ان حقيقت کي ھن وقت ملڪ جو عام ماڻھو بھ سمجھي رھيو آھي. ان ڪري ھن سوشل ميڊيا جي ڇڙواڳ دور ۾ ملڪ جي مٿان غيرآئيني سيٽ اپ لاڳو ڪرڻ جو خيال بھ خطرناڪ آھي.
حڪومت جنھن حال ۾ ھلي رھي آھي، ان حال کي “بي حال” چوڻ ئي مناسب محسوس ٿي رھيو آھي. ڇو تھ ھيءَ حڪومت ڪنھن بھ معاملي تي اثرانداز ٿي نھ سگھي آھي. ھيءَ حڪومت ان اٺ پکيءَ جھڙي آھي، جيڪو طوفان ۾ پنھنجو منھن واريءَ ۾ وجھي پاڻ کي اھو دوکو ڏيڻ پسند ڪندو آھي تھ ٻاھر ڪو بھ طوفان ڪونھي. جڏھن تھ پوري رڻ ۾ طوفان جو رڙيون ھونديون آھن ۽ واريءَ جا پھاڙ طوفان جي شدت سبب بار بار منتقل ٿيندا آھن پر ان جي اٺ پکيءَ کي ڪا پرواھھ نھ ھوندي آھي. ھن جي بي پرواھيءَ جو سبب ھن جي بھادري نھ پر ھن جي اڻ ڄاڻائي ۽ ھن کي پوري پروڙ نھ ھجڻ واري حقيقت ۾ ھوندي آھي. ھن حڪومت پنھنجو مٿو واريءَ ۾ وجھي ڇڏيو آھي ۽ طوفان کان بي تعلق بڻجي وئي آھي. ھاڻوڪن حڪمرانن جي اھڙي روش جو سبب اھو ئي آھي، جيڪو عمران خان حڪومت وڃڻ کان پوءِ شد مد سان پيش ڪندو رھيو آھي. عمران خان جو اصرار آھي تھ ھي حڪمران صرف پاڻ کي احتساب کان بچائڻ لاءِ اقتدار ۾ آيا آھن. ڇو تھ جھڙي طرح مسلم ليگ ن ۽ پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻن مٿان داخل ٿيل ڪيس ختم ۽ نرم ٿي رھيا آھن ۽ جھڙي ريت انھن کي قانوني رعايت ملي رھي آھي، اھا سڀني جي سامھون آھي پر ان سان جيڪو نقصان نواز ليگ کي پھچي رھيو آھي، ان جو احساس صرف ان حلقي کي آھي، جنھن سوچيو ھو تھ نواز شريف جي سياست پاڪستان ۾ ھڪ اھم ڪردار ادا ڪندي.
نواز شريف جي پارٽي جنھن سياسي ۽ نفسياتي بحران مان گذري رھي آھي، ان جو منطقي نتيجو عمران خان جي حق ۾ آھي. پر اھا بھ حقيقت آھي تھ عمران خان کي اقتدار جي ايتري تڪڙ آھي جو ھن وقت بھ ڪنھن طرح سان شارٽ ڪٽ جي طرف ان وقت بھ تڪي رھيو آھي، جنھن وقت عام چونڊن ۾ گھڻو وقت نھ بچيو آھي. عمران خان جي اھا ضد ھئي تھ چونڊون 2022 ۾ ٿين. ھن جي خواھش ھئي تھ جيڪڏھن چونڊون 2022 ۾ نھ ٿيون ٿين تھ گھٽ ۾ گھٽ 2022 ۾ نين چونڊن جو اعلان ئي ٿئي. پر ھي ملڪ بنا چونڊن جي 2023 ۾ داخل ٿي ويو ۽ جيڪڏھن ھاڻي عمران خان ٻھ مھينا اڳ ۾ چونڊون ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿو تھ اھڙي ڪاميابيءَ جو ھن کي ڪھڙو فائدو ٿيندو؟
عمران خان ھاڻي ملڪ جي سياسي سر کي سمجھي ويو آھي، ان ڪري ھو استعفائن واري معاملي تان بنا اعلان جي عملي طور تي يوٽرن وٺي چڪو آھي. ھاڻي ھو پنجاب اسيمبليءَ کي جلدي ٽوڙڻ ۽ ملڪ کي چونڊن طرف موڙڻ بدران اھو ئي ڪجھھ ڪري رھيو آھي، جيڪو ڪجھھ ھن کي اڳ ۾ ڪرڻ کپندو ھو. ھو مھانگائيءَ خلاف تحريڪ ھلائڻ جي بھاني سان اصل ۾ پنھنجي چونڊ مھم ھلائي رھيو آھي. عمران خان کي پھرين کان وڌيڪ ۽ آزاد اقتدار گھربل آھي. جيڪڏھن ھو پنھنجي پوئين مينڊيٽ کان وڌيڪ جي خواھش رکي ٿو تھ ھن کي تياري بھ تھ ايتري ڪرڻي پوندي. ملڪي چونڊن ۾ ھڪ ننڍي پارٽيءَ لاءِ پنھنجن اميدوارن جي چونڊ ڪو وڏو مسئلو نھ ھوندي آھي پر عمران خان جي پارٽي جنھن ماحول مان گذري رھي آھي ۽ جھڙا تجربا ھن کي حاصل ٿيا آھن، انھن جي روشنيءَ ۾ نئين حڪمت عملي ٺاھڻ ۽ ٽڪيٽن کي پنھنجن مضبوط ۽ کٽڻ جي سگھھ رکندڙ ماڻھن ۾ ورھائڻ ۽ انھن جا تڪ سياسي طور تي تيار ڪرڻ ۾ بھ تھ وقت لڳي ويندو. اھو ڪم ايترو آسان ناھي، جيترو نظر اچي ٿو. چونڊن جي ملڪ گير تياري تمام مشڪل مرحلو آھي ۽ ان لاءِ ايترا مھينا ھونءَ بھ گھربل ھجن ٿا، جيترا مھينا ھن مھل نئين چونڊ ۾ آئيني طور تي موجود آھن.
عمران خان جا نقاد ھن جي سياست کي ھن جي پوئين زندگيءَ جي پس منظر ۾ ڏسي چون ٿا تھ ھو ڪرڪيٽ ۾ ھڪ فاسٽ بالر ھو ۽ سياست ۾ بھ ھن پنھنجو انداز ساڳيو ئي رکيو آھي. ھن کي ڊوڙڻ جي عادت آھي. ھو چونڊن جي مرحلي کي ڊڪي ماڻن چاھي ٿو. جڏھن تھ اقتداري سياست ڪرڻ وارن کي ايتري گھڻي تڪڙ نھ ڪرڻ جي صلاح ڏني ويندي آھي. عمران خان جي سياست مڪمل طور تي عيان ٿي وئي آھي. عمران خان بھ اھڙي سياست ڪرڻ چاھي ٿو، جھڙي سياست پيپلز پارٽيءَ ۽ مسلم ليگ ن جي ھئي. اھا ٻي ڳالھھ آھي تھ ھو اقتدار ۾ صرف پاڻ کي ڏسڻ جو خواھشمند آھي. اڳ ۾ ھن اھو ٿي چاھيو تھ ھن جي نالي سان وزير اعظم جو ٽائٽل لڳي ۽ اھو تھ لڳي ويو پر جيڪو مزو ھن کي اقتدار ۾ آيو، ھو ھاڻي ان مزي کان محروم رھڻ نھ ٿو چاھي. ھن کي ھر قيمت تي اقتدار گھرجي ۽ اھو بھ اھڙو اقتدار گھرجي، جنھن ۾ ھن کي حڪومت ھلائڻ جي لاءِ ڪنھن جي ڪاڻ نھ ڪڍڻي پوي.
عمران خان ڪجھھ بھ چوي ۽ ھو ڪھڙيون بھ دعوائون ڪري پر ھن پاڻ اھو اعتراف ڪيو آھي تھ ھو پوئين ڀيري نالي ماتر وزير اعظم ھو. ھن پاڻ بھ اھو تسليم ڪيو آھي تھ ھن جي ھٿ ۾ ڪجھھ بھ نھ ھو. حڪومت ھن جي ھئي پر پاور اڳوڻي آرمي چيف جنرل باجوا وٽ ھو. جيڪڏھن عمران خان ايترو ئي اصول پرست ھو تھ ھن نالي ماتر حڪمران ٿي ھلڻ ڇو پسند ڪيو ۽ ھن پنھنجي ڪرندڙ حڪومت کي بچائڻ جي لاءِ اسٽيبلشمينٽ کي ڇو منٿون ڪيون؟ ڇا ھن جي لاءِ ان وقت اھو ممڪن نھ ھو تھ ھو نين چونڊن جو اعلان ڪري؟ جنھن وقت تحريڪ انصاف اقتدار ۾ ھئي ۽ موجوده حڪومت مخالف ڌر جي صورت ۾نعرا ھڻندي ھئي تھ ان وقت مسلم ليگ نواز ۽ پيپلز پارٽيءَ جو اھو ئي مطالبو ھو تھ نيون چونڊون جلد ڪرايون وڃن. ان وقت بقول عمران خان تھ ھن وٽ ڪو بھ پاور نھ ھو ۽ ھر شيءَ جنرل باجوا وٽ ھئي. ان کان سواءِ ھن وٽ ايتري عددي اڪثريت ھئي جو ھو ڪجھھ بھ ڪري نھ ٿي سگھيو تھ اھڙي اجائي حڪومت کان بھتر نھ ھو تھ استعفا ڏئي ملڪ ۾ نيون چونڊون ڪرائي! پر عمران خان بھ اقتدار سان آخر تائين ائين چنبڙيل ھو، جيئن ھيءَ حڪومت آھي.
ھن ملڪ جو سڀ کان وڏو ھاڃو اھو آھي تھ عوام کي چونڊ جو موقعو تھ ملي ٿو پر عوام کي چونڊ ڪرڻ جو اھو حق حاصل نھ ٿو ٿئي، جنھن حق کي استعمال ڪري ھو پنھنجي لاءِ بھتر جي چونڊ ڪري سگھي. پاڪستان جي اقتداري سياست ان لنڊا بازار جھڙي آھي، جنھن ۾ خريدار کي خوار ٿيڻو پوندو آھي ۽ ان ڍير کي اٿلائڻو پٿلائڻو پوندو آھي، جنھن ڍير ۾ ھر لٽو لڳ ڀڳ ھڪجھڙو ھوندو آھي.
پاڪستان جو عوام سياست ۾ گھڻي دلچسپي ان ڪري بھ نھ ٿو وٺي جو پاڪستان جي سياست ۾ اھا ويرائٽي ناھي، جيڪا ھڪ ملڪ جي سياست کي ڀرپور ۽ پرڪشش بڻائيندي آھي. پاڪستان جي اقتداري بازار ۾ ھر پارٽيءَ جو دوڪان ڀلي الڳ الڳ ھجي پر انھن دوڪانن تي موجود مال جي ڪوائلٽي ۽ قيمت ھڪ جھڙي آھي. ائين ناھي تھ مسلم ليگ ن جي دوڪان تي جعلي مال ھجي ۽ تحريڪ انصاف جي ھٽ تي موجود شيون اصلي بھ ھجن ۽ انھن جي قيمت بھ مناسب ھجي. اقتدار جي بازار جو ھر دوڪاندار ھڪجھڙو مال کپائي رھيو آھي. ليبل ڪھڙو بھ لڳل ھجي پر دوڪانن تي موجود مال ۾ ڪو فرق ناھي. پاڪستان جي سياست جو ڪڙو سچ اھو آھي تھ عوام لاءِ چونڊ جو لفظ عملي طور تي اھا معنيٰ نھ ٿو رکي، جيڪا جمھوريت جي ڪلاسيڪل ڪتابن ۾موجود آھي.