ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

مڪاني چونڊون: پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم

مڪاني چونڊن نه نه ڪندي نيٺ ٿي ويون. انهن چونڊن جي اهم ڳالهه اها هئي ته سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم چونڊن جو بائيڪاٽ ڪيو، جنهن جو سڌي ريت فائدو پي ٽي آءِ ۽ جماعت اسلامي کي مليو آهي. ڇو ته ايم ڪيو ايم لنڊن مان اهو حڪم اچي چڪو هو ته ڪوبه ووٽر ووٽ نه ڏيڻ وڃي، ڇاڪاڻ ته مڪاني چونڊن جو بائيڪاٽ ڪيو پيو وڃي. ايم ڪيو ايم پاڪستان، جنهن ۾ هڪ ڀيرو وري سڀئي ڌڙا ملي ويا آهن، انهن به موقعي جو فائدو وٺندي چونڊن جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو. ان ڪري ئي ڪراچي ۽ حيدرآباد ڊويزن ۾ پ پ سڀني سياسي پارٽين کان اڳڀري بيٺي آهي.
جيئن جيئن مڪاني چونڊون ويجهو اچي رهيون هيون، تيئن تيئن پ پ مخالف ڌرين جو چوڻ شروع ڪيو ته سنڌ مان پيپلز پارٽيءَ جو صفايو ٿي ويندو ۽ پيپلز پارٽي ڳوليو ڪونه لڀندي، پر ائين نه ٿيو. پيپلز پارٽي نه رڳو سنڌ جي سڀني شهرن ۾ ڪامياب ماڻي پر ان سان گڏ اها ڪراچيءَ ۾ نمايان پارٽي طور سامهون آئي آهي ۽ سندس پوزيشن اهڙي آهي جو اها ڪراچيءَ ۾ ميئرشپ ماڻي سگهي ٿي. ڪراچيءَ جي ميئر لاءِ جماعت اسلامي دعويٰ ڪري رهي آهي. تنهنڪري گهڻا امڪان ان ڳالهه جا آهن ته جماعت اسلامي، پي ٽي آءِ سان اتحاد ڪري پنهنجو ميئر آڻي ويندي. ڇاڪاڻ ته ڪراچيءَ ۾ پيپلز پارٽي جي ميئر کي نه ته اردو ڳالهائيندڙ آبادي قبول ڪندي ۽ نه ئي ان کي پنهنجو ڪم ڪرڻ ڏنو ويندو. 2002ع جڏهن ايم ڪيو ايم مڪاني چونڊن جو بائيڪاٽ ڪيو هو ته جماعت اسلامي ڪراچيءَ جي ميئر شپ ماڻي ورتي هئي ۽ نعمت الله خان ان وقت ڪراچيءَ جو ميئر ٿي ويو. ان زماني ۾ ايم ڪيو ايم مڪاني ادارن کي ناڪام ڪرڻ لاءِ ڪراچيءَ جا گٽر به بند ڪرائي ڇڏيندي هئي. ان ڪري اهو دور جماعت اسلامي ۽ اتي موجود ٻين پارٽين لاءِ گهڻو ڏکيو هو. پر تنهن هوندي به جماعت اسلامي اهو مدو پورو ڪيو ۽ پوءِ 2005ع ۾ جڏهن مڪاني ادارن جو سڄو ڪاروهنوار ايم ڪيو ايم حوالي ٿي ويو ۽ ايم ڪيو ايم اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال ڪراچيءَ جو ميئر ٿيو هو، جنهن وٽ ايترا اختيار هئا جو ان وقت جي وڏي وزير ارباب رحيم وٽ به ڪونه هئا. ان زماني ۾ ڪراچيءَ جو شهر ايم ڪيو ايم هٿان يرغمال هوندو هو.
هاڻ جڏهن ايم ڪيو ايم مڪاني ادارن جي چونڊن کان پاڻ کي ٻاهر ڪري ڇڏيو آهي ته ايم ڪيو ايم جو ووٽر ضرور ان کان اهو پڇاڻو ڪري سگهي ٿو ته هن کي مڪاني چونڊن جو بائيڪاٽ ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت پيش آئي. ايم ڪيو ايم جي بائيڪاٽ سان شهري علائقن ۾ پي ٽي آءِ کي سپورٽ ملي وئي ۽ ان سپورٽ جي ڪري پي ٽي آءِ جيڪا هن وقت تائين سنڌ ۾ ذري گهٽ نه هئڻ برابر هئي، ان کي وري جيئدان ملي ويو آهي. ايم ڪيو ايم جا ڀلي ڪيترا به ڌڙا ٿي ويا هجن ۽ اهي پاڻ ۾ گڏجي به وڃن پر اڃا تائين به ايم ڪيو ايم جو ووٽر ان لائين تي هلي ٿو، جيڪا لائين الطاف حسين جي آهي. جڏهن الطاف حسين بائيڪاٽ جو اعلان لنڊن مان ڪيو هو ته ان وقت ئي طئي ٿي ويو هو ته هاڻ ايم ڪيو ايم جو ووٽر ڪنهن به ريت مڪاني ادارن جي چونڊن ۾ پنهنجو ووٽ ڪونه وجهندو. ڇاڪاڻ ته ايم ڪيو ايم جي ووٽر جو دلي رشتو اڄ به لنڊن سان قائم آهي. تنهنڪري ان ووٽر لاءِ اهو ڪو مسئلو ئي ڪونهي ته هن کي هتان جي ايم ڪيو ايم ڪيئن ٿي ڏسي ۽ ڪهڙي ريت ان کي ووٽ ڏيڻ لاءِ چوي ٿي.
اهو ضروري ڪونهي ته ڪراچيءَ ۾ جماعت اسلاميءَ جو ميئر آڻڻ لاءِ ايم ڪيو ايم جماعت اسلاميءَ سان گڏجي وڃي پر جيئن ته ان جي مفادن کي بهتر نموني پيپلز پارٽي ماضي ۾ پورو ڪندي آئي آهي ۽ هاڻ به ڪندي پئي اچي ان ڪري امڪان آهن ته ايم ڪيو ايم ڪراچي جي ميئر شپ لاءِ پيپلز پارٽيءَ سان گڏ هجي پر جيئن ته هن وقت اها ان پوزيشن ۾ ڪونهي جو ڪراچيءَ جو ميئر آڻيندڙ پيپلز پارٽيءَ جي سياسي مدد ڪري سگهي، تنهنڪري اها اخلاقي طور ئي هن سان بيٺل هوندي.
پي ٽي آءِ ۽ جماعت اسلامي پنهنجي مزاج ۾ هڪجهڙيون ئي پارٽيون آهن. ٻئي انتهاپسند آهن. تنهنڪري انهن جو اتحاد فطري لڳي ٿو، ڇاڪاڻ ته ٻنهي پارٽين جو نظريو ذري گهٽ ساڳيو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته سڀاڻي جڏهن جماعت اسلامي جو ميئر هوندو ته عمران خان نيازي اختلاف ڪندي يو ٽرن وٺڻ ۾ دير نه ڪندو ۽ جماعت اسلاميءَ سان ڊبل گيم به ڪري سگهي ٿو.
ڪراچيءَ ۾ ڪنهن به پارٽيءَ جو ميئر اچي پر اهو هوندو به وري به ايم ڪيو ايم جي پريشر ۾، ڇاڪاڻ ته ايم ڪيو ايم پنهنجو پاڻ کي ڪراچيءَ جي مالڪ سمجهي ٿي ۽ اها ڪنهن به ريت نه چاهيندي ته اهڙو ميئر اچي جيڪو ايمانداريءَ سان ڪم ڪار ڪري سگهي. تنهنڪري ڪراچيءَ ۾ ٿيندڙ جيڪا به سياست هوندي، جو محور وري به ايم ڪيو ايم هوندي ۽ اها اردو ڳالهائيندڙ آبادي هوندي، جيڪا ايم ڪيو ايم جي ويجهو آهي، جيڪا ايم ڪيو ايم کي ڇوٽڪاري جو ذريعو سمجهي ٿي.
مڪاني چونڊن کان پوءِ جڏهن پيپلز پارٽي گهڻي ڀاڱي سنڌ ۾ ڪاميابي ماڻي ورتي آهي ته ان تي وڌيڪ ذميواري لاڳو ٿي وئي آهي. ان کي مڪاني ادارن وسيلي عوام جي خدمت ڪرڻي آهي ۽ اهي سڀ ڪم ڪرڻا آهن، جيڪي هن وقت تائين نه ٿي سگهيا آهن يا جن جو انتظار عوام کي وڏي وقت تائين آهي. سو پيپلز پارٽيءَ کي هڪ ڀيرو وري موقعو آهي ته اها عوام لاءِ ڪي چڱا ڪم ڪري. ٻي صورت ۾ اهو ضروري ڪونهي ته هر ڀيري عوام پيپلز پارٽيءَ کي ووٽ ڏئي جيئي ڀٽو چوندو رهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button