ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

حياتي بچائيندڙ دوائن جي اگهن ۾ واڌ جي سفارش

پاڪستان ۾ اڄڪلهه هر شيءِ جي کوٽ ٿيندي پئي وڃي. ڪٿي ماڻهن کي اٽو ڪونه ٿو ملي، ڪٿي گئس ڪونهي، ڪٿي لائيٽ ڪونهي ته ڪٿي وري ماڻهن کي پيئڻ لاءِ پاڻي ڪونه ٿو ملي. ائين جيڪڏهن مجموعي طور ملڪ جي صورتحال ڏسون ٿا ته عوام جي حالت به بنهه گهڻي خراب نظر اچي ٿي. عوام ذهني طور به پريشان آهي ته معاشي طور به ان جي حالت بنهه گهڻي خراب آهي. جيڪڏهن اهو سلسلو ائين هلندو رهيو ته پوءِ عوام لاءِ ايندڙ وقت بنهه گهڻو خراب هوندو. پي ٽي آءِ حڪومت اچڻ کان پوءِ جهڙي ريت ملڪ ۾ مهانگائيءَ جو طوفان آيو، ماڻهن کي بيروزگار ڪيو ويو ۽ معاشي صورتحال بدحال ٿي ته اها اڃا تائين بهتر ڪونه ٿي سگهي. ڏينهون ڏينهن معاشي حالت بگڙي رهي آهي ۽ عوام لاءِ پريشانيون وڌي رهيون آهن. پر هاڻوڪي حڪومت به ڪو ٻوٽو ڪونه ٻاريو آهي، نتيجي ۾ نه رڳو هي حڪومت عوام تي بار ٿي پئي آهي پر عوام حڪومت کان بيزار ٿي پيو آهي، ڇا شهباز شريف ان ڪري وزير اعظم ٿيو آهي جو اهو به پي ٽي آءِ جي ساڳين پاليسين جي جاري رکندو اچي ۽ عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏي. هن حڪومت کان پوءِ مهانگائي ته وڌي آهي پر ان سان گڏ جيڪي ٻيا بحران وڌيا آهن، انهن جو ذڪر ته الڳ ڪري سگهجي ٿو. ڇو ته هي حڪومت به عوامي مفادن ۾ فيصلو ڪونه پئي ڪري ۽ نه ئي عوام لاءِ ڪي اهڙا اپاءَ وٺڻ لاءِ تيار آهي، جيڪي عوام کي ڪجهه رليف ڏئي سگهن. هاڻ اهي خبرون اچي رهيون آهن ته دوائون مهانگيون ڪيون وينديون. هي اهي دوائون آهن، جيڪي انساني حياتي بچائين ٿيون، جڏهن ته ان کان اڳ ۾ به اهي دوائون مهانگيون ڪيون ويون آهن ۽ عوام جي پهچ کان اهي دوائون پري رکيون ويون آهن.
سڄي ملڪ ۾ حياتي بچائيندڙ دوائن جي کوٽ وڌي وئي آهي، جنهن سبب ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي 110 کان وڌيڪ دوائن جي اگهن ۾ واڌ جي سفارش ڪري ڇڏي آهي. ذريعن موجب ملڪ ۾ اينسٿيزيا، ڪينسر، نفسياتي مرضن، عضون جي پيوندڪاري ۽ ٻين بيمارين ۾ استعمال ٿيندڙ دوائن جي سخت کوٽ ٿي وئي آهي. وزارت جو چوڻ آهي، اگهن ۾ واڌ نه ڪئي وئي ته خدشو آهي فارما ڪمپنيون اهي دوائون ٺاهڻ ۽ ٻاهران گهرائڻ بند ڪري ڇڏينديون. ڊريپ اختيارين موجب کين 400 کان وڌيڪ دوائن جي اگهن ۾ واڌ جون درخواستون وصول ٿيون هيون، پر 110 حياتي بچائيندڙ دوائن جي اگهن ۾ واڌ جي سفارش ڪئي آهي. عوام کي سرڪاري اسپتالن ۾ علاج ته ملي ويندو آهي ۽ اهو مفت ۾ ملي ٿو پر اتان کان دوائون ڪونه ملنديون آهن. عوام اهي دوائون پئسن سان وٺندو آهي. اهڙي ريت جيڪڏهن هر ٻئين ٽئين مهيني دوائن جون قيمتون وڌايون وينديون ته پوءِ ماڻهو دوائون ڪيئن خريد ڪري سگهندا ۽ ڪهڙي ريت اهي پنهنجي صحت کي برقرار رکي سگهندا. ڇاڪاڻ ته جيڪو عوام اٽو خريد ڪونه پيو ڪري سگهي ۽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ قطارن ۾ لڳي اٽي جو انتظار پيو ڪندو آهي، اهو ايتريون مهانگيون دوائون ڪيئن ٿو خريد ڪري سگهي. ڇا صحت واري وزارت کي اها خبر ناهي ته حياتي بچائيندڙ دوائون ايتريون مهانگيون ڪونه ڪيون وينديون آهن. انهن کي هر حال ۾ ايترو سستو ضرور رکيو ويندو آهي ته جيئن عام ماڻهو آسانيءَ سان خريد ڪري سگهن ۽ انهن کي دوائون خريد ڪرڻ ۾ ڪا تڪليف نه ٿئي. جيڪڏهن 110 دوائن جي اگهن ۾ واڌ ڪئي ٿي وڃي ته ملڪ ۾ موجود هزارين مريض پريشانيءَ کي منهن ڏيندا، انهن جي کيسي تي مالي بار پوندو ۽ اهي ڪنهن به ريت اهي دوائون خريد ڪونه ڪري سگهندا. تنهنڪري صحت واري وزارت کي ان پاسي ڌيان ڏيڻ گهرجي.
اسين سمجهون ٿا ته فارما سوٽيڪل ڪمپنين کي به عوام جو خيال ڪرڻ گهرجي. انهن کي عوام تي نون اگهن جو بار نه وجهڻ گهرجي ته جيئن عام ماڻهوءَ کي حياتي بچائيندڙ دوائون ملي سگهن ۽ اهي وڏي وقت تائين جيءَ سگهن. حڪومت کي دوائن جي اگهن ۾ ڪنهن به ريت واڌ نه ڪرڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button