اسلام آبادپاڪستان

هاڻي شهباز شريف جي آزمائش آهي،اعتماد جو ووٽ وٺڻو پوندس: عمران خان

تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان مسلم ليگ (ق) کي پي ٽي آ ۾ ضم ٿيڻ جي درخواست ڪري ڇڏي، عمران خان چيو آهي ته پنجاب اسيمبلي کي ٽوڙي اصل قرباني (ق) ليگ ڏني آهي، تحريڪ انصاف جي ٽڪيٽ تي چونڊون وڙهڻ (ق) ليگ جي پنهنجي مفاد ۾ آهي، اسان هاڻي شهباز شريف پنجاب ۾ اسان جو ٽيسٽ ورتو، هاڻي اسان سندس آزمائش وٺڻ وارا آهيون، صدر وزيراعظم کي اعتماد جو ووٽ وٺڻ لا چئي سگهي ٿو ۽ شهباز شريف کي اعتماد جو ووٽ وٺڻو پوندو، هن کي ايڏو ٽينشن ڏينداسين جو ننڊ جي گوري کائڻي پوندس. خانگي ٽي وي کي ڏنل انٽرويو ۾ اڳوڻي وزيراعظم چيو ته پختونخوا اسيمبلي ٽوڙڻ جو معاملو پنجاب اسيمبلي سان جڙيل آهي، پنجاب اسيمبلي ٽٽڻ جي هڪ هفتي اندر خيبر پختونخوا اسيمبلي کي به تحليل ڪري ڇڏينداسين، پرويز الاهي کي درخواست سان گڏ تجويز ڏئي رهيا آهيون ته هو پنهنجي پارٽي کي تحريڪ انصاف ۾ ضم ڪري ڇڏي. هڪ سوال جي جواب ۾ عمران خان چيو ته ساڍا 3 سالن جي حڪومت منهنجي لا عذاب هئي، سڀني کي منهن ڏيڻ، مٿان وري هر ڪنهن جون فرمائشون، بجيٽ آيو تڏهن به ڊيمانڊون، هو پئسا وڌيڪ گهرندا هئا، انهن کي پئسا ڏيون ته اسان جا ماڻهو ناراض ٿي ويندا هئا، شهباز شريف لا منهن ڏيڻ ۾ ڪا ڏکيائي ناهي، ڇاڪاڻ ته سندس سياست ئي رشوت واري آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button