ادب دنيا جي ڪيترين ئي ڳالھين ۾ منفرد آھي، جنھن ۾ ڪٿي ڪٿي تھ سائنس کان بھ وڌيڪ تجربا ٿيندا آھن ۽ ڪٿي ڪٿي روايتي ڳالھيون بھ ورجائبيون آھن. ادب ڇاڪاڻ تھ ٻوليءَ جو انتھائي اھم ۽ سڀ کان وڏو ذخيرو ھوندو آھي، ان ڪري لسانيات جا ماھر بھ لساني تجربن لاءِ ادب جو سھارو وٺندا آھن يا مستند مواد (Authentic Material) ذريعي لساني جائزا وٺندا آھن، جنھن لاءِ سوسيئر سينڪرانڪ ۽ ڊائيڪرانڪSynchronic and Diachronic جھڙا اصطلاح ڪتب آندا آھن. پر ٻوليءَ جي مطالعي کي سماج سان ڳنڍڻ جي حوالي سان وڏو ڪم مائيڪل ھيليڊي ڪيو آھي، جيڪو ھو تھ آسٽريليا جو پر ھن گھڻو ڪم چين ۾ رھي ٻوليءَ تي ڪيو آھي. ھيليڊي ٻوليءَ کي ٽيڪسٽ Text سڏي ان جا ٻھ اھم ڪم ٻڌائي ٿو تھ:
The first is elaborated as an artifact, which has evolved with human perception and communication and reached to the current prestige straightly. The second is explained as specimen, which is availed by users for their intended meaning making resource.
يعني ٻولي يا ٽيڪسٽ سموري ارتقائي تاريخ مان گذري، تمام گھڻو ذخيرو گڏ ڪري ھتي پھتي آھي، جيڪو ھڪ اسٽور ھائوس آھي. ٻيو تھ ٻولي نمونو آھي جنھن مان ماڻھو رابطي جو ڪم وٺي معنائون تخليق ڪندا آھن. ايئن ٻولي ترقي ڪري ھتي پھتي آھي ۽ پاڻ ۾ اھي سمورا تجربا بھ سمائي ويٺي آھي، جيڪي ادب جي ميدان ۾ ڪيا وڃن ٿا. جديديت پڄاڻان جي دور تائين ايندي ادب بھ ٻوليءَ جي سھاري اھي تجربا ڪيا آھن جيڪي ماڻھن جي وھم گمان ۾ بھ نھ ھوندا. ادب ۾ ھڪ تھ متن يا ٿيم جا تجربا ٿيا آھن تھ ڪھڙيون ڳالھيون سمائبيون آھن ۽ ڪھڙيون ڳالھيون ٻڌائڻ جھڙيون آھن. دنيا ۾ انھن جو وڏو ذخيرو آھي پر اسان وٽ اڃا ڪافي ٿيم يا ڳالھيون حرام Taboos جي صورت ۾ موجود آھن، جن تي کلي ڳالھائي نھ سگھبو آھي. جھڙوڪ ڪجھه ڏينھن اڳ ھڪ امريڪن پروفيسرياڻي Kira Hall پنھنجي انتھائي منفرد تحقيقي پيپرLanguage in the middle: Class and sexuality on the Hinglish continuum ۾ جنس بابت يا گارين جي ٻولي بابت لکيو آھي، جنھن ۾ ٽين جنس پاران انگريزيءَ ۾ ڳالھائجندڙ ٽيبو ٻوليءَ جو استعمال ڪيو آھي. ان ڊيٽا کي پڙھي محسوس ڪري سگھجي ٿو تھ ٻولي آزاد آھي ۽ سماج ۾ استعمال ٿيندڙ ٻوليءَ کي ئي سمجھيو ۽ پڙھيو وڃي، ان تي زنجيرون نھ وڌيون وڃن. ايئن نھ صرف “ڇا لکجي پر ادب ۾ ڪيئن لکجي” وارو سوال بھ اھم آھي. ليکارين ۽ قلمڪارن پنھنجي منفرد انداز ۾ لکڻ ۽ اظھارڻ جا ڪيترائي طريقا دريافت ڪيا آھن، جيڪي ھڪٻئي کان منفرد آھن جنھن کي ھڪڙي انداز سان ڊڪشن يا اسلوب سڏجي ٿو. ٻئي پاسي ھيئتي طرح ڪھاڻين يا ناول جا انداز اپنايا ويا آھن. جنھن ۾ سھيوڳي پوسٽ ماڊرن ادب ۾ ميٽا لٽريچر Metaliterature ۽ ميٽافڪشن Metafiction جا انداز بھ آھن. بظاھر تھ اھي اصطلاح ملندڙ جلندڙ آھن پر انھن ۾ سنھي وار جي وٿي جھڙو فرق بھ آھي. جھڙوڪ ميٽالٽريچر جي تشريح يا وصف ھڪڙي ليکڪ ڪيٿ ھيئن ڏني آھي تھ:
The discussion in any piece of writing of other texts; (Literary Criticism) any literary text which takes the nature of literature as its object; such texts collectively. 1960s; earliest use found in Journal of Politics. From meta- + literature, perhaps after French métalittérature.
يعني ڪنھن بھ ٻي لکڻي ۾ (يا خاص ڪري ادبي تنقيد) ادب جي صورت کي پنھنجو مقصد بڻائي لکي يا ادب ۾ ادب ئي ان جو موضوع ھجي. اھو سڀ کان پھرين شايد فرانسيسي ميٽا لٽريچر متعلق جنرل آف پوليٽڪس ۾ 1960ع ۾ استعمال ٿيو آھي. مطلب تھ ڪا اھڙي لکڻي، ادبي تحرير، جنھن جو موضوع ادب ئي ھجي، ان کي ميٽالٽريچر چيو ويندو آھي. ڇو تھ آڪسفورڊ ڊڪشنري موجب ميٽا Meta جو مطلب آھي
(of a creative work) referring to itself or to the conventions of its genre; self-referential.
“the enterprise is inherently ‘meta’, since it doesn’t review movies, for example, it reviews the reviewers who review movies”
اھڙو تخليقي ڪم جيڪو پنهنجو ئي اولڙو ھجي، پاڻمرادو حوالو هجي، جيڪو پنھنجي صنف کي مخاطب ڪري لکيو ويو ھجي. ويڪيپيڊيا جي وڪشنريءَ جي حصي ۾ بھ ان کي ھيئن بيان ڪيو ويو آھي تھ:
metaliterature (countable and uncountable, plural metaliteratures) literature that deals with the subject of literature
يعني اھڙو ادب جيڪو ادب کي پنھنجو موضوع بڻائي ان کي ميٽالٽريچر چيو ويندو آھي. ايئن ڪافي لغتن ۾ ان جو مثال ڏيئي سگھجي ٿو. ھڪڙي ٻي ڊڪشنري يعني ڊڪشنري آف ڊيفينيشن مطابق
WHAT IS THE MEANING & DEFINITION OF METALITERATURE
As well as the Metaphilosophy shows the philosophy of philosophy, in a parallel way, the metaliterature reflects on the literature of literature. The metaliterature is that exercise of literary reflection that can appear in the literary work itself and that brings light to the same. A form of reflection especially present in the novel. It’s a metarreferencial description.
جيئن ميٽا فلسفي ۾ فلسفي جي باري ۾ فلسفي ذريعي ڳالھايو ويندو آھي، ايئن ميٽالٽريچر ۾ لٽريچر يعني ادب بابت ڳالھايو ويندو آھي. ادب پنھنجي ادبي صفن جي لکڻي جو اولڙو ھوندو آھي ۽ ادب پنھنجو پاڻ کي ڏسندو يا بحث ڪندو آھي، خاص ڪري ناول يا تخليقي ادب ۾. اھو ميٽا اولڙو يا عڪس ھوندو آھي. ان ڳالهھ سان اختلاف بھ ڪري سگھبو آھي ۽ جيڪا سنھي لڪير ميٽالٽريچر ۽ ميٽافڪشن بابت مٿي لکي آيا آھيون. ان موجب ميٽافڪشن اھڙي لکڻي ھوندي آھي جنھن ۾ نئريٽر واضح طور تي اڀري بيٺو ھوندو آھي ۽ پاڻ پيو ٻڌائيندو آھي تھ آئون توھان کي ھي ڪھاڻي پيو ٻڌايان. آئون ھن ڪھاڻيءَ ۾ ڪٿي آھيان ۽ آئون ڇا آھيان. سادي نموني سان ايئن چئي سگھجي ٿو تھ ڪليم ٻُٽ جو تازو آيل ناول “ڪھاڻين جو شھر” ڪافي حد تائين ميٽافڪشن جو سنڌي ۾ بھترين مثال آھي تھ وري اختر حفيظ جو تازو آيل ناول “ڪيفي ادب” ميٽالٽريچر جو مثال آھي. ميٽالٽريچر جي مٿي ڏنل مثالن مان اھو بھ پروڙي سگھجي ٿو تھ ادب ۾ صرف ادب بابت غير فني طرح ڳالھائجي ۽ پڙھندڙن کي باور نھ ڪرائجي تھ شايد اھو ميٽالٽريچر کان ڪجهھ ھٽيل مثال ٿي سگھي ٿو ۽ اھو اعتراض واري بھ سگھجي ٿو. جھڙوڪ جيڪڏھن اختر حفيظ جو ناول ضمير متڪلم يعني فرسٽ پرسن نئريٽو ۾ ھجي ھا ۽ نئريٽر پڌرو پٽ ھجي تھ شايد ميٽالٽريچر جو سٺو امتزاج ٿي پئي سگھيو. ساڳي ريت ميٽا جو مطلب نھ صرف انھي صنف بابت ان صنف ۾ ڳالھايل ھجي ھا تھ ھي ڪھڙي قسم جي ڪھاڻي آھي ۽ ڪھڙي قسم جي ڪھاڻي ھجڻ گھرجي ھا تھ اڃا بھ مثال واضح ٿي وڃي ھا. اختر حفيظ جي ناول ۾ ڪھاڻين جو موضوع ئي ادب آھي، ڪھاڻيون آھن، ناول آھن، ادب جي اشاعت ۽ پڙھندڙ جا مسئلا آھن. ان ڪري سڌي يا اڻ سڌي طرح اھو ناول ميٽالٽريچر جي ذمري ۾ ڳڻي سگھجي ٿو. جيتوڻيڪ ميٽالٽريچر جي ڪجھه فني گھرجن جي تقاضا اڃا گھڻي آھي پر تنھن ھوندي بھ ناول جو فارم يا ساخت اھڙو ادب آھي جنھن ۾ ادب متعلق ڳالھايو وڃي ٿو ۽ ادب جي شڪل شبيهه بابت ڳالھايو وڃي ٿو. ناول ۾ نئريٽو ٽيڪنيڪ جا جيتوڻيڪ اسان وٽ گھڻا تجربا نھ ٿيا آھن، نڪي فني طرح گھڻو لکيو ويو آھي پر اڄ جا نوجوان ناول نگار ان طرف اچي رھيا آھن. ڪيفي ادب ناول موضوعن ۾ جيئن گوناگون آھي ايئن فني اڻت ۾ بھ سٺو ناول آھي.
ھلندڙ