ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

مظلومن وٽ انقلابي سياست کان سوا ٻيو ڪهڙو رستو آهي؟

لينن ٽريڊ يونين بابت بخارن ۽ ٽراٽسڪي سان بحث (جنهن ۾ هن ٻنهي جي غيرمارڪسي اپروچ کي وائکو ڪيو آهي) دوران هڪ هنڌ لکيو: “سياست معيشت جو مرڪوز ٿيل اظهار آهي.” هن اهو به چيو: “سياست کي معيشت تي مقدم هئڻ گهرجي، ان جي ابتڙ ڪو به دليل ڏيڻ مارڪسزم جي الف ب کي وساري ڇڏڻ آهي.”
جيتوڻيڪ هر ويڙهه جي پيڙهه معيشت ئي هوندي آهي پر ان جو ميدان معيشت بدران سياست جو دائرو ئي هوندو آهي. ڇاڪاڻ ته هر معاشي ويڙهه پنهنجو اظهار سياسي صورتن ۾ ڪندي آهي. تنهنڪري، سياست سماج جي مظلوم طبقن جي پنهنجي نجات جي جدوجهد ۾ اثرائتو هٿيار هوندي آهي. سياست جي بنيادي تشريح ڪجي ته اها هيئن وڃي ٿيندي ته اها (سياست) سماجي زندگيءَ جو هڪ مخصوص دائرو آهي، جيڪا طبقن ۽ قومن سميت مختلف سماجي تهن وچ ۾، موجود تعلق کي اظهاري ٿي. پر ان جو بنيادي فريضو رياستي اقتدار کي فتح ڪرڻ ۽ فتحيابيءَ کان پوءِ، ان کي برقرار رکڻ هوندو آهي. سياست جو ڳر عمومي طور سماج ۽ خصوصي طور رياستي اقتدار جي تنظيم ڪاري آهي. يعني سياست معنيٰ، سماجي تنظيم سان گڏ رياستي معاملن ۾ شموليت، رياست جي رخ کي متعين ڪرڻ، رياستي سرگرميءَ جي فطرت، فرضن ۽ شڪلين جي وضاحت ڪرڻ هوندو آهي. جيئن ته سياست جو مواد طبقاتي ۽ قومي ٿيندو آهي، تنهنڪري، اها طبقاتي ۽ قومي مفادن وسيلي متعين ٿئي ٿي. ڪو به سماجي مسئلو، جيڪڏهن ان جو نبيرو اقتدار جي سوال يا طبقاتي مفادن يا قومي مفادن سان سڌيءَ يا اڻسڌيءَ طرح تعلق رکي ٿو، سياسي رخ وٺي ٿو. صحت هجي يا تعليم، پورهيت طبقي ۽ محنت ڪش عوام جي هر مسئلي جو حل اقتدار جي سوال ۽ طبقاتي مفادن سان تعلق رکي ٿو، تنهنڪري اهو سياسي آهي. اهو ئي سبب آهي، جو حڪمران طبقا ۽ ظالم قومون هر وقت ان ڪوشش ۾ هوندا آهن ته، محنت ڪش عوام گڏوگڏ مظلوم قومن کي پنهنجن طبقاتي ۽ قومي مفادن جي حاصلات جي سلسلي ۾، سياسي لڙاين کان روڪجي ته، متان ڪٿي هو، انهن وسيلي رياستي اقتدار جون واڳون سنڀالي، سندن حڪمرانيءَ جو خاتمو نه آڻي ڇڏين. اهڙي نموني حڪمران طبقا ۽ ظالم قومون پنهنجي نظرياتي پروپئگنڊا سميت مختلف هٿڪنڊا ۽ ٽول استعمال ڪندا آهن ته جيئن مظلوم طبقن ۽ قومن کي سياست کان پري سگهجي. انهن جي اهڙي منصوبابندي جي ڪري سماج مختلف بيمارين ۾ وچڙڻ لڳندو آهي، اهي بيماريون ڪڏهن، انفراديت، ڪڏهن اناپرستي، ڪڏهن نرگسيت ته ڪڏهن غيرسياسي روئي ۾ پنهنجو اظهار ڪرڻ لڳنديون آهن. پر انهن مان سڀ کان خطرناڪ سماجي بيماري غيرسياسي رويو آهي.
غير سياسي رويو دراصل اهو سماجي مظهر آهي، جيڪو سماجي زندگيءَ ۽ سياسي سرگرميءَ ڏانهن لاتعلقي واري عمل ۾ پاڻ کي اظهاري ٿو. غيرسياسي رويي جي جيڪڏهن درجابندي ڪجي ته، ان کي ٻن سطحن تي ورهائي سگهجي ٿو. ان جي پهرين سطح ۾، سماج جا اهي پٺتي پيل پرت اچي وڃن ٿا، جيڪي پنهنجي بدترين سماجي پسماندگيءَ جي پيشنظر ڪنهن به سياسي عمل جو حصو ٿيڻ کان رهجي وڃن ٿا، اهڙو غيرسياسي رويو بورجوا سماج جي پسمانده ۽ گهٽ طبقاتي شعور رکندڙ آباديءَ جي پرتن ۾ ملي ٿو. انهن مان به انفرادي سطح تي ڪي سياسي عمل جو حصو ٿي سگهن ٿا، پر جيئن ته، انهن جي اجتماعي طور سياست کان لاتعلقي منجهن غيرسياسي رويي جي واڌ ويجهه جي آبياري ڪري ٿي، تنهنڪري مجموعي طور انهن کي غيرسياسي رويي جي ڪيٽيگري ۾ آندو وڃي ٿو. پر ان سطح جي غير سياسي رويي جو مقابلو ڪرڻ، ان ڪري به آسان آهي، جو منجهن ٿورو به سياسي ڪم ڪرڻ سان کين سياسي عمل جو حصو بڻائي سگهجي ٿو.
اصل مسئلو ٻي ڪيٽيگريءَ جي غيرسياسي رويي جو آهي، جنهن کي منهن ڏيڻ نسبتن ڏکيو پئي رهندو آيو آهي. اها ٻي ڪيٽيگري حڪمران طبقي جي منظم پروپئگنڊا سان تعلق رکي ٿي. تنهنڪري ان غيرسياسي رويي کي ڄاڻايل غيرسياسي رويي کان الڳ ڪري، ان جو ڇيد ڪرڻ جي به ضرورت آهي.
ٻي سطح جو غيرسياسي رويو رجعتي ۽ پراڻ پسند طبقن (سرمائيدار ۽ جاگيردار وغيره) جي نظرئيدانن جي شعوري پروپئگنڊا جو نتيجو هوندو آهي. انهن رجعت پسند ۽ قدامت پسند طبقن جي پوري ڪوشش هوندي آهي ته، هو پنهنجي نظريي جي طبقاتي ڳر کي لڪائين ۽ ان کي هڪ اهڙي نظريي طور پيش ڪن، جنهن مان بظاهر اهو ڀاسڻ لڳي ته، اهو نظريو سماج جي مجموعي مفادن جو ضامن نظريو آهي. ان سموري عمل جو اولين مقصد حاڪم طبقن جي بالادستيءَ کي مضبوط ڪرڻ ۽ پورهيت عوام کي پنهنجن طبقاتي مفادن جي جدوجهد کان پري رکڻ هوندو آهي. غيرسياسي رويي جي ان ڪيٽيگري، جيڪا حڪمران طبقي جي پروپئگنڊا جو نتيجو هوندي آهي، جون مختلف شڪليون ٿي سگهن ٿيون ۽ ٿينديون آهن. اهڙي نوعيت جو غيرسياسي رويو سڀ کان پهرين پنهنجي پاڻ کي “غيرطبقاتي” سياست جي متي ۾ اظهاريندو آهي، جڏهن ته “غيرجانبداري” قانون ۽ رياست جي طبقاتي ڪردار جي نفي ڪندي، انهن کي طبقن کان مٿانهين حيثيت ڏيڻ، “نج” سائنس ۽ “فن براءِ فن” جا متا به دراصل غيرسياسي رويي جون ئي صورتون آهن.
حڪمران طبقا سماج اندر ان غيرسياسي رويي جي اوسر جي سلسلي ۾، مختلف ذريعا ۽ هٿيار استعمال ڪن ٿا ۽ انهن مڙني ذريعن مان بورجوا ميڊيا بنهه موثر ذريعو هوندي آهي، مثال طور پاڻ پاڪستان جي “قومي” ميڊيا جي ڪردار کي جيڪڏهن آڏو رکنداسين ته، اسان کي غيرسياسي رويي جي واڌ ويجهه جي عمل ۾، ان جي اثرائتي ڪردار جا کوڙ سارا مثال ملي پوندا. پاڪستان اندر جيڪي به ٽي وي چئنل آهن، انهن مان 10، 15 اوهان کي مذهبي چئنل ملندا ۽ انهن مذهبي ٽي وي چئنلن تي اوهان کي ڏينهن رات اها سخت قسم جي پروپئگنڊا ملندي ته، عوام جي معاشي، طبي ۽ نفسياتي مسئلن جو سمورو حل سماجي نه پر سماج کان “مٿانهان” بنياد رکي ٿو. فلاڻو فلاڻو ورد هيترا ڀيرا ڪرڻ سان اوهان جا مالي ۽ سماجي مسئلا “حل” ٿي ويندا. فلاڻو ورد هيترا ڀيرا ڪيو اوهان جي روزگار جا مسئلا حل ٿي ويندا، فلاڻو هيترو ورد ڪيو، اوهان جي فلاڻي بيماري ختم ٿي ويندي يا ماڻهو اڄ جيڪڏهن شديد نوعيت جي روحاني/ذهني ڪرب مان گذري ٿو ته، ان جو سبب سندس پنهنجا “بداعمال”۽ ذاتي انائون وغيره آهن، يا انسان اڄ ان ڪري “ذليل ۽ خوار” آهي، جو هن فلاڻي رسيءَ کي پڪڙڻ ڇڏي ڏنو آهي، وغيره. اهي مذهبي چئنل اوهان کي اهو ڪڏهن به نه ٻڌائيندا ته، انهن سمورن سماجي مرضن جو سبب هي سماجي-معاشي ۽ سياسي سرشتو آهي، جيڪو حڪمران طبقي جي استحصالي پاليسين جو محافظ آهي، جنهن کي هو رياستي اقتدار تي قبضي ذريعي سڄي سماج تي “قانون” جي شڪل ۾ مڙهي ٿو.
ساڳو حال وري نيوز چئنلن جو به آهي، (۽ اتي به وڏي پئماني تي مذهبي پروگرام هلن ٿا.) جيڪي سڄو ڏينهن رياست، قانون ۽ هن عوام دشمن نظام جي فرمانبرداريءَ جا درس ڏيندي ملندا. اهي چئنل اهو سچ اوهان کي ڪڏهن به نه ٻڌائيندا ته، معاشي ڏيوالي کان دهشتگرديءَ جي ناسور تائين هي جيڪو انتشار آهي، اهو مجموعي طور پاڪستان جي حڪمران طبقي ۽ ان جي سرمائيداراڻي نظام جو نتيجو آهي. هي چئنل اهو اوهان کي ڪڏهن به نه ٻڌائيندا ته، ان سرمائيداراڻي نظام جو حل هڪ ٻيو معاشي ۽ سياسي نظام آهي. اهي چينل رڳو هڏي جيان اڇلايل نان اشوز تي سڄو ڏينهن بڙ بڙ ڪندي ملندا. جن کي ڏسي ڏسي ۽ ٻڌي ٻڌي، بيزار ٿي عوام جو سياست تان ويساهه ئي کڄيو وڃي!
بورجوا سماج ۽ حڪمران طبقي جي منظم پروپئگنڊا ذريعي پيدا ٿيل ان غيرسياسي رويي جي ابتڙ، پورهيت طبقي جي نجات جو نظريو مارڪسزم-ليننزم سياست جي طبقاتي ڪردار جو تعين ڪندي، سرمائيداريءَ ۽ ان جي سياست کي سمورين سماجي بيمارين جو ذميوار قرار ڏيئي ٿو. مارڪسزم-ليننزم غيرسياسي رويي جي برعڪس، هر فرد جي سماجي ذميواريءَ جي متي جا سائنسي بنياد فراهم ڪري ٿو. مارڪسزم-ليننزم رياست، قانون ۽ حڪمران طبقي جي نطرياتي پروپئگنڊا جي طبقاتي ڪردار کي وائکو ڪندي، نظريي (Ideology) جي مڙني شڪلين جي طبقاتي جوهر کي واضح ڪري ٿو. ماضيءَ جي ڀيٽ ۾، اڄ پورهيت تحريڪ جون ڪي واضح نظرياتي ۽ سياسي شڪليون نه هئڻ جي ڪري، حڪمران طبقي لاءِ اهو اڃا به آسان ٿي پيو آهي ته، هو پنهنجي نظرياتي پروپئگنڊا کي پورهيت عوام جي ذهنن اندر لاهي، منجهن غيرسياسي رويي جي واڌ ويجهه ڪري. تنهنڪري اها اڄ انهن بيرحم سياسي حالتن جي ئي گهر آهي ته، هڪ انقلابي ڪميونسٽ ڪارڪن سماج کي نفسياتي ۽ روحاني ٽوٽڪا ٻڌائي اڻسڌي طرح ان کي غيرسياسي ڪرڻ بدران منجهس انقلابي سياست لا اتساهه پيدا ڪري. ڇاڪاڻ ته، سماج جي سمورين بيمارين (پو اهي نرگسيت جي شڪل ۾ هجن، غيرسياسي روئي جي شڪل ۾ هجن، يا اڃا ڪنهن ٻي صورت ۾) جو حل ڪنهن شاعر جي آفاقي پيغام، ڪنهن ڏات ڌڻي، ڪنهن نفسيات دان، ڪنهن روحاني يا نفسياتي تزڪئي ۾ نه پر هڪ انقلابي سياست ۾ ئي هوندو آهي. اها سندن مجبوري آهي، ان کانسوا سندن نجات ممڪن ڪانهي، ان کان سوا وٽن ٻيو ڪجهه به ڪونهي، ان بنيادي حقيقت کي سمجهڻ ۽ ان کي عام ڪرڻ جي ضرورت آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button