پاڪستانخيبرپختونخوا

پشاور ۾ ٿاڻي تي ٽي ٽي پي دهشتگردن جو حملو، ڊي ايس پي ۽ 2 محافظ شهيد

پشاور جي علائقي سربند ۾ ٽي ٽي پي سان تعلق رکندڙ دهشتگردن ٿاڻي تي حملو ڪري ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ ڊي ايس پي بڊپير ۽ سندس 2 محافظ شهيد ٿي ويا آهن. پشاور جي ايس ايس پي آپريشنز ڪاشف عباسي صحافين کي واقعي جا تفصيل ٻڌائيندي چيو ته بڊپير جي علائقي ۾ موجود سربند پوليس ٿاڻي تي گذريل رات دهشتگردن حملو ڪيو هو، جنهن دوران ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ پوليس (ڊي ايس پي) سردار حسين ۽ سندس 2 گن مين ارشاد ۽ جهانزيب دهشتگردن سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ جان جي بازي هارائي ويٺا. هن چيو ته ڪيترن ئي ڳرن هٿيارن سان ڪيل هي حملو انتهائي مربوط حڪمت عملي جو نتيجو آهي، ٿاڻي تي مختلف طرفن کان حملو ڪيو ويو، جنهن ۾ هينڊ گرنيڊ، سنائيپر شاٽ ۽ آٽوميٽڪ بندوقون استعمال ڪيون ويون. هن چيو ته پشاور پوليس ڪاميابي سان حملي کي ناڪام بڻايو ۽ دهشتگردن جو پيڇو ڪري کين گهيرڻ جي ڪوشش ڪئي پر فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ڊي ايس پي ۽ 2 ٻيا پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا، جنهن بعد هٿياربند دهشتگرد اوندهه جو فائدو وٺي فرار ٿي ويا. پوليس اختيارين موجب دهشتگردن طرفان سنائپر گن ۽ دستي بمن جو استعمال ڪيو ويو، 6 کان 8 دهشتگردن ٽن پاسن کان ٿاڻي تي حملو ڪيو، اطلاع تي ڊي ايس پي ٿاڻي پهتو هو، سردار حسين گاڏي پارڪ ڪري پنڌ اڳتي وڌي رهيو هو ته دهشتگردن اسنائپر رائفلز سان کيس نشانو بڻايو، گوليون سندس مٿي ۽ جسم جي ٻين حصن ۾ لڳيون، علائقي ۾ ٻيهر سرچ آپريشن ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button