رانديون

150 ماڻهو بيروزگار ڪيا ويا، ڪرڪيٽ کي سياست کان ڌار ڪرڻو پوندو: رميز راجا

پي سي بي جي اڳوڻي چيئرمين رميز راجا نئين مينيجمينٽ تي الزام هڻندي دعوا ڪئي آهي تھ انهن 150 ماڻهن کي نوڪرين مان ڪڍي بيروزگار ڪري ڇڏيو آهي ۽ چيائون پئي تھ اسين نوڪريون ڏيڻ آيا آهيون. لاهور ۾ گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو تھ ڪرڪيٽ کي سياست کان ڌار ڪرڻو پوندو ۽ ميرٽ کي لاڳو ڪرڻ ضروري آهي. هن چيو تھ اها زيادتي آهي تھ آئين کي بلڊوز ڪري اڳيان اچي وڃو، اسان تسلسل بدران بيڪ ڊور کان اچڻ چاهيندا آهيون، ڇوتھ اسين تسلسل کي نٿا مڃون. رميز راجا چيو تھ شان مسعود غير مستقل رڪن آهي، جنهن کي نائب ڪپتان بڻائڻ ٽيم سان کيڏڻ آهي. هن چيو تھ هي جيڪو نئون آئين آندو ويو، اهو اونداهو دور آهي، جيڪو پراڻو آهي. هن چيو تھ هينئر رڳو ڪرڪيٽ نھ سڄو ملڪ ڊسٽرب آهي، پاڪستان جي سڄي ڪرڪيٽ فڪسنگ مان گذري رهي هئي، مان اڪيلو ماڻهو هئس جنهن فڪسنگ تي ڌيان نھ ڏنو. تقريب جي پڄاڻي تي رميز راجا کي لائيف اچيومينٽ ايوارڊ پڻ ڏنو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button