رانديون

هاڪي ورلڊ ڪپ پاڪستان بنا شروع، ارجنٽينا ۽ فرانس ميچ کٽي ورتا

هاڪي ورلڊ ڪپ 2023ع جو ميگا ايونٽ پاڪستان جي شرڪت بنا ڀارت ۾ شروع ٿي ويو آهي، جنهن تي اڳوڻا اولمپيئنز مايوسي جو شڪار ٿي ويا آهن. جڏهن تھ پهرين ڏينهن وارين ٻن شروعاتي ميچن ۾ ارجنٽينا ۽ انگلينڊ پنهنجي پنهنجي گروپ واريون ميچون کٽي ورتيون آهن. ميڊيا مطابق ڀارتي رياست اڙيسا ۾ شروع ٿيل هاڪي جي عالمي ايونٽ ۾ هن ڀيري پاڪستاني ٽيم شريڪ نھ ٿي سگهي آهي. جڏهن تھ ايونٽ 29 جنوري تائين جاري رهندو. هاڪي ورلڊ ڪپ جي ايونٽ جو افتتاح ڀارتي رياست اڙيسا جي وڏي وزير ڪيو آهي. هوڏانهن پهرين وارين شروعاتي ميچن مان پهرين ميچ ۾ ارجنٽينا ٻڙي جي ڀيٽ ۾ هڪ تان ڏکڻ آفريقا کي شڪست ڏني. جڏهن تھ فرانس جي هاڪي ٽيم آسٽريليا کي 8 گولن تا شڪست ڏني، جنهن ۾ آسٽريليا جي ٽيم ڪوبھ گول ڪرڻ ۾ ناڪام رهي. ٻئي پاسي پاڪستان جي اڳوڻن اولمپيئنز اڳوڻي ڪپتان ڊاڪٽر طارق عزيز، منظور الحسن، ڪرنل رٽائرڊ مدثر اصغر ۽ خواجا جنيد پاڪستان هاڪي فيڊريشن تي ڇتي تنقيد ڪندي چيو آهي تھ چار ڀيرا عالمي چيمپيئن پاڪستان جو ورلڊ ڪپ ۾ هاڻ نالو بھ ناهي، اسان جي حوالي سان ڪارو ڏينهن آهي. هنن چيو تھ ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان جي نھ هجڻ تي ڏک جو لفظ بھ گهٽ آهي، اسان بس ڳوڙها ڳاڙي سگهون ٿا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button