ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڪيفي ادب عرف ميٽالٽريچر – II

ناول جي ڪھاڻي آدرش جي ڪھاڻين جي داستان سان شروع ٿئي ٿي جنھن ۾ آدرش نھ صرف پنھنجي ڪھاڻين بابت ڳالھائي ٿو پر ڪيترين ئي ڪھاڻين، ناولن، صحافتي مسئلن، اشاعتي ادارن ۽ ادب جي ٻين موضوعن بابت ڳالھائي ٿو. نھ صرف انھن بابت پر اديبن ۽ اديبن جي لکڻين بابت بھ ڳالھائي ٿو. ميٽالٽريچر جي زمري ۾ پوسٽ ماڊرن ٽيڪنيڪ پئروڊي ۽ ڊارڪ ھيومر جو بھ استعمال ڪري ٿو. اھو سٽاير جوناٿن سوئفٽ جي سٽاير جيان تُز ۽ جن تي سٽائير ٿيل آھي، انھن کي ڪاوڙ ڏياريندڙ بھ ٿي سگھي ٿو. آدرش ھڪ غريب ڪھاڻيڪار ھوندو آھي، جيڪو روايتي اديبن ۽ ادبي لکڻين سان بغاوت ڪري ھڪ پاسي بيٺو ھوندو آھي. ٻئي پاسي روايت پسند اديب جھڙوڪ گلاب، بھار باغيچو جيڪو ڪيمپس ناول نگار ھوندو آھي، سڪايل سنڌي، لاجواب جيڪا فلئش فڪشن لکندي آھي، ڪمال علي جيڪو روڊ ايڪسيڊنٽ ۾ وفات ڪري ويندو آھي. نقاد ڊاڪٽر رجب ۽ اھڙن ٻين ڪھاڻيڪارن يا ناول نگارن سان سندن نھ لڳندي آھي. ان جا سبب بھ ميٽالٽريچر جا فارميٽ آھن، جيتوڻيڪ انھن سڀني مان اھم ليکڪ ڊاڪٽر رجب کيس ڀائيندو آھي ۽ ھو بھ عزت جي نگاهه سان ڏسندو آھي. پر انھي سموري لقاءُ ۾ اھم ڳالهھ ماڻڪ آھي جيڪو نھ صرف ھڪ آئيڊيل ڪھاڻيڪار ھوندو آھي پر ان سان گڏ سندس ڪھاڻين جي ڇاپ، انھن جا موضوع بھ ھوندا آھن، جنھن سان جادوئي حقيقت نگاريءَ جي بنياد تي مڪالما ٿيندا رھندا ۽ انھن مڪالمن جو موضوع بھ ڪھاڻيون ھونديون آھن.
ڪھاڻيءَ جو سِرو آدرش جي ذاتي زندگيءَ سان ڳنڍيل ھوندو آھي جھڙوڪ سندن غربت، زندگيءَ جي گاڏي ھلائڻ لاءِ اخبار ۾ ڪالم لکڻ، جڳھه جي مسواڙ نھ ڀري سگھندڙ، سگريٽن يا شراب جي پِنٽ جا پيسا نھ ھجڻ، ماني يا چانھه جا پيسا نھ ھجڻ، ماءُ جي علاج لاءِ ڪھاڻيون لاجواب کي وڪڻڻ ۽ دلبر جو سھارو وٺڻ جھڙا مسئلا سندن ذاتي زندگيءَ سان سلھاڙيل ھوندا آھن، جيڪي موجوده دور جي ادب ۾ اديبن سان پيش ايندا رھيا آھن. آدرش سموري ناول ۾ اھڙي ڪسمپرسيءَ جو شڪار ھوندي بھ ادبي معيار يا اصولن تي سوديبازي ڪري اسٽيٽس ڪو سان ڪمپرومائيز نھ ڪندو آھي، پر پنھنجي ادبي اصولن تي ڄمي بيٺل ھوندو آھي ۽ آخر ۾ لاجواب سندن ڏنل ڪھاڻين جو ڪتاب آدرش جي نالي تي ئي ڇاپي ڪتاب کي “ڪيفي ادب” جو نالو ڏيندي آھي ۽ ڪيفي ادب ۾ ئي ان جي مھورتي تقريب ٿيندي آھي. ناول جي خوشگوار پڄاڻي ٻن ڳالھين سان ٿيندي آھي. ھڪ تھ سندس ڪھاڻين جو ڪتاب ڇپجندو آھي، ٻيو تھ لاجواب جھڙي انتھائي خوبصورت ليکڪا طرفان زندگيءَ جي ساٿ جي آڇ ٿيندي آھي جنھن کي ھو قبول ڪندو آھي ۽ ناول جي ڪھاڻي جي ھيپي اينڊنگ ٿيندي آھي.
ڪھاڻيءَ جي وصف يا تشريح:
ميٽالٽريچر جي نقطھ نظر سان جيڪڏھن ڏسجي تھ ناول ۾ ڪھاڻيءَ جي وصف بابت ڪجھه اھم ڳالھيون ملنديون آھن تھ ڪھاڻي ڇا ٿيندي آھي. جھڙوڪ “ھي سنسار ائٽمن جو نھ پر ڪھاڻين جو ٺھيل آھي” ص 71. ڪھاڻيءَ جي ھي وصف انتھائي اھم ۽ سائنسي بنيادن تي آھي. جھڙوڪ تاريخ جي تشريح واقعن سان ٿيندي آھي ۽ خود وقت جي وضاحت بھ ڪجھه ٿيڻ يعني انسيڊنٽ سان ٿيندي آھي. ايئن ڪھاڻيءَ جي تشريح بھ ارتقا سان ڳنڍيل آھي. ڪھاڻيءَ جي اھا تشريح بيان ڪرڻ جي ضرورت ان ڪري پئي جو جيڪا ڪھاڻي سنڌي ادب ۾ اڄڪلھه لکجي رھي آھي، ان تي آدرش مطمئن نھ ھوندو آھي. ھو چوي ٿو؛ “مون جيڪڏھن ڪھاڻيڪارن کي اھو ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي، ڪھاڻي اھا ناھي، جيڪا اھي لکي رھيا آھن تھ ڪو ڏوهه ڪيو اٿم.” ص 43. ۽ ڪھاڻين جي سرچشمي بابت آدرش جو خيال آھي تھ “بس چاچا اچي ويندا آھن. ماڻھو آھي خيال جي مٽيءَ مان ڳوھيل، سو خيال پيا ڦرندا آھن. انھن کي جھٽڻو پوندو آھي.” ص. 48. يعني ڪھاڻي گھڙبي نھ آھي ڪھاڻي پڪڙبي آھي، ڪھاڻيون موجود آھن جيئن ھڪڙي جاءِ تي آدرش چوندو آھي تھ حيدرآباد جو عمارتون ڪھاڻيون پيون ٻڌائينديون آهن ۽ ھر عمارت ھڪڙي ڪھاڻي آھي. ايئن نھ صرف ڪھاڻي جي وصف ۽ ڪھاڻيءَ جي سرچشمي بابت ميٽالٽريچر طور ڳالھايو وڃي ٿو پر ڪھاڻيڪارن جي حالت بھ بيان ڪئي وڃي ٿي جھڙوڪ؛ “تون لڙھندڙ نسل نھ پر اڄوڪي نسل جو ڪھاڻيڪار آھين ۽ ڪھاڻي ڪيئڻ ھجڻ گھرجي، اڄ جي نوجوان ٽھيءَ مان توکان وڌيڪ ڪير ٿو ڄاڻي.”
“۽ ڪھاڻيڪار جو موت بھ ڀوائتو ٿيندو آھي. ھيمنگوي پاڻ کي گولي ھنئي. نسيم کرل کي ڌاڙيل ماري ويا. منٽو چمچي سان شراب ڳڙڪائيندي مري ويو. توھان گوريون ڦڪي ڇڏيون ۽ علي بابا غربت ۾ گذاري ويو.” ص. 45. صرف ڪھاڻي نھ پر ڪھاڻيڪارن سان بھ جيڪا حالت اٽيٽسڪو ذريعي ٿي اھا بھ بيان ڪيل آھي. ڪھاڻيڪارن جي غربت جي حوالي سان آھي تھ “ظاھر آھي ھڪ ڪھاڻيڪار ڪھاڻيون ئي ٻڌائيندو. پاڻ وٽ جيڪا ادب جي حالت آھي، اُن ۾ اُھي لکن پيا، جن کي پڙھڻ گھرجي. ڪتاب اُھي پيا ڇپائين جن ڪڏھن ڪو ڪتاب ناھي پڙھيو. جيڪو ڪتاب لکي ٿو، اُھو مون وانگر غريب ۽ جيڪو نٿو لکي سگھي سو امير آھي.” ص. 41. ايئن آدرش پنھنجي ميٽالٽريچر واري آدرشي تصورن ۾ فڪشن ۽ فڪشن ليکڪن بابت بھ ڳالھائي ٿو. انھي سموري حالت باوجود بھ ڪھاڻيون لکجن پيون ۽ ڪھاڻيڪار پيدا ٿين پيا، ان جو ڇا سبب آھي؟ آدرش کي ماڻڪ ٻڌائي ٿو تھ “ڪھاڻيون دلي سڪون ڏينديون آھن، پئسو نٿيون ڏيارين. دنيا پئسي کي پوڄيندي آھي. ڪھاڻي گھٽ پڙھندي آھي.” ص. 44. ايئن ڪيترين ئي ھنڌن تي ڪھاڻيءَ جي وصف ۽ ڪھاڻيءَ جي سرچشمن بابت بحث ڪندي ناول اڳتي وڌي ٿو. ڪھاڻيڪارن ۽ ڪھاڻين جي سماج ۾ قدرداني بابت بھ بحث ٿيل آھن.
ان کان پوءِ ميٽالٽريچر ۾ ميٽا اسٽوري، ڪھاڻي جا گھاڙيٽا ۽ ڪھاڻيءَ جو موضوعن، پوسٽ ماڊرن ٽيڪنيڪ سٽاير يا پئروڊي بابت بحث ٿيل آھي. جن کي ٿورڙن مثالن سان سمجھڻ جي ضررورت آھي تھ اھي ڪيئن ميٽالٽريچر جي زمري ۾ اچن ٿا.
ڪھاڻي جي فن يا گھاڙيٽي بابت بحث:
جيئن تھ ناول جي ڪھاڻي ۾ پلاٽ ئي ڪھاڻيڪار آدرش ۽ ماڻڪ جي تخيلي تصور تي ٻڌل آھي، ان ڪري نصابي يا اڪيڊمڪ حوالي سان تھ نھ پر غير رسمي طور تي ڳالھايل آھي جنھن ۾ ڪھاڻيءَ جي فارميٽ جھڙوڪ فلئش فڪشن، 100 لفظن واري ڪھاڻي ۽ ٻين اھڙن گھاڙيٽن بابت ڳالھايل آھي. نھ صرف انھن گھاڙيٽن پر انھن گھاڙيٽن کي پسند ڪندڙ يا لکندڙ ليکڪن جي باري ۾ بھ نقطا ڏنل آھن. جن سان ھو سخت اختلاف ڪندو رھي ٿو. لاجواب کيس قائل ڪرڻ واري انداز ۾ چوي ٿي “توھان مڃيو يا نھ پر اڄڪلھه ماڻھو فلئش فڪشن پڙھڻ چاھين ٿا، ماڻھن وٽ وقت ناھي……ڏسو نھ ڪيئن ھڪ ڪھاڻيڪار سئو لفظن ۾ سڄي ڳالھه چئي ڇڏي ٿو.”….”ھا سئو لفظن جي ڪھاڻي. ھڪ ماڻھو اھو سلسلو ڇا شروع ڪيو، سڀ اُن جي پويان ڪاھي پيا. آئون اِن کي ڪھاڻيءَ سان ڏاڍائي سمجھان ٿو. ماڻھوءَ سان ڏاڍائي کان بھ وڌيڪ ڪنھن تخليقي صنف سان جُٺ ڪرڻ خراب عمل آھي.” ص. 28. ھتي آدرش انفرادي ڏاڍائيءَ کان وڌيڪ ڪھاڻيءَ جي صنف سان ڏاڍائيءَ کي نندي ٿو، جنھن جو اثر سموري ادب تي پوي ٿو. بيشڪ ان ۾ اختلاف جي گنجائش آھي جنھن سان فلئش فڪشن وارا پنھنجي فارميٽ يا ھئيت جي دفاع ۾ اختلاف ڪري سگھن ٿا پر ميٽالٽريچر تي ڳالھائيندي ڪٿي ڌُر ٿيئڻو پوي ٿو.
ھلندڙ

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button