رانديون

ڪرسٽيانو رونالڊو باضابطه طور تي سعودي ڪلب النصر ۾ شامل

جده: پرتگال جو اسٽار فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو باضابطه طور تي سعودي ڪلب النصر ۾ شامل ٿي ويو آهي. رونالڊو گذريل ڏينهن پنهنجي خاندان سان گڏ پرائيويٽ جهاز ذريعي سعودي راڄڌاني پهتو، جتي سندس شاندار استقبال ڪيو ويو. سندس آمد جي باضابطه تقريب مرسول پارڪ اسٽيڊيم ۾ ٿي، تقريب ۾ رونالڊو ۽ النصر جي مداحن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. اسٽار فٽبالر جڏهن ڪلب جي جرسي پهري ميدان ۾ آيو ته مداحن خوشي جو اظهار ڪيو. ڪرسٽيانو رونالڊو پريس ڪانفرنس ڪندي سعودي ڪلب النصر ۾ شامل ٿيڻ جي ڳالهه ڪئي. رونالڊو چيو ته يورپ ۾ منهنجو ڪم مڪمل ٿي ويو آهي، النصر سان معاهدو ڪرڻ کان اڳ مون کي ڪيترن ئي هنڌن تي کيڏڻ جي آڇ ڪئي وئي هئي. 37 ورهين جي فٽبالر جو چوڻ هو ته مانچسٽر يونائيٽيڊ ڇڏڻ کانپوءِ مون کي برازيل، آسٽريليا، آمريڪا ۽ پرتگال کان به آڇون آيون، پر مون اڳ ۾ ئي سعودي ڪلب النصر سان ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي. رونالڊو چيو ته مون سڀ ڪجهه کٽيو آهي، مون يورپ جي بهترين ڪلب لاءِ کيڏيو آهي، هاڻي ايشيا ۾ هڪ نئون امتحان آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button