ڪھاڻيءَ جو گھاڙيٽو، ڪھاڻيءَ جي ڊيگھه ۽ وسعت سمورا بحث طلب آھن، جنھن کي ميٽالٽريچر ۾ بحث ڪري سگھجي ٿو. اڪيڊمڪ حوالي سان انھن جي مختلف ھيئتن کي قبول ڪرڻ يا انھن جي تشريح ڪرڻ ھڪ الڳ بحث پر ناول ۾ انھن ھيئتن تي ڳالھائيندي ڪٿي ھڪ پاسي بيھڻو پوندو آھي. ايئن آدرش پنھنجي گھاڙيٽي يا فن بابت بيٺو آھي. جيتوڻيڪ اتي آدرش جي ڪھاڻيءَ جي گھاڙيٽي جي وسعت ڪجھه محدود لڳي ٿي، ڇو ته ڪڏھن ڪڏھن لڳي ٿو تھ وٽس اھا جسٽيفڪيشن نھ آھي جنھن سان ڪنھن مخالف سوچ يا تصور کي رد ڪري سگھجي پوءِ بھ علامتي طرح اھو سڀ ڪجھه اچي سگھي ٿو، جيئن چوي ٿو تھ “گلاب صاحب…جڏھن لکندو آھي، اھو سڀ جُلاب ٿي ويندو آھي. مون کي حيرت ھر ٻئي ڏينھن ھن جي ٽڪليءَ جي سائيز جيتري ڪھاڻي اخبار ۾ ڇپيل ھوندي آھي.” ص. 29. ايئن ڪھاڻين کي ٽڪلي سائيز سڏي آدرش ھڪ طرف ڪھاڻيءَ جي گھاڙيٽي جي تشريح ڪري ٿو تھ ٻئي پاسي ھو انتھائي تيز ۽ تُز سٽاير ڪري ٿو، جيڪو پنھنجي موقف بيان ڪرڻ جو ھڪڙو انداز آھي. بيشڪ اھا انتھاپسندي بھ چئي سگھجي ٿي. ايئن نھ صرف ڪھاڻيءَ جي گھاڙيٽي پر ڪھاڻي جي موضوعن تي بھ ڳالهھ ٿئي ٿي.
ڪھاڻين جا موضوع:
ڪھاڻين جي موضوعن جي حوالي سان آدرش انتھائي تُز ۽ منطقي لڳندو آھي جنھن ۾ ھو آرٽ جي اڻ سڌي ريت وضاحت ۽ آزاديءَ جي ڳالهھ ڪري ٿو. اھو آرٽ جيڪو وقت جي حالتن ۽ معيارن کان آجو ھجي، جنھن تي ڪي بھ مذھبي، اخلاقي يا وقتي قدرن جون زنجيرون نھ ھجن. ان حوالي سان انتھائي زوردار اظھار ھنن سٽن مان محسوس ڪري سگھجي ٿو، چوي ٿو: “اسان جا اديب ادب کي ڪنڊوم پارائڻ ۾ لڳا پيا آھن.” “ھاھاھا…ڪنڊوم…ادب ڪو خانداني رٿابندي تھ ناھي.” ص. 113. ھي انتھائي اھم نقطو آھي جيڪو نھ صرف ادب پر ڪيترن ئي سماجي علمن سان آھي، جھڙوڪ اسان وٽ سائنس بھ اخلاقيات يا مذھبي دائري ۾ پڙھايا وڃن ٿا. جڏھن تھ سائنس خالص ھڪ تجرباتي علم آھي جنھن تي تجربا ڪيا وڃن ٿا، جڏھن تھ عقيدا يا اخلاقيات تجربن کان ھٽي انساني عقيدي سان سلھاڙيل آھن. ادب کي به جيڪڏھن اھڙن دائرن ۾ بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي ته ادب ھڪ آرٽ طور ڪڏھن به اڀري نه سگھندو. ادب سماجي دائرن کان آزاد ڪري آزاد فضا ۾ اڏامڻ جي ڪوشش جو نالو آھي جنھن ۾ تصوراتي تخيل يا اميجينيشن ذريعي اھا ڳالهه بھ ڪري سگھبي آھي، جيڪا ڳالهه اڃا وجود ئي نھ رکندي ھوندي، جيئن سائنس فڪشن ۽ جادوئي حقيقت نگاري آھي. ايئن ڪيتريون ئي ڳالھيون آھن، جيڪي ادب ذريعي تخليق ڪيون وينديون آھن. ان ڏس ۾ ھڪڙي جاءِ تي بھار باغيچي ۽ شيرين جي وچ ۾ مڪالمو آھي تھ: “ادب ۾ جنس جو پرچار نه ڪرڻ گھرجي. آخر اسان کي سماج جي اصلاح بھ ڪرڻي آھي. اسين اھي ڪھاڻيون گھرن ۾ پڙھي ئي نٿا سگھون.” شيرين چيو. “پر ميڊم آدرش چوي ٿو، ادب جو ڪم سماج کي سڌارڻ ناھي. اسين اھڙيون ڪھاڻيون پنھنجن مائرن ڀينرن کي ڪيئن ٿا پڙھائي سگھون. آخر اسين نياڻين وارا آھيون.” بھار باغيچي ڪنھن قدر ڪاوڙ جو اظھار ڪيو. ص. 137. ايئن ڪھاڻيءَ کي اخلاقيات جي دائري ۾ بند ڪري ادب جي رستا روڪ ڪئي ٿي وڃي. آدرش انھي موضوع تي ادب جي آزاديءَ جو موقف چٽو رکندي اڪيلو رھجي ويندو آھي. ايئن ڪھاڻيءَ جي موضوعن جي حوالي سان وجوديت، نفسيات ۽ اخلاقيات جھڙن موضوعن کي پيش ڪيو ويو آھي. جنھن ۾ چٽو موقف بھ موجود ھوندو آھي. خاص ڪري ماڻڪ جي ڪھاڻين ۾ وجوديت ۽ وجودي بحران جي بحث کي آندو ويو آھي. نه صرف ڪھاڻين ۾ وجودي بحران پر ماڻڪ جي وجود جو بحث به نمايان آھي. جتي ماڻڪ جي نه سگھيو يا سماج ان ئي جيئڻ نه ڏنو. ايئن ماڻڪ سان گڏ آدرش به سماجي طرح وڙھندي نظر آيو آھي ۽ سماج ۾ ڪھاڻيءَ جي وجود جو بحران به قبوليت ۽ نه قبوليت کي ذڪر ھيٺ آندو ويو آھي. جھڙوڪ “دنيا پئسي کي پوڄيندي آھي. ڪھاڻي گھٽ پڙھندي آھي.” ص. 44. اھو ڪھاڻين جي وجود جو سوال آھي. ڪھاڻي صرف ڪھاڻي نه پر ادب آھي. اتي ڪھاڻي ھڪ جُز طور پيش ڪيل آھي، جيڪو سوال ادب جي وجود سان به ڳنڍيل آھي.
ناول ۾ سٽاير يا ڊارڪ ھيومر:
ناول ۾ ڪيتريون ئي تنز سان ڀريل ننڍڙيون ڪھاڻيون وجود رکن ٿيون، جھڙوڪ ٽڻي ٽامڻي، بھار باغيچي جو نالو زرعي نالو ھجڻ، سڪايل جو لاجواب جي ٽشو سان جنسي ميلاپ ڪرڻ، ناول جي ڪلرڪ واري ڪردار ذريعي سٽاير جو اظھار ڪرڻ موجود آھن.
ان کان سواءِ سماجي طور حيدرآباد جو ڌارين طرفان قبضو، ماڻھن جي بي حسي، اي بي سيءَ جو ڪردار، ڪريما جي زندگي ۽ خاندان جو الميو، ڪھاڻيڪار ڪمال علي جو موت ۽ اھڙيون ٻيون ڪيتريون ئي ڳالھيون ناول ۾ سمايل آھن.
ناول تي تنقيد:
ناول ۾ ڪيترين ئي سٺين ڳالھين سان گڏ ناول تي ميٽالٽريچر جي زمري ۾ تنقيد بھ ڪري سگھجي ٿي، جنھن ۾ سرفھرست اھا ڳالھه آھي تھ ناول ۾ ميٽالٽريچر طور ناول جي صنف تي ئي ڳالھائجي ھا ته بھتر ٿي پئي سگھيو ۽ ڪجهھ جاين تي نئريٽر پاڻ بھ ظاھر ٿئي ھا يا ايئن چئجي ھا ته نئريٽر اومنيشنٽ Omniscient ھجڻ بجاءِ ڪئريڪٽر نئريٽر جو ھجڻ. انھي ٽيڪنيڪ تي بھتر لڳي ھا. ٻيو تھ آدرش جو ڪردار اي ايم فورسٽر E M Forster طرفان آسپيڪٽس آف ناول Aspects of Novel ۾ پيش ڪيل ڪردار ۾ آدرش فلئٽ ڪردار آھي، جيڪا ڪمزور ڪردارنگاريءَ جي نشاني آھي. ڇو ته آدرش جي زندگيءَ ۾ ڪو وڏو موڙ يا ٽوئسٽ نٿو اچي، شروع کان آخر تائين ھڪجھڙو ھوندو آھي. جنھن ۾ ڪنھن وڏي قسم جي تبديلي نھ ايندي آھي خاص طور تي روين ۾. اھڙي ريت ڪھاڻيءَ جو پلاٽ ڪجھه اڌارو کنيل محسوس ٿيندو آھي خاص ڪري پاڪستاني فلم ماهه مير کان. مثال طور ماهه مير فلم ۾ ڪردار جمال بھ ڪالم لکندو آھي تھ آدرش بھ پنھنجي سروائيول لاءِ ڪالم لکندو آھي. آدرش جو ڪالم لاجواب بند ڪرائيندي آھي تھ ماهه مير فلم بھ نينا جيڪا خوبصورت عورت ھوندي آھي، اھا ڪالم بند ڪرائيندي آھي. آدرش کي ڊاڪٽر رجب اڻ ڇپيل مسودي عيوض 20 ھزار ڏيندو آھي تھ فلم ۾ بھ ڊاڪٽر ڪليم جمال کي شاعريءَ جا 50 ھزار ڏيندو آھي. فلم جي آخر ۾ جمال جي شاعريءَ جو مجموعو ڊاڪٽر ڪليم جي مھاڳ سان ڇپيل ملندو آھي تھ ڪيفي ادب ناول ۾ بھ آدرش جي ڪھاڻين جو ڪتاب لاجواب طرفان سرپرائيز طور ملندو آھي. فلم ۾ ڪافي ھائوس ھوندو آھي، جتي اديب اچي بحث مباحثا ڪندا آھن پر ناول ڪيفي ادب ھوندو آھي. ايئن ڪافي ڳالھيون ٿي سگھي ٿو، اتفاقن بھ ملنديون ھجن پر ڪڏھن ڪڏھن اثر گھرو محسوس ٿيندو آھي.
انھن سڀني ڳالھين جي باوجود بھ ناول ڪيفي ادب ۾ الڳ پسمنظر آھي ۽ پنھنجي ڪھاڻي آھي. جيڪا ڪھاڻي سنڌي ادب جي اسٽيبلشمنٽ جي رد ۾ لکيل آھي، جنھن کي پڙھي سنڌي ادب ۽ اديبن جي حال سان گڏوگڏ سماجي قدرن جي بھ خبر پوندي آھي. ڪيفي ادب سنڌي ناولن ۾ خوبصورت اضافو آھي، جنھن کي نھ صرف سمجھڻ پر سنڌي ادب ۽ اديبن کي ان طرف سوچڻ جي بھ سخت ضرورت آھي.
(پورو ٿيو(