شوبز

مٿيرا خان کيس پلاسٽڪ چئي چٿرون ڪندڙن تي تپي باهه

پاڪستاني ماڊل ۽ اداڪارا مٿيرا خان کيس پلاسٽڪ چئي ٿولهه تي چٿرون ڪندڙن تي تپي باهه ٿي وئي آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن جو چوڻ هو تھ روز هارمونيئل مسئلن سان وڙهي رهي آهيان، جسم بابت چٿرون نھ ڪيون وڃن. هن جو چوڻ هو تھ مان پنهنجي هن جسم سان خوش آهيان، چٿرن سان ٿيندڙ ذهني انتشار انسان کي مسئلن ۾ ڌڪي ٿو، تنهنڪري مهرباني ڪري اهڙو عمل روڪيو وڃي. مٿيرا خان چيو تھ مون ڪابھ سرجري ناهي ڪرائي، نھ وري ان تي يقين آهي، حقيقت ڄاڻڻ بنا چٿر نھ ٿيڻ گهرجي. هن چيو تھ مون جهڙين عورتن تي طنز سان انهن جي مٿان ڇا گذري ٿو، اهو مان سمجهي سگهان ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button