ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ناول ‘ڪيفي ادب’ جو جائزو- II

حڪمت عملي:
ناول نگار يا ته هڪ جانبدار يا وري غيرجانبدار گواهه جي حيثيت سان ڪردارن کي ٻاهران بيان ڪري سگهندو آهي، يا وري هو ڪردارن جي ذات ۾ حلول ڪري اندر گهڙي تفصيل بيان ڪري سگهندو آهي، يا وري هو پاڻ کي انهن مان ڪنهن هڪ جي جاءِ تي رکي ٻين جي محرڪن کان لاعلميءَ جو اظهار ڪري سگهندو آهي. ناول ۾ هڪ پاسي ڪجھه ڪردارن جي دماغ ۾ لهندي انهن جي ڪردار کي پيش ڪيو ويو آهي ۽ کانئن جملا ادا ڪرايا ويا آهن ته ٻئي پاسي ڪجهھ ڪردارن ۾ وري پاڻ کي لاهيندي کانئن مختلف موضوعن تي بحث ڪرايا ويا آهن. ان ريت اديبن جو نواڻ کان لنوائڻ، تنقيد برداشت نه ڪرڻ، ادبي ڌڙابندي ٺاهي ايوارڊ ڏيڻ، معيار کي مڃتا نه ڏيڻ جهڙن مسئلن کي نمايان ڪرڻ لاءِ به ناول نگار ڪردارن کان جملا ادا ڪرائڻ لاءِ هيءَ حرفت ڏاڍي سهڻي انداز ۾ پيش ڪئي آهي. ڪهاڻيءَ ۾ ماڻڪ جو ڪردار سماج سان جنگ، اٽل ارادي، اتساهه ۽ عزم جي علامت بڻيل آهي. ماڻڪ پاڻ ته خودڪشي ڪئي پر ڪهاڻيءَ ۾ هو مايوس ۽ نراس ٿيل آدرش کي ڪهاڻيون لکندو رهڻ ۽ جنگ جاري رکڻ جو اتساهه ڏيندو رهي ٿو. هڪ هنڌ هو آدرش کي پنهنجي خودڪشي ڪرڻ جي وضاحت ڏيندي چوي ٿو ته: “شايد اها منهنجي ڀاڙيائپ هئي. منهنجي زندگيءَ جي ڪهاڻيءَ کي مون ايترو جلدي پورو ڪري ڇڏيو ۽ اهي ڪهاڻيون لکجڻ کان رهجي ويون جيڪي مون لکڻ ٿي چاهيون.” هتي خودڪشيءَ کي ڀاڙيائپ قرار ڏيڻ اصل ۾ زندگيءَ سان پيار ڪرڻ، متحرڪ رهي ڪردار ادا ڪندو رهڻ، هارجي آڻ نه مڃڻ، ڏکين حالتن سان مڙس ٿي منهن ڏيڻ ۽ ذميواريون ادا ڪندو رهڻ جو پيغام آهي. ماڻڪ جو وري وري ظاهر ٿيڻ ۽ خودڪشيءَ کي ڀاڙيائپ قرار ڏيڻ اصل ۾ آدرش کي مايوس نه ٿيڻ، مقابلو ڪرڻ ۽ ڪهاڻيون لکندو رهڻ جو پيغام آهي. اهو به ڏسجي ٿو ته آدرش جي ڪردار منجھه ماڻڪ وارين حالتن جي کوڙ هڪجهڙائي پيدا ڪيل آهي. ليکڪ پاران اهو به احساس داخل ڪيل ملي ٿو ته جيڪڏهن هو ماڻڪ جي جيون کي ڪو موڙ ڏئي سگهي ها ته کيس خودڪشي ڪرڻ بدران زندگيءَ جي چونڊ ڪري کانئس ڪهاڻيون لکائيندو رهي ها. ٻيو اهو عنصر به آهي ته ڪهاڻيءَ ۾ اميد پرستي آهي، مايوسيءَ ۽ شڪست کان بغاوت آهي. ان ڪري آدرش کي سندس آدرشي ڪهاڻيڪار ماڻڪ پاران خودڪشي نه ڪرڻ ۽ ڪهاڻيون لکندو رهڻ جي هدايت ڪرايل آهي. مجموعي طور ماڻڪ جو ظهور هڪ طرف آدرش لاءِ کوڙ مددگار ۽ وڏي وٿ وارو عنصر بڻيل آهي ته ٻئي طرف ليکڪ به پنهنجا خيال، مقصد، اميدون ۽ پيغام پهچائڻ لاءِ ماڻڪ جي ڪردار کي ڏاڍي سهڻي حڪمت عمليءَ هيٺ استعمال ڪيو آهي.
ٻولي:
ناول جي ٻوليءَ ۾ رواني به آهي ته وسعت به. کوڙ اهڙا جملا آهن جن کي ڏهاڙيءَ جي زندگيءَ ۾ quote ڪري سگهجي ٿو. جملن ۾ جڙاءُ/سونهن beautify جو ڪم ڇڪيل تاڻيل هجڻ بدران فطري محسوس ٿئي ٿو. منظرنگاري هجي يا ادبي بحث، خيالن کي بيان ڪرڻو هجي يا ڪنهن ڪردار جي جسماني بناوٽ بيان ڪرڻي هجي هر هنڌ ٻوليءَ جو سولو ۽ سهڻو استعمال ملي ٿو.
سرمائيداري:
ڪهاڻيءَ ۾ سرمائيداراڻي نظام جي طاقت ۽ هڪ هٺيءَ کي پڻ چِٽيو ويو آهي. ادبي دنيا، اخباري اداري ۽ جاگيرداڻي سماج ۾ سرمائيداراڻي نظام جي سوچ ۽ مقصدن کي سٺي نموني پيش ڪيو ويو آهي. جڏهن آدرش جا ڪالم نه ڇاپڻ جي جواز ۾ اخباري ايڊيٽر اهو چوي ٿو ته: “اڄوڪي دور ۾ اخبار ڪنهن جي ڪالم سان ناهي هلندي. اخبار اشتهارن سان هلندي آهي ۽ اشتهار مالڪن کي ڪمائي ڏيندا آهن. ڪو به ڪالم اخبار لاءِ اشتهار نٿو آڻي سگهي. هيءَ اخبار تنهنجي ڪالم جي ٿوڻيءَ تي ڪانهي بيٺل.” ته ان مان هن ڪارپوريٽ سماج ۾ سرمائيدار طبقي پاران ذهانت ۽ ڏاهپ جو استحصال ۽ برتري واضح نظر اچي ٿي.
ڪيفي ادب:
ڪهاڻيءَ جو وقوع حيدرآباد شهر ۾ آهي. ڪيفي ادب جي نالي وارو هوٽل اديبن جي ويهڻ ۽ بحث مباحثي جو مرڪز آهي. پر پڇاڙيءَ ۾ لاجواب پاران آدرش جي ڪهاڻين جي مجموعي جو نالو “ڪيفي ادب” رکڻ خوشگوار اثر ڇڏي وڃي ٿو. ان ريت پڙهندڙن ۾ اهو دلچسپ بحث به ٿي سگهي ٿو ته ناول “ڪيفي ادب” جو نالو اديبن جي ويهڻ واري جاءِ ڪيفي ادب تان کنيل آهي يا ڪهاڻين جي مجموعي جي نالي “ڪيفي ادب” وارو آهي.
پڄاڻي:
ڪهاڻيءَ جي پڄاڻي خوشگوار بڻايل آهي. پڙهندڙ ان مونجهاري ۾ رهي ٿو ته آدرش ڪهڙي نموني خودڪشي ڪندو ۽ آدرش جي امڙ جو موت ڪڏهن واقع ٿيندو. اهو ان ڪري به ٿئي ٿو جو سموري ڪهاڻيءَ ۾ آدرش نراس ۽ پريشان هجڻ سبب پڄاڻيءَ جو وجوديت وارين ڪهاڻين جيان المناڪ انت تي پهچڻ جو اندازو ٿئي ٿو. پر ڪهاڻيءَ جي آخري صفحي تي نراسائي ۽ مونجهارا ختم ڪري سٺائيءَ ۽ اهليت جي سوڀ آڻي ڪهاڻيءَ ۾ وڪڙ به ڏنو ويو آهي ته ان سان گڏ ڪهاڻيءَ کي اميدپرستيءَ جي زمري ۾ آڻي خوشگوار پڄاڻي ڏني وئي آهي.

آخري لفظ:
سنڌي ناول ۾ مختلف تجربا ٿي رهيا آهن. ڪهاڻيءَ ۾ نواڻ ۽ مختلف موضوع به شامل ٿي رهيا آهن. جنهن سبب سنڌي ناول پنهنجي پختگي ۽ شاهڪاريت ڏانهن سفر ڪري رهيو آهي. هي ناول پنهنجي گهڻ رخي موضوعن، مختلف ڪردارن جي نرالي نفسيات ڀريل عادتن ۽ علتن کي سهڻي نموني چٽڻ، لاڀائتن ادبي بحثن، کري گفتگو، تز ۽ اثرائتن جملن ۽ منظرنگاريءَ سبب ان سفر جو اهم حصو شمار ڪري سگهجي ٿو.
(پورو ٿيو)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button