رانديون

ڪوٽڙي ۾ اسڪول بوائز هاڪي ڪوچنگ ڪئمپ جي پڄاڻي، شرڪت ڪندڙ ٻارڙن کي انعام

ڪوٽڙي جي ريلوي گرائونڊ تي 26 ڏينهن کان جاري اسڪول بوائز هاڪي ڪوچنگ ڪئمپ پڄاڻي تي پهچي وئي، جنهن جي شاندار تقريب ۾ شفقت ضيا چوهاڻ کي ڊسٽرڪٽ هاڪي ايسوسيئيشن ڄامشوري جو چيئرمين نامزد ڪيو ويو. ان موقعي تي خاص مهمان شفقت چوهاڻ، مظهر راجپوت ۽ ڊسٽرڪٽ هاڪي جي سيڪريٽري رضوان تنوير ڪوچنگ ڪئمپ ۾ شرڪت ڪندڙ ٻارڙن ۾ انعام طور هاڪيون، شن گارڊ ۽ شرٽون ورهايون. پڄاڻي واري تقريب کان اڳ حيدرآباد ۽ ڄامشوري جي هاڪي ٽيمن وچ ۾ هڪ نمائشي مئچ کيڏي وئي، جنهن ۾ ڄامشوري جي ٽيم علي داد جي ٻن بهترين گولن جي مدد سان 0- 2 تان ڪاميابي حاصل ڪري ورتي، انتظاميا طرفان ڪوچنگ ڪئمپ کي هر سال جاري رکڻ جو اعلان پڻ ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button