رانديون

رونالڊو جي شموليت، سعودي فٽبال ڪلب النصر جي فالوورز ۾ واڌ

رياض: پرتگال جو اسٽار فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو باضابطه طور تي سعودي فٽبال ڪلب النصر ۾ شامل ٿي ويو. رونالڊو ۽ سعودي ڪلب وچ ۾ گذريل مهيني جي آخر ۾ اڍائي سالن جو معاهدو ٿيو آهي، جنهن تحت النصر ڪلب رونالڊو کي 213 ملين ڊالر ادا ڪندو. معاهدي جو اعلان رونالڊو ۽ سعودي فٽبال ڪلب النصر گڏيل طور تي هڪ انسٽاگرام پوسٽ ذريعي ڪيو، جنهن کي 3 ڪروڙ کان وڌيڪ ڀيرا لائيڪ ڪيو ويو آهي. ڪلب ۾ شامل ٿيڻ جي ڪجهه ڏينهن اندر ئي النصر ڪلب جي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي فالوورز جو تعداد حيران ڪندڙ حد تائين وڌي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button