جهڙي نموني دنيا ۾ هزارين ڳالهيون آهن، انهن مان اڻڳڻيون ڳالهيون اسان کي وڻنديون آهن، ڪيتريون ئي ڳالهيون وري نه به وڻنديون آهن، ڪي ڳالهيون سمجهه ۾ اينديون آهن ۽ ڪي وري مٿان گذري وينديون آهن. ڪن ڳالهين کي ٻڌي ايئن لڳندو آهي، ڄڻ اها اسان جي ڳالهه ٿي رهي آهي ۽ ڪي ڳالهيون ٻڌي وري اهو تاثر ڏيندا آهيون ته خبر نه آهي اها ڪنهن جي ڳالهه ٿي رهي آهي. بلڪل ايئن ليکڪن جا به قسم ٿيندا آهن، انهن ۾ هڪڙا ليکڪ پڙهندڙن جا ليکڪ ٿيندا آهن، جيڪي ڪجهه به لکن انهن جي پڙهندڙن کي وڻندو آهي ۽ انهن جي واهه واهه ٿيندي رهندي آهي، اهڙا ليکڪ گهڻو ڪري پاپولر لٽريچر لکندا آهن. پاپولر لٽريچر ۾ هلڪيون ڦلڪيون رومانوي ڪهاڻيون، جنسي ڪهاڻيون، جاسوسي ڪهاڻيون، مسٽري، ڀئواتيون ڪهاڻيون وغيره اچيو وڃن. ان قسم جا ليکڪ دنيا ۾ هزارن جي نه پر لکن جي انگ ۾ آهن. پائولو ڪوهيلو کان ويندي ڪولن هور تائين ۽ محسن حامد کان ويندي چيتن ڀڳت تائين، خليل قمر کان ويندي عميره ۽ نمره احمد اهڙا انيڪ ليکڪ آهن جيڪي پاپولر لٽريچر لکن ٿا ۽ عام پڙهندڙن وٽ ڏاڍا مشهور رهن ٿا. سندن عام رواجي ڳالهين ۽ عام رواجي لکڻين کي تمام گهڻو ساراهيو ويندو آهي ۽ اهي رڳو اهو ئي لکڻ جي ڪوشش ڪندا آهن جيڪو پڙهندڙ پڙهڻ چاهي ٿو. اهڙن ليکڪن وٽ ڪوبه هڪ خيال اهڙو نه هوندو آهي جيڪو دنيا اندر ڪنهن نئين بحث، نظرئي يا وري ڪنهن تحرڪ کي جنم ڏئي يا انهي کي هٿي وٺرائي. گهڻو ڪري انهن ليکڪن کي اهو به لڳندو آهي ته اهي پڙهندڙن جي مزاج کي سمجهن ٿا ۽ اهڙن ليکڪن لا ادب بازار ۾ وڪرو ٿيندڙ ۽ مشهور ٿيڻ جي وکر کان سوا ڪجهه به نه هوندو آهي.
اهڙن ليکڪن جي ڀيٽ ۾ وري ڪي ليکڪ، ليکڪن جا ليکڪ ٿيندا آهن، جيڪي عام پڙهندڙن لا نه لکندا آهن، پر اهي دنيا تائين پنهنجا نت نوان خيال پهچائڻ گهرندا آهن. اهڙن ليکڪن کي اها پرواهه نه هوندي آهي ته هنن جي خيالن تي ڪهڙو ردعمل ايندو يا وري انهن جي خيالن کي ڪهڙي نظر سان ڏٺو ويندو.
مشهور ليکڪه جهمپا لهري “دي نيو يارڪر فيسٽيول” جي هڪ سيشن ۾ ڳالهيندي چيو ته هر ليکڪ پنهنجو پهريون ڪتاب هڪ مخصوص سادگي ۽ پاڪائيءَ سان لکندو آهي. جڏهن ته ليکڪن جا ليکڪ پنهنجو هر ڪتاب انهي سادگي ۽ پاڪائيءَ سان لکندا آهن. اهي سدائين لکڻ جي رائج قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندا رهندا آهن ۽ اهڙو لکندا آهن جيڪو عام پڙهندڙ جي سوچ کان تمام مٿاهون هوندو آهي، اهي پڙهندڙن جي خواهشن کان پاڻ کي آزاد ڪرائي وٺندا آهن.
اهڙي ريت نڪلوئي ڪراس انهي حوالي سان ساڳئي سيشن ۾ ڳالهيندي چيو ته ليکڪن جي ليکڪ جي لکڻين کي سمجهڻ ڏکيو ڪم هوندو آهي ۽ جيتري تائين سندن لکيل جملو کي وري وري نه پڙهجي ايتري تائين انهن جي ڳالهه سمجهڻ ڏکيو ڪم هوندو آهي.
ليکڪن جا ليکڪ فڪشن توڙي نان فڪشن ٻنهي ۾ موجود هوندا آهن. اهڙي قسم جي ليکڪن جي لکڻين کي انهن جي دور ۾ رد ڪيو ويندو آهي پر اڳيان هلي اهي ئي لکڻيون ڪلاسڪ جو درجو ماڻي وٺنديون آهن. اهڙن ليکڪن جي هڪ خوبي اها به هوندي آهي ته انهن جي لکڻين کي پڙهندڙن جا ليکڪ حوالي طور ڪم آڻيندا آهن ۽ پرهندڙن جا ليکڪ انهن جي انداز جي نقل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن جنهن ۾ اهي ناڪام ويندا آهن.
افسانوي ادب جي حوالي سان ڪجهه اهم ليکڪن جي ليکڪن جو ذڪر ڪري سگهجي ٿو، جنهن ۾ والٽيئر، دوستووسڪي، ڪافڪا، سارتر، ڪنڊيرا، جان بارٿ وغيره اچيو وڃن. انهن ليکڪن جو اثر سڄي دنيا جي ليکڪن تي رهيو آهي ۽ دنيا جي سو عظيم ليکڪن جي شايد ئي اهڙي ڪا فهرست هوندي جنهن ۾ انهن ليکڪن جو ذڪر ڪيل نه هجي. انهن مان وري دوستووسڪي ۽ ڪافڪا کي ته هر دور جي ليکڪن طور تصور ڪيو وڃي ٿو. اهي افسانوي ادب جا گيٽ ويز آهن، جن کي پڙهڻ بنا ڪو به ڪهاڻيڪار ڪهاڻيڪار ٿي ئي نٿو سگهي. ڪافڪا جي لکڻين جي اهميت جو اندازو ان ڳالهه مان به لڳائي سگهجي ٿو ته انهن ايترن ليکڪن کي متاثر ڪيو جو افساني لکڻ جي ان انداز کي نقادن “ڪافڪاين اسٽائيل” جو نالو ڏنو. جيڪڏهن ڪافڪا جديديت واري ڌارا جي ليکڪن جو سرتاج آهي ته وري جديديت پڄاڻا ليکڪن ۾ جان بارٿ به پنهنجو مٽ پاڻ آهي. هن کي جديديت پڄاڻا جي پنجاهه اهم ليکڪن مان هڪ سمجهيو وڃي ٿو ۽ ان کان سوا جان بارٿ کي ميٽافڪشن جو ابو به سڏيو وڃي ٿو. ميٽافڪشن ڪهاڻي يا ناول اهو هوندو آهي، جيڪو افساني اندر افساني بابت ڳالهائي، افسانو ان پسمنظر ۾ لکيل هجي ته افسانو ٿيندو ڇا آهي، اهو ڪيئن هوندو آهي؟ ان جا موضوع ڪهڙا هجڻ گهرجن ۽ ڪنهن حد تائين ٻين افسانن تي تنقيدي جائزو ڏنل هجي. اهڙي افساني کي ميٽافڪشن چئجي ٿو.
ان حوالي سان جان بارٿ اهڙو افسانوي ليکڪ آهي جنهن افساني لکڻ جا سڀئي روايتي ۽ مروج انداز ٽوڙي مروڙي هڪ الڳ انداز ۽ اسلوب سان افسانا لکيا. ايتري تائين جو هو پاڻ به هر وقت پنهنجن افسانن ۾ موجود رهي ٿو ۽ انهي جو جائزو وٺندو هلي ٿو يا پنهنجي ئي ڪهاڻيءَ تي ڪمنٽري به ڏيندو هلي ٿو. بارٿ انهن ليکڪن مان هڪ ڳڻيو وڃي ٿو جن ادب کي نوان انداز ۽ نوان رخ ڏنا، هن جي لکڻين ۾ انساني حالت تي پڻ تمام گهڻي روشني وڌي وئي آهي. ان جو بهترين مثال هن جي ناوليٽن جي ڪتاب “Where Three Roads Meet (2005)” جو پهريون ناوليٽ “Tell Me” آهي، جيڪو ٽن دوستن ايل، وني ۽ ول جي ڪهاڻي آهي، ان جي سيٽنگ ٻين عالمي جنگ کان پو سن 1949ع جي آمريڪي سماج جي پسمنظر ۾ رکيل آهي، هن ڪهاڻيءَ کي لو ٽرا اينگل به چئي سگهجي ٿو. ان جو مُک حصو 19 سالن جي ڄمار واري ول جي جنسي زندگيءَ جي حوالي سان آهي، جنهن ۾ ول پنهنجي استاد ايل جي محبوبه وني سان جنسي ناتا رکي ٿو ۽ هڪ ڏينهن وني هن کي ٻڌائي ٿي ته ايل کي سندن لاڳاپن جي خبر آهي. ايتري تائين جو ايل پاڻ ئي وني کي ول ڏانهن پنهنجي خوشي سان موڪليندو آهي. هڪ پاسي ته هنن ٽنهي ڪردارن جي ڪهاڻي هلي ٿي ۽ ٻئي پاسي وري بارٿ ادب، جنهن ۾ ڪلاسيڪي ادب کان ويندي موجوده ادب تائين جا حوالا ڏيندو هلي ٿو. ان کان سوا انهن تي تبصرو به ڪندو هلي ٿو ۽ اهو به ٻڌائيندو هلي ٿو ته لفظن جي جوڙجڪ ۽ بيهڪ ڪيئن جڙندي آهي. هي ناوليٽ پڙهندي هڪ عام پڙهندڙ ڪيترن ئي هنڌن تي مونجهاري ۾ پئجي وڃي ٿو، هن کي اهو به احساس ٿي سگهي ٿو ته اصل ڪهاڻي ڪٿي گم ٿي وئي، پر اهو ئي جان بارٿ جي لکڻ جو ڪمال آهي ته پڙهندڙ ليکڪ بدران پنهنجي سوچ، تصور ۽ تخيل جو وڌ کان وڌ استعمال ڪرڻ لڳي ٿو.
ڪيترا ئي ليکڪ جيڪي ميٽافڪشن جي حوالي سان لکندي نظر اچن ٿا انهن جي لکڻين تي جان بارٿ جي ناولن ۽ افسانن جو تمام گهرو اثر نظر اچي ٿو. اهڙي ريت جان بارٿ جي افسانن مون تي اهڙو اثر ڪيو جو مون پنهنجو تازو ڇپيل ناول “ڪهاڻين جو شهر” جي ارپنا بارٿ جي ناول “چميرا” جي نالي ڪئي آهي. بارٿ جو اهو ناول اهڙو آهي جنهن مون کي ڪهاڻي ٻڌائڻ جي نون اندازن کان روشناس ڪرايو.