ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

مڪاني ادارن جون چونڊون

Editorial

سنڌ ۾ مڪاني ادارن جون چونڊون شروع ٿي ويون آهن، ڪالهه تائين سنڌ جي ٻن اهم شهرن ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ چونڊون ملتوي ٿيڻ جا امڪان هئا، پر اليڪشن ڪميشن سنڌ حڪومت جي درخواست کي رد ڪري ڇڏيو. ڪالهه آيل خبر موجب اليڪشن ڪميشن ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي صدارت هيٺ اليڪشن ڪميشن هيڊڪوارٽر اسلام آباد ۾ وڊيو لنڪ ذريعي اهم اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن عمر حميد به شرڪت ڪئي، جڏهن ته ڪراچيءَ مان صوبائي اليڪشن ڪمشنر اعجاز انور چوهاڻ وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيو. اليڪشن ڪميشن مشاورتي اجلاس دوران ڪراچي، حيدرآباد ۽ دادو ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي،
صوبائي اليڪشن ڪميشن جي ترجمان به سڀاڻي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ جي تصديق ڪئي آهي. ياد رهي ته سنڌ حڪومت گذريل ڏينهن اليڪشن ڪميشن کي ڪراچي ۽ حيدرآباد جون بلدياتي چونڊون ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي، جڏهن ته حساس ادارن به سيڪيورٽي خدشن کي نظر ۾ رکندي چونڊون ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي. سنڌ ۾ مڪاني ادارن جون چونڊون ٿيڻ هڪ سٺو عمل آهي، ڇاڪاڻ ته وڏي وقت کان اهي چونڊون ڪن سببن جي ملتوي ٿينديون پئي آيون پر هاڻ جڏهن اهي چونڊون ٿي رهيون آهن ته ان سان نه رڳو نوان چونڊيل نمائندا مقامي سطح تي مسئلن کي حل ڪري سگهن ٿا پر اقتدار جي هيٺئين سطح تائين منتقلي سبب ماڻهن جي رسائي انهن چونڊيل نمائندن تائين ٿي ويندي، جن کي ماڻهو پنهنجن مسئلن جي باري ۾ ٻڌائي سگهندا ۽ انهن جي حل لاءِ اهي ڪوششون ڪري سگهندا. ڇاڪاڻ ته سڄي دنيا ۾ مقامي سطح تي جيڪي به ادارا ڪم ڪندا آهن، انهن جو بنيادي ڪم اهو ئي هوندو آهي ته ڪنهن به ريت عوام کي درپيش مسئلن کي حل ڪيو وڃي.
ماضي ۾ اسين ڏسندا آيا آهيون ته ڪهڙي ريت مڪاني ادارن جي بجيٽن ۾ گهوٻيون ڪيون ويون ۽ انهن گهوٻين جي ڪري جيڪي ڪم ٿيڻا هئا، اهي به ڪونه ٿي سگهيا. مڪاني ادارن ۽ چونڊيل نمائندن تي آڱريون کڄنديون رهيون ته انهن پنهنجون ذميواريون بهتر نموني ڪونه نڀايون آهن. نتيجي ۾ نه رڳو مڪاني ادارا تڪرار جو شڪار ٿيا پر انهن عوام جي بنيادي مسئلن کي حل ڪرڻ کان به نابري واري ڇڏي. هاڻ جڏهن چونڊيل نمائندا ماڻهن جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ميدان ۾ لهن پيا ته انهن لاءِ ضروري آهي ته اهي ذميواري جو مظاهرو ڪندي، انهن مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن، جيڪي وڏي وقت کان حل ڪونه ٿي سگهيا آهن. خاص طور تي حڪمران جماعت پيپلز پارٽيءَ کي ان پاسي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، جيڪا وفاق کان وٺي صوبائي حڪومت ۾ شامل آهي ۽ ماڻهن کي پيپلز پارٽيءَ کان ڪئين شڪايتون آهن. جيئن ته اها جمهوريت تي ويساهه رکي ٿي، تنهنڪري ان ويساهه کي برقرار رکڻ جي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته جيستائين مڪاني سطح جا مسئلا حل نه ٿيندا، ان وقت تائين مٿئين سطح وارا مسئلا به حل ڪونه ٿي سگهندا. تنهنڪري پيپلز پارٽي جن شهرن ۾ پنهنجا ميئر چونڊرائڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ته انهن شهرن ۾ اها بنا ڪنهن لساني ۽ سياسي فرق جي ڪم ڪرائي، اها ساڳي شرط ٻين سياسي پارٽين تي به لاڳو ٿئي ٿي ته اهي بنا فرق جي عوامي مسئلن ڏانهن ڌيان ڏين. انهن کي حل ڪرڻ لاءِ اڳيان اچن. ڇاڪاڻ ته سنڌ جو عوام اڳ ئي ڪيترن ئي مسئلن ۾ ڦاٿل آهي، جيڪڏهن ان جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي وئي ته ان لاءِ وڌيڪ پريشانيون منتظر هونديون. تنهنڪري مڪاني ادارن جي شفافيت به لازمي آهي. ايندڙ وقت ۾ جڏهن انهن ادارن کي بجيٽون جاري ڪيون وينديون ته اها به عوامي ڪمن تي خرچ ڪرڻ لازمي آهي.
اسين سمجهون ٿا ته مڪاني ادارن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جمهوريت کي مضبوط ڪرڻ آهي. تنهنڪري سڀئي سياسي پارٽيون پنهنجو حصو پتي وجهنديون رهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button