پاڪستانسنڌ

مڪاني هجن يا عام چونڊون، پ پ ڊڄڻ واري پارٽي ناهي:بلاول ڀٽو

پرڏيهي وزير ۽ پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته فوري طور تي عام چونڊون ڪرائڻ ملڪ جي مفاد ۾ ناهي، مڪاني چونڊون هجن يا جنرل اليڪشن، پ پ پ ڊڄڻ واري پارٽي ناهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته عمران خان جمهوريت ۽ معيشت کي سبوتاز ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، اسان جو ڌيان هن وقت مڪاني چونڊن تي آهي، سنڌ ۾ بلدياتي اليڪشن آچر تي ئي ٿينديون، هن ايم ڪيو ايم کان مڪاني چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته اسان متحده وارن کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ لا سمجهائيندا رهياسين پر ناڪام ٿي وياسين، وفاقي حڪومت اتحادين جا خدشا ختم ڪرڻ چاهي ٿي ۽ ان حوالي سان ڪوششون جاري آهن، اميد آهي ته ايم ڪيو ايم ڪو به غير سياسي فيصلو نه ڪندي، حيدرآباد جو ميئر پيپلز پارٽي جو هوندو ۽ اميد ڪريون ٿا ته ڪراچي جو ميئر به پيپلز پارٽي جو هجي. هن وڌيڪ چيو ته عمران خان عوام جي خدمت ڪرڻ بدران ذاتي مفادن جو سوچي رهيو آهي، عمران جي ڪري پاڪستان جي معيشت کي نقصان ٿيو، انهن آءِ ايم ايف معاهدي کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button