سنڌ

مڪاني چونڊن ۾ پي ٽي آءِ بدترين دهشتگردي ڪئي: شرجيل ميمڻ

سڌ سماءَ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ڪراچي ۾ مڪاني چونڊن ۾ پي ٽي آءِ بدترين دهشتگردي جو مظاهرو ڪيو آهي، فردوس شميم نقوي جهڙي ريت بيلٽ باڪس جا سيل ٽوڙيندو رهيو، ان جي مذمت ڪريون ٿا. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي قومي اسيمبلي جي ميمبر شاهده رحماني جي پٽ تي پي ٽي آءِ جي غنڊن حملو ڪيو ۽ سندس ساٿين تي تشدد ڪيو ويو. صوبائي وزير چيو ته پي ٽي آئي جي غنڊن پاڪستان پيپلز پارٽي جي مقامي اڳواڻ شھزاد ميمڻ جي گاڏي تي پڻ حملو ڪيو ۽ گاڏي جا شيشا ٽوڙيا. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي دھشتگردي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا، ھن چيو ته پي ٽي آ بدمعاشي واري سياست بند ڪري.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button