رانديون

بگ بيش ۾ سڪسرز هٿان ٿنڊرز کي 7 وڪيٽن تان شڪست

بگ بيش ليگ جي 34هين ميچ ۾ سڊني سڪسرز 7 وڪيٽن تان سڊني ٿنڊرز کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق سڊني ٿنڊرز جي ٽيم 8 وڪيٽن تي 133 رنسون ڪيون، جنهن ۾ سيم وائيٽ مين 42 رنسن سان نمايان رهيو. جڏهن تھ  سڊني سڪسرز جي بالرن سين ايبٽ 3 ۽ بين ڊوارشس 2 وڪيٽون ورتيون آهن. هوڏانهن سڊني سڪسرز 3 وڪيٽن تي 134 رنسن سان ميچ کٽي ورتي، جنهن ۾ موئيس هينرڪس 53 ۽ جارڊن سلڪ 59 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button