سنڌ

وڏي وزير طرفان ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول روم جو دورو

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪراچي سينٽرل پوليس آفيس ۾ قائم ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول روم جو دورو ڪيو ۽ ڪنٽرول روم ۾ پولنگ اسٽيشنن تي جاري مڪاني چونڊن جي عمل جو جائزو ورتو. وڏي وزير جي ترجمان مطابق سيد مراد علي شاهه ڪنٽرول روم جو معائنو ڪرڻ لاءِ سي پي او پهتو. سندس آجيان چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت ۽ آءِ جي غلام نبي ميمڻ ڪئي. ان موقعي تي وڏي وزير سي پي او آفيس ۾ قائم ڪنٽرول روم جو معائنو ڪيو ۽ ڪنٽرول ۾ پولنگ اسٽيشنن تي جاري مڪاني چونڊ عمل جو جائزو وٺندي اطمينان جو اظهار ڪيو. وڏي وزير آءِ جي پوليس کي هدايت ڪئي ته پولنگ جو عمل پرامن رکيو وڃي. قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ڪنهن به شرپسند کي چونڊ سرگرمين ۾ رنڊڪ وجهڻ جي اجازت نه ڏين. وڏي وزير چيو ته سموريون سياسي پارٽيون ۽ ڪارڪن چونڊ ضابطه اخلاق جو احترام ڪن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button