سنڌ

عوام ڪراچي جو مينڊيٽ چوري ڪرڻ جي سازش کي رد ڪري ڇڏيو:ايم ڪيو ايم

ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻن ڪراچي ۽ حيدرآباد بلدياتي چونڊن ۾ گهٽ ووٽنگ ٽرن آئوٽ کي پنهنجي موقف جي فتح قرار ڏنو. خالد مقبول صديقي ايم ڪيو ايم پاڪستان جي بهادر آباد مرڪز ۾ فاروق ستار ۽ مصطفيٰ ڪمال سميت ٻين اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اليڪشن ڪميشن هڪ ڀيرو ٻيهر تعصب جو مظاهرو ڪيو آهي، جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن شفاف چونڊون نٿي ڪرائي سگهي ته ان جي ڪا به ضرورت ناهي.خالد مقبول صديقي چيو ته ڪراچي ۾ اڄ فراڊ هارايو آهي ۽ ڪراچي کٽي آهي، عوام گهرن ۾ ويهي ايم ڪيو ايم جي فيصلي تي ريفرنڊم ڏنو. هن چيو ته عوام ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ چونڊن کان اڳ ٿيل ڌانڌلي کي رد ڪري ڇڏيو، عوام ڪراچي جو مينڊيٽ چوري ڪرڻ جي سازش کي رد ڪري ڇڏيو. ڪنوينر ايم ڪيو ايم پاڪستان چيو ته ايم ڪيو ايم جي چونڊ سياست ايوانن جي محتاج ناهي، اسان عوام جي دلين ۾ رهون ٿا، اسان 2001ع جي چونڊن ۾ حصو نه ورتو، هن اليڪشن کي ڪير به قبول نه ڪندو، هن اليڪشن جي ڪا اخلاقي حيثيت ناهي.فاروق ستار چيو ته وسيم اختر جي دور حڪومت جي آخري ڏينهن ۾ تڪ بنديون ڪيون ويون، ڪراچي سڀني جو آهي پر ڪراچي جو به هر ڪنهن جو هجڻ گهرجي. ماڻهن ڪراچي کي مفت جو مال سمجهيو آهي. ياد رهي ته گذريل رات ايم ڪيو ايم پاڪستان مڪاني چونڊن جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button