رانديون

مڪي آرٿر پي سي بي کان ڪوچنگ جي ذميوارين لاءِ وقت طلب ڪري ورتو

لاهور: مڪي آرٿر پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کان ڪوچنگ جي ذميوارين لاءِ وقت طلب ڪري ورتو. قومي ٽيم جي موجوده هيڊڪوچ ثقلين مشتاق ۽ بالنگ ڪوچ شان ٽيٽ جو معاهدو 9 فيبروري تي ختم ٿي رهيو آهي ۽ ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ مڪي آرٿر کي پاڪستاني ٽيم جو هيڊ ڪوچ بڻائڻ جو خواهشمند آهي. ذريعن موجب مڪي آرٿر انگلش ڪائونٽي ڊربي شائر سان ٽن سالن جو معاهدو ڪيو آهي، مڪي آرٿر ڪائونٽي سان معاملا طئي ٿيڻ بعد پي سي بي کي جواب ڏيندو، مڪي آرٿر جو به ڪجهه هفتن ۾ پاڪستان اچڻ جو امڪان آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button