پاڪستانپنجاب

گورنر جو سمري تي صحيح کان انڪار، پنجاب اسيمبلي پاڻمرادو ٽٽي وئي

پنجاب جي گورنر بليغ الرحمان مقرر وقت تائين سمري تي صحيح نه ڪئي، صوبائي اسيمبلي 48 ڪلاڪن جو مدو گذرڻ بعد آئين تحت پاڻمرادو ٽٽي وئي، عمران خان نگران سيٽ اپ تي ڳالهائڻ لا اڄ پرويز الاهي کي طلب ڪري ورتو. تفصيل موجب پنجاب جي گورنر بليغ الرحمان صوبائي اسيمبلي ٽوڙڻ لا پرويز الاهي جي موڪليل ايڊوائيس (سمري) تي صحيح کان انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن بعد سمري کي 48 ڪلاڪ گذرڻ بعد آئين تحت صوبائي اسيمبلي پاڻمرادو تحليل ٿي وئي آهي. ان حوالي سان گورنر محمد بليغ الرحمان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مون فيصلو ڪيو آهي ته مان اسيمبلي ٽوڙڻ واري عمل جو حصو نه بڻجندس، ائين ڪرڻ سان آئيني عمل ۾ ڪنهن قسم جي رڪاوٽ جو ڪو انديشو ناهي، ڇاڪاڻ ته آئين ۽ قانون ۾ سڀئي معاملا وضاحت سان اڳتي وڌڻ جو رستو موجود آهي. ذريعن موجب پنجاب جي گورنر بليغ الرحمان وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ۽ قانوني ماهرن سان صلاح مشوري بعد سمري تي صحيح نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ياد رهي ته چوڌري پرويز الاهي خميس تي رات جو 12 وڳي ڌاري گورنر کي اسيمبلي ٽوڙڻ جي سمري موڪلي هئي، جيڪا گورنر هائوس جي اسٽاف ساڳئي ڏينهن رات جو 10 لڳي 10 منٽن تي بند لفافي ۾ وصول ڪئي هئي، بعد ۾ گورنر بليغ الرحمان سمري ملڻ جي تصديق پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي ڪئي هئي. آئين تحت گورنر پنجاب کي 48 ڪلاڪن ۾ اسيمبلي ٽوڙڻ واري سمري تي صحيح ڪرڻي هئي ۽ ائين نه ڪرڻ جي صورت ۾ اسيمبلي کي پاڻمرادو تحليل ٿيڻو هو. هاڻي چوڌري پرويز الاهي نگران وڏي وزير جي مقرري تائين وقتي وزيراعليٰ طور ڪم ڪندو رهندو، جڏهن ته نگران حڪومت قائم ڪرڻ لا اپوزيشن ليڊر حمزا شهباز سان مشورو پڻ ڪندو، ٻنهي اڳواڻن کي ايندڙ 3 ڏينهن اندر گڏيل صلاح مشوري سان نگران وڏو وزير مقرر ڪرڻو آهي، جيڪڏهن ٻنهي ۾ اتفاق نه ٿي سگهيو ته معاملو 6 رڪني پارلياماني ڪميٽي وٽ هليو ويندو، جنهن ۾ حڪومت ۽ اپوزيشن بينچن جا 3- 3 ميمبر شامل هوندا. پارلياماني ڪميٽي 3 ڏينهن اندر اتفاق را سان نگران وڏو وزير مقرر ڪندي، جيڪڏهن ڪنهن نالي تي رضامند نه ٿي ته پو نگران وزيراعليٰ جي مقرري اليڪشن ڪميشن ڪندو. هوڏانهن تحريڪ انصاف جو چيئرمين عمران خان پنجاب ۾ نگران سيٽ اپ لا اڄ وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي سان ملاقات ڪندو، جنهن ۾ نالن تي صلاح مشورو ڪيو ويندو ۽ عمران خان پرويز الاهي کي نگران سيٽ اپ لا نالا ڏيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button