رانديون

ڏکڻ آفريقا جي بيٽنگ لڏي وئي، 149 رنسن تي 6 آئوٽ

آسٽريليا خلاف ٽين ۽ آخري ٽيسٽ ميچ ۾ ڏکڻ آفريقا جي بيٽن لائين پهرين اننگز ۾ لڏي وئي آهي، جنهن جا 6 بيٽر رڳو 149 رنسن تي آئوٽ ٿي ويا آهن. ميڊيا مطابق آسٽريليا جي 4 وڪيٽن تي 475 رنسن ٺاهي اننگز ڊڪليئر ڪرڻ بعد ڏکڻ آفريقي بيٽر ڄمي کيڏي نھ سگهيا آهن، جن ۾ کايا زونڊو 39، ٽيمبا باووما 35، ڪائلي ويريني 19، سرل ايروي 18، ڊين ايگر 15 رنسن سان نمايان رهيا آهن. جڏهن تھ آسٽريلوي بالرن مان ڪپتان پيٽ ڪمنز 3 ۽ جوش هيزل ووڊ 2 وڪيٽون وٺي ڏکڻ آفريقي اسڪور روڪي ورتو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button