رانديون

طالبان جي عورتن تي پابندي بعد آسٽريليا پاران افغانستان سان سيريز ختم

آسٽريليا جي ڪرڪيٽ بورڊ سي اي طالبان جي عورتن تي پابندي بعد آسٽريليا پاران افغانستان سان سيريز ختم ڪري ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق ڪرڪيٽ آسٽريليا گڏيل عرب امارتن ۾ ايندڙ مهيني رٿيل ٽن ميچن واري ون ڊي سيريز کي ختم جو اعلان ڪيو آهي. ميڊيا کي جاري ڪيل بيان ۾ ڪرڪيٽ آسٽريليا چيو آهي تھ حڪومت سميت سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان مشورن بعد متفقا طور تي فيصلو ڪيو ويو تھ سيريز نھ ٿيندي. بيان موجب طالبان حڪومت پاران ڇوڪرين جي تعليم، روزگار، تفريح ۽ جم تي پابندي سبب فيصلو ڪيو ويو آهي. هوڏانهن افغان ڪرڪيٽر نوين الحق آسٽريليا پاران سيريز کيڏڻ کان انڪار تي بگ بيش ليگ اڌ ۾ ڇڏي ڏني. هن ڪرڪيٽ آسٽريليا جي فيصلي کي ٻاراڻو قدم سڏيو آهي. ٻئي پاسي هڪ رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ آسٽريليا کي افغانستان خلاف سيريز ڇڏڻ سان ورلڊ ڪپ ڪواليفائنگ جي 30 مسابقتي پوائينٽس کان محروم ٿيڻو پوندو، پر ورلڊ ڪپ کيڏڻ تي فرق نھ پوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button