پاڪستان جي نوبل ايوارڊ ماڻيندڙ عالمي شهرت يافتا شخصيت ملالا يوسفزئي بعد پاڪستان ڄائو برطانوي اداڪار رز احمد پڻ تڪراري فلم جوائي لينڊ جو ايگزيڪيوٽو پروڊيوسر بڻجي ويو آهي. ميڊيا مطابق پاڪستان ۾ پابندين جي منهن ڏيندڙ فلم جوائي لينڊ عالمي فلمي ايوارڊ ماڻڻ بعد هاڻ هڪ ٻيو اعزاز حاصل ڪيو آهي، جيڪو پاڪستان ڄائي برطانوي آسڪر ايوارڊ يافتا اداڪار رز احمد جي صورت ۾ آهي، جيڪو فلم جو ايگزيڪيوٽو پروڊيوسر بڻجي ويو آهي، جنهن جي هن پاڻ تصديق ڪئي آهي. هوڏانهن امڪان ڏيکاريو پيو وڃي تھ فلم جي پروڊيوسرن ۾ وڏيون شخصيتون شامل ٿيڻ بعد اها آسڪر ايوارڊ کٽي سگهي ٿي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close