رانديون

پي ايس ايل جو اٺون ايڊيشن 13 فيبروري کان شروع ٿيندو، شيڊول تيار

لاهور: پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) 2023 جو شيڊول تيار ڪيو ويو آهي جنهن موجب پي ايس ايل جو اٺون ايڊيشن 13 فيبروري کان شروع ٿيندو جڏهن ته فائنل 19 مارچ تي لاهور ۾ ٿيندو. رپورٽن مطابق پي ايس ايل 8 لاءِ ٽيمن جي آمد 8 فيبروري کان شروع ٿيندي، جڏهن ته پريڪٽس سيشن 9، 10، 11 ۽ 12 فيبروري تي ٿيندا، پهرين ميچ 13 فيبروري تي ملتان ۽ ٻي ميچ 14 فيبروري تي ڪراچي ۾ کيڏي ويندي. اربع 15 فيبروري تي ملتان، 16 فيبروري تي ڪراچي، 17 فيبروري تي ملتان، 18 فيبروري تي ڪراچي ۽ 19 فيبروري تي ڪراچي ۽ ملتان، 20 ۽ 21 فيبروري تي ڪراچي، 22 فيبروري تي ملتان ۽ 23 ۽ 24 فيبروري تي يارنهن ۽ ٻارنهين پي ايس ايل جي ميچ ڪراچي ۾ ٿيندي. شيڊول موجب ڇنڇر 25 فيبروري آرام جو ڏينهن آهي، جنهن کانپوءِ ٻئي ڏينهن 26 فيبروري تي ڪراچي ۽ لاهور ۾ ميچ کيڏيا ويندا، جڏهن ته 27 فيبروري تي لاهور ۾ ميچ کيڏي ويندي. 28 فيبروري تي ٻيهر آرام ڏنو ويو آهي، ميچون پهرين ۽ 3 مارچ تي راولپنڊي، 2 ۽ 4 مارچ تي لاهور ۾ کيڏيون وينديون. شيڊول موجب پاڪستان سپر ليگ 2023 جو فائنل ميچ 19 مارچ آچر تي لاهور ۾ کيڏيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button